ڪجهه وڏا وڏا ماڻهون اهڙا هوندا آهن جي هميشه اسڪرين جي پويان رهي ڪري ... وڏا وڏا ڪم ڪري ويندا آهن ... هي دوست به شايد اسڪرين جي پويان ئي رهندو آهي ۽ اسان سڀني جي ڪرتوتن تي نظر رکندو آهي ... جنهنجو ثبوت هي وڊيو آهي ...!!! ڪري ويو نه وڏو ڪم !!!
سائين محترم ابراهيم جويي جي سڄي تقرير ۽ انگ اکر پنهنجي جاءِ تي حق ۽ سچ آهن ۽ اسانجي منهن تي هڪ چنبو آهن ... پر سندس هڪ جملو، انتهائي سوچڻ جي لائق آهي .... اهو آهي ته؛
we (sindhis in pakistan) are in terrible minority
اسين (سنڌي پاڪستان ۾) حد تي پهتل ٿورائيءَ ۾ آهيون ...
هاڻ دوست چوندا ته ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ پر آءُ چوندس ته اهو ئي وڏو سوال آهي ... اوهان جا سڀ فيصلا گهڻائي ۽ ٿورائيءَ تي آهن ...
مثال اوهان چوندا ”ها“ ته گهڻا چوندا ”نه“ بس ڳالهه ختم ... اوهان جي ”ها“ ”نه“ ۾ تبديل ٿي ويندي ...