سنڌ مشهور افسانه نگار ، ناول نويس ،شاعر طارق عالم ابڙو جي 2 ورسي واري تقريب 11 جون 2013

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2013۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سدا سُهڻي اسلوب جي مالڪ افسانه نگار ، ناول نويس ، شاعر
    طارق عالم ابڙو جي 2 ورسي، سنڌي لينگويج اٿارٽي هال
    حيدرآباد 11 جون 2013
    رپورٽ : نثاراحمدناز
    سنڌ جي نامياري ، سدا سُهڻي اسلوب جي مالڪ معروف ناول نگار، شاعر سائين طارق عالم ابڙو جي 2 ورسي طارق عالم ابڙو اڪيڊمي ڄامشوري پاران سنڌي ٻولي اٿارٽي حيدرآباد جي سهڪار سان اڱاري ڏينهن 11 جون 2013 تي سنڌي لينگويج اٿارٽي هال حيدرآباد ۾ ملهائي وئي ، هن ورسي واري تقريب جي صدارتي پينل ۾ محترم رسول ميمڻ ، اياز عالم ابڙو ، ڪراچي کان ڪهي آيل عابد مظهر، معروف ريڊيو ٽي وي جو صداڪار محمود مغل، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جو سيڪريٽري تاج جويو نمايان هُئا. جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري وارا فرائض محترم اسحاق سميجو سرانجام ڏنا. هن پروقار ورسي جي تقريب جو باقائده آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو. شريڪ ٿيندڙن طارق عالم ابڙو جي شخصيت ۽ سندس فني زندگي جي حوالي سان تاريخي ڳالهيون ونڊ ڪيون ۽ کيس پنهنجي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏني.
    ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي ، سنڌ مشهور شاعر عزيز گوپانگ چيو ته طارق عالم ابڙو پنهنجي پاڻ ۾ هڪ تاريخ هو، هُن پنهنجي لهجي ۽ پنهنجي فني پورهئي سان ڄامشوري جي خوبصورت ماحول ۾ رهي ڪري سموري سنڌ ۾ سونهن وکيري آهي ،هو ادبي کيتر ۾ سنڌ جي رتنن ۾ شمار آهي ، طارق عالم ابڙو کرو ۽ سچو ماڻهو هو ، طارق عالم ابڙو پنهنجي پر ۾ هڪ وڏي شهر جيان هو ، جيڪو مُسلسل ويجهندو ويو، ۽ خوشبوءَ جيان وکرندو ويو. طارق ۽ ڄامشورو سنڌ واسين لاءِ اُتساهه آهن ۽ سدائين رهندا.
    هن پروقار ورسي جي تقريب ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي نامياري شاعره ، ليکڪه سانئڻ زيب نظاماڻي چيو ته طارق عالم ابڙو کي هو ڪڏهن به وساري نٿي سگهي ، طارق يگانو ۽ البيلو انسان هو ، هن جون سموريون تخليقون فطرت جي ويجهو ترين آهن ، طارق عالم ابڙو جون جيڪڏهن ڪو ويهي ساروڻيون سهيڙي ته ڪافي سارا ناول ، ڪافي ساريون نڪور ڪهاڻيون جُڙي سگهن ٿيون ، طارق پنهنجي فن ۾ البيلو ماڻهو، پنهنجي فڪر ۾ به البيلائيءَ جي بلندين تي هو.
    ان موقعي تي معروف سنڌي ليکڪ محترم زيب سنڌي طارق عالم ابڙو کي پنهنجي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي چيو ته مون لاءِ اسٽيج تي بيهي ڳالهائيڻ ڪو مسئلو ڪونهي پر طارق عالم ابڙو جي شخصيت تي ڳالهائڻ وڏي مشڪل ڳالهه آهي، هو سدائين طارق عالم ابڙو سان ويجهو رهيو آهي، طارق ادبي دنيا جو بهادر ماڻهو هو، سندس فني خدمتون ايتريون ته شاندار آهن جو انهن فني خدمتن تي ويهي ڳالهائجي ته راتين جون راتيون گُذري وينديون ته به پوري ڪونه پئجي سگهنداسين. اسان کي کپي ته طارق عالم ابڙو جي شخصيت ۽ سندس فني شهپارن تي مسلسل لکون ۽ اهي ليک اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي پڙهايون ته اسان جي ايندڙ نسل کي خبر پئي ته طارق عالم ابڙو اسان جي سنڌ جي سُونهن هو ۽ سُونهن رهندو.
    ان کانپوءِ سنڌ مشهور فنڪار مظهر حُسين کي طارق عالم ابڙو جي شخصيت تي ڳالهائڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايو ويو جنهن طارق عالم ابڙو جو گيت : پسن ٿا نيڻ نماڻا پري پري تائين ، اوهانجا رنگ او راڻا پري پري تائين سُر راڻي ۾ ترنم ۾ ڳائي ٻُڌايو ۽ ساري محفل کي جهومائي ڇڏيو. شريڪ ٿيندڙن تاڙيون وڄائي فنڪار مظهر حُسين کي داد ڏنو.
    سنڌي شاعره نويده شاهه پنهنجي هڪڙي خوبصورت نظم ذريعي طارق عالم ابڙو مرحوم جي شخصيت کي پرخلوص ڀيٽا ڏني. نويده شاهه جي خوبصورت ڀيٽا تي هال ۾ ويٺل سڀني ماڻهن تاڙيون وڄائي شاعره نويد شاهه کي دل جي گهرائين سان داد ڏنو.
    طارق عالم ابڙو جي لازوال شخصيت ۽ سندس فني ۽ فڪري ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي ، طارق عالم ابڙو جو ويجهو دوست علمي ادبي شخصيت عابد مظهر جيڪو هن ورسي واري تقريب ۾ ڪراچي کان ڪهي آيو هو طارق عالم ابڙي جي باري ۾ پنهنجون ساروڻيون ونڊيندي چيو ته طارق منهنجو پيارو دوست هو، اسان طارق عالم ابڙو جي ڪتاب “رهجي ويل منظر” جا ڪردار آهيون ، طارق عالم ابڙو جا اسان سڀ دوست يڪ جان هڪ قلب جيان هوندا هُئاسين پر طارق پنهنجي دوستن مان سڀ کان زياده پيارو نصير مرزا کي رکندو هو، هنن ٻنهي دوستن جي جوڙي ان وقت “هنجن جي جوڙي” طور ڄاتي ۽ سُڃاتي ويندي هُئي. عابد مظهر اکين مان آب هاريندي چيو جيئن ته طارق عالم ابڙو جي وڇوڙي کي ٻه سال گُذري چُڪا آهن پر الائي ڇو هو طارق جو موبائل نمبر اڃا تائين پنهنجي موبائل نمبر مان ڊيليٽ نه ڪري سگهيو آهي. طارق عالم ابڙي سان ڄامشوري ۾ گهاريل لمحا سندس زندگيءَ جو اساسو آهن، ڄامشوري جي هوائن جي هُڳاءُ ۾ اڄ به طارق عالم ابڙو جي ياد رچي ۽ وسي پئي آهي.
    طارق عالم ابڙو جي ڪتاب رهجي ويل منظر جي هڪڙي ٻي ڪردار سندس ويجهي دوست مشهور ريڊيو ۽ ٽي وي جي صداڪار محمود مغل روئڻهارڪو ٿيندي چيو ته طارق عالم سان سندس دوستي جو رشتو چند سالن جي رفاقت سان سهيڙيل ڪونهي پر هو سمجهي ٿو ته طارق عالم ابڙي سان سندس دوستيءَ جو رشتو صدين جي رفاقت سان وابسته آهي، هو سنڌ جو ارڏو پُٽ هو، جڏهن طارق عالم ابڙي جي ماءُ ۽ سندس ماءُ گڏبيون هُيون ته ڪنهن کي به خبر ڪانه پوندي هُئي ته ڪهڙي ماءُ ڪنهنجي ماءُ آهي، طارق عالم ابڙو ڪرڪيٽ جو شوقين هوندو هو ۽ ڪرڪيٽ جو هڪڙو سٺو رانديگر پڻ هو، طارق عالم ابڙو جسماني طور ڪمزور هو پر سندس اندر ۾ هڪڙو مضبوط انسان موجود هو، طارق عالم ابڙو سينو تاڻي بيهڻ وارو شخص هو، طارق عالم ابڙو ور اسٽائل ليکڪ هو، سندس لکڻين ۾ ڄامشورو ۽ سنڌ اصل خوشبو جيان عالم آشڪار هُئا، طارق عالم ئي اسان کي سمجهايو هو ته ڊرامو ڪيئن لکيو ويندو آهي. طارق اسان وٽ جسماني طور موجود ڪونهي پر سندس نه وسرندڙ يادون هر وقت اسان سان گڏ آهن ، طارق ڀلي جو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي پر طارق عالم ابڙو پنهنجي دلڪش لکڻين جي صورت ۾ هميشهه زنده رهندو.
    سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جي سيڪريٽري تاج جويو طارق عالم ابڙو کي پنهنجي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏيندي چيو ته طارق عالم ابڙو جي ٻي ورسيءَ تي سندس ويجهن دوستن کيس وساري ڇڏيو آهي . طارق عالم ابڙو جو محبوب دوست نصيرمرزا جو هن ورسي واري تقريب ۾ شريڪ نه ٿيڻ عجيب پيو محسوس ٿئي. طارق عالم ابڙي جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن . طارق جيتوڻيڪ تمام گهڻو جذباتي هو پر هو پنهنجون غلطيون تمام جلدي مڃي وٺندو هو. جيئن ته طارق هڪڙو بهترين نثرنويس ، افسانه نگار، ناول نويس هو پر جيئن ته هو شاعر آهي ان ڪري هن طارق عالم ابڙو جي شاعري تي راين جي صورت ۾ لکيو آهي، طارق عالم ابڙو جي دلڪش شخصيت جو اهو اثرهوندو هو جو ان وقت ماڻهو، ادب دوست ۽ اديب طارق جي خامين کي به خوبيون ڪري مڃيندا هُئا.
    طارق عالم ابڙو جي ورسي واري تقريب جي صدارتي پينل جي صدارت ڪندڙ نامور ڪهاڻيڪار محترم رسول ميمڻ ، طارق عالم ابڙو جي فني ۽ فڪري شخصيت تي هڪڙو زبردست مقالو پڙهيو جنهن ۾ هن چيو ته طارق عالم ابڙو سنڌي ادب جي اُڀ جو اهو چمڪندڙ چنڊ آهي جنهن جي روشني ڪڏهن به جهڪي ٿي نه ٿي سگهي، طارق عالم ابڙو پنهنجي پر ۾ هڪ روشن خيال ۽ وشال ذهنيت جو مالڪ هو، طارق عالم ابڙو محبتون ورهائڻ ۽ محبتون پائڻ جو فن چڱي ءَ طرح ڄاڻندو هو ، طارق عالم ابڙو بظاهر ته تمام ڪمزور انسان هو پر سندس قلم جي سگهه ايڏي ته شاندار ۽ طاقت ور هُئي جو جيڪو ماڻهو به طارق جي قلمي پورهئي کي پڙهندو هو، اهو طارق عالم ابڙو جي قلمي پورهئي جي وهڪري ۾ ايتري قدر ته وهي ويندو هو ڄڻ پڙهندڙ سندس لکڻين جا خود زنده ۽ جاويدان ڪردار هُجن.

    طارق عالم ابڙو جي شخصيت تي وڌيڪ ڳالهائڻ وارن ۾ نصير ڪُنڀار، امر لغاري، طارق عالم ابڙو جو ڀاءُ اياز عالم ابڙو هُئا، اياز عالم ابڙو پنهنجي ڀاءُ طارق عالم ابڙو کي ياد ڪندي ڪافي دير هنجون پڻ هاريندو رهيو،
    طارق عالم ابڙو جي 2 ورسي واري تقريب ۾ طارق عالم ابڙو جي وني سانئڻ رضيه ابڙو، سندس گهر جا ڀاتي، ٽنڊو محمد خان شهر کان ڪهي آيل نثاراحمد ناز، آغا جان آغا، ڪنڌ ڪوٽ شهر کان ڪهي آيل مصطفي آڪاش نوناري ، صبا نوناري، حيدرآباد شهر جو صحافي پنجن ڪتابن جو تخليق ڪار محترم غلام مصطفي سولنگي، حيدرآباد جون ادبي شخصيتون خالد آزاد ، اعجاز مري، زاهد اوٺو، محترما فهميده جروار ۽ وڏي تعداد ۾ اديبن ادب دوستن شرڪت ڪئي . اهڙي طرح هي طارق عالم ابڙو جي 2 ورسي واري تقريب شام 6 وڳي کان شروع ٿي رات جي 10 وڳي تائين پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي.

    پيش آهن هن ورسي واري تقريب جون تصويري جهلڪيون
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو