ها اسين سڀ، هاء گهوڙا ڪرڻ جا عادي ٿي چُڪا آهيون، اِهو انساني الميو آهي، يا، ڪو سماجي لقاءُ، پر ڪير به اِهو نٿو بُڌائي ته، هي جي حُضوري، اِرتقا لاء ضروري آهي، يا مُنهن ڀر ڪِري جيئڻ لاء هوندي آهي، آئون هُن کان پُڇان ٿو، پر هِڪ واعظ آ، جيڪو مُنهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي، ها هي غُلامي جي اُرهه، الائي جي ڪيترن نسلن تائين محيط آهي، آئون اِهو نٿو ڄاڻان ته، ها هڪ نمل نسل ، اسان سڀني جو پيڇو ڪري رهي آهي، ڇا؟ تون اِهو نه ٻُڌو آهي ته، ڍئو هڪ خوبصورت سماجي افعال هوندو آهي، آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته، انسان کي غير فطري طريقي سان سماجي بڻائڻ، ڇو ضروري آهي؟، ۽ هڪ بخيل انسان جا ويچار ، ايڏا وڻندڙ ڇو هوندا آهن؟، ها، انساني اُڀي ساهي جا الميا، ڪيڏا نه پُراڻا ٿي چُڪا آهن، پر پوء به هي انسان، سماجي سڪراتن جو هُوبهو هڪ اولڙو آهي، عقيدن جي حُڪمراني ء ڪوس گهرن ۾، ڪيترو فرق هُوندو، آئون اڃا تائين نه سمجهي سگهيو آهيان،