• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 14 جون تاريخ جي دريءَ مان

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
اڄوڪي ڏينهن 14 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

14 جون 1746ع اسڪالر آخوند عزيز الله ميمڻ (مٽياري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 جون 1935ع شاعر الله رکيو ڳورڙ جي پيدائش ٿي.
14 جون 1935ع شاعر قاضي اميد علي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 جون 1935ع سماجي اڳواڻ استاد الھہ رکيو ڳورڙ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 جون 1940ع ليکڪ قمر عباسي (شهداد پور) جو جنم ڏينهن آهي.
14 جون 1943ع شاعر الھہ ڏنو دکي (باڊهہ) جي پيدائش ٿي.
14 جون 1948ع صحافي جيوت رام (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي.
14 جون 1960ع شاعر منظور مسافر جو جنم ڏينهن آهي.
14 جون 1961ع اداڪار ڪمار گهنشياڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
14 جون 1974ع ليکڪ احسان زنگيجو (ميهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

14 جون 1914ع مذهبي عالم ۽ بزرگ پير صاحب ڏنو جو انتقال ٿيو.

حوالہ:


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
تاريخ ڳالهائي ٿي

14 جون 1948 ۾ قائداعظم محمد علي جناح ڪوئٽا ۾ فوجي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته فوج ئي عوام ۽ ملڪ جي تحفظ جي ذميوار آهي .

14 جون 1949 ۾ اڳوڻي وزيراعظم لياقت علي خان واهه ڪينٽ ۾ مهاجر ڪيمپ جي دوري دوران مهاجرن کي مدد جي خاطري ڪرائي.

14 جون 1955 ۾ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ سجاد ظهير ،فيض احمد فيض ۽ ٻين جي آزاديءَ جو فيصلو ڪيو ويو.

14 جون 1972 ۾ پنجاب ۾ اردو ٻولي کي سرڪاري ٻولي طور نافذ ڪيو ويو.

14 جون 1973 ۾ ولي خان جي مداخلت کان پوءِ عوامي نيشنل پارٽي بلوچستان ۾ سول نافرماني واري تحريڪ کي ملتوي ڪيو ويو.

14 جون 1982 ۾ سعودي عرب جي بادشاه شاهه خالد جي موت تي پاڪستان سوڳ جو اعلان ڪيو.

عوامي آواز جي ٿورن سان
 
Back
Top