ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي خانداني چارٽ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔۔۔؟ مون اها ڪوشش ڪئي پر طريقي ڪار جي سمجهه نه پئي آهي۔۔۔ آخر گوگل کان مدد گهري ته اتان ٽرائيبل پيجز سائيٽ جو ڦيرو ڀرڻ لاءِ چيو ويو۔۔۔ سائيٽ تي وزٽ ڪرڻ سان سڀئي مسئلا حل ٿي ويا۔۔۔۔ هن سائيٽ تي سڀ کان پهريان توهان رجسٽريشن حاصل ڪري پنهنجو ويب پنو ٺاهيو۔۔۔۔ جنهن کان پوءِ سائيٽ توهان کي قدم بقدم آساني سان پنهنجو خانداني چارٽ بنائڻ سيکاريندي۔۔۔ هڪ دفعو خاندان جي وڏي جو نالو داخل ڪرڻ کانپوءِ توهان آساني سان اڳتي وڌي سگهندو۔۔۔ سمورو ڪم مڪمل ڪري توهان پنهنجو تيار ڪيل خانداني چارٽ پنهنجي دوستن کي ڏيکاري سگهو ٿا۔۔۔ يا لنڪ اي ميل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ جيڪڏهن چاهيو ته پنهنجي بڻايل خانداني چارٽ ۾ موجود فردن جون تصويرون يا مختصر تعارف به لکو ۽ ان ويب پني کي محفوظ رکندي پاسورڊ پڻ لڳائي سگهو ٿا۔۔۔ جيئن صرف اهي ماڻهون ڏسي سگهن جن کي توهان پاسورڊ ٻڌايو۔۔۔ هتي اڳي ئي کوڙ تيار ڪيل وڏن ماڻهن جا چارٽ موجود آهن ۔۔۔۔ مثال طور۔۔۔ انگريزن جي رائل فيملي جو هي چارٽ۔۔۔ اهڙي زبردست ۽ مفت ۾ سهولت ڏيندڙ ويب سائيٽ تي وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔