• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

14 جون رت ڏيڻ جو عالمي ڏينهن

نذير احمد لغاري

سينيئر رڪن
14 جون رت ڏيڻ جو عالمي ڏينهن
14 جون کي عالمي طور تي رت ڏيڻ جي ڏينهن جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي ته جيئين بين الاقوامي سطح تي سڀئي ماڻهو چاهي ڪهڙي به رنگ نسل جا هجن، اهي هن ڏينهن کي ياد رکن ۽ گهٽ ۾ گهٽ هر ماڻهو زندگي ۾ هڪ دفعو رت جو عطيو ڏئي اهو ان جي صحت لا انتهائي ضروري آهي۔ ڊاڪٽرن جو ته اهو خيال آهي ته هڪ صحت مند ماڻهو ٽن مهينن جي وقفي کانپو رت ڏئي سگهي ٿو۔
انساني جسم ۾ رت جو ٺهڻ به هڪ قدرتي نعمت آهي ۽ جن ماڻهن جي جسم ۾ رت نٿي ٺهي ته انهن کي ٿيليسيميا جو مريض چيو ويندو آهي ۽ هنن مريضن کي وقتن بوقتن رت جي ضرورت پوندي آهي ۽ هي هڪ موروثي بيماري آهي جيڪا ما پي ٻنهي کي ٿورو به اگر مائينر ٿيليسيميا جو اثر هوندو ته اهو انهن جي اولاد تي ٿيندو جنهن کي ميجر ٿيليسيميا چيو ويندو آهي۔ هن بيماري ۾ ورتل ٻار وڌ ۾ وڌ 25 سال تائين زنده رهي سگهي ٿو۔ ان لا ڊاڪٽرن جو مشورو هوندو آهي ته شادي کان پهرين ٿيليسيميا جو چيڪ اپ ڪرائڻ انتهائي ضروري آهي ۽ اگر مرد يا عورت ڪنهن به هڪ ۾ ٿورو به اثر ظاهر ٿئي ته پو ان ڳالھ خيال رکڻو پوندو ته شادي ٿيڻ واري جوڙي ۾ ٻنهي کي مائينر ٿيليميسيا نه هجي نه ته ٻار تي بيماري جو اثر ٿي سگهي ٿو پر جيڪڏهن ڪنهن هڪ تي آهي ته احطيات ڪرڻو پوندو۔
گهڻا ماڻهو رت ڏيڻ کان گهٻرائيندا آهن پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رت ڏيڻ سان صحت سڌرندي آهي ۽ اڳي کان وڌيڪ نکار پيدا ٿيندو آهي ائين سمجهو ته ڪنهن تالا مان پراڻو پاڻي ڪڍي نئو تازو ڀرجي ته اهو وڌيڪ دلڪش لڳندو آهي۔
رت جا مختلف گروپ يا نمونه هوندا آهن ۽ انهن جو هڪٻئي ۾ جذب ٿيڻ به هڪ قدرتي ڪرشمو آهي پر ڊاڪٽر پنهنجي مهارت سان تجويز ڪندا آهن۔
اڄ جي ڏينهن جي حوالي سان اسان کي گهرجي ته وڌ کان وڌ رت ڏيڻ جي اهميت کي اجاڳر ڪريون ۽ ان ڳالھ جو خاص خيال رکون ته قدرت واري اسان کي جيڪا صحت بخشي آهي ان تي ٻين ضرورتمند ماڻهن جو پڻ حق آهي ۽ اسان کي اهو حق ادا ڪرڻ گهرجي۔
 
بهترين ونڊ آهي سائين۔۔ يقينن صحتمند ماڻهو کي رت ڏيڻ گهرجي ان سان ان ماڻهو جي ته صحت بهتر ٿيندي ئي ٿيندي پر ان جي اهڙي عمل سان رت جي ضرورتمند جو به ڀلو ٿي ويندو۔۔اميد ته اوهان جو ليک گهڻن ماڻهن جي ذهنن تي اثر انداز ٿيندو۔
 
Back
Top