• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هينئڙو ساري

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
(من جي تارن کي ڇهندڙ شاعري مون کي ڏاڍو آئڙي ٿي، رچناڪار ڪهڙي به ديس جو هجي، جيڪڏهن هن جي شاعري ۾ تڙڦ آهي ته اها من جي تار کي ڇهي وٺي ٿي۔ اياز امر شيخ سان منهنجي نه ڪا ملاقات ٿيل آهي ۽ نه وري اسين هڪ ٻئي کي ڄاڻون سڃاڻون پر هن جي شاعري مون کي وڻندي آهي، ڇاڪاڻ ته هن جي شاعري اعلى درجي جي آهي:معصوم)
```````````````````````````````````````````````````````````````````````````````````````````````````
هينئڙو ساري

اياز امر شيخ


وسڪاري جي ويل وري آ،
ڪجلا توبن ڪا نه سري آ،
هينئڙو ساري هيل وري آ.
روهيڙن تي رنگ ڦُٽا هن،
هُل همرچو چنگ چٽا هن،
ساوڪ پاتا سُونهن لٽا هن،
کنوڻين لاٿا کيل وري آ.
هينئڙو ساري هيل وري آ.
چاهت جا چنڊ چڙهيا آهن،
خواب ٿي ٽيڙو ٽڙيا آهن،
آس ڪَتين ڪَر موڙيا آهن،
رُت مهڪي رابيل وري آ.
هينئڙو ساري هيل وري آ.
پرچي پپيهن پريتون پايون،
مُحبت مُکڙيون مُرڪي آيون،
مور ٽهوڪا تَل ترايون،
ڊوڙون پائي ڊيل وري آ.
هينئڙو ساري هيل وري آ.
چوڙا ڪنگڻ چيلهه تي چوٽيون،
ڳائن سهرا سُونهن جا سکيون،
تولئه آتيون دَر ۾ اکيون،
چاڳ چُمڻ جي مهل وري آ.
هينئڙو ساري هيل وري آ.
سانولڙا ساهه توکي ساري،
رکيم تو لئه ڏيئا ٻاري،
هير به ٿڌڙي لڱ پئي ٺاري،
منوا موسم ميل وري آ.
هينئڙو ساري هيل وري آ.
 
Back
Top