سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عبدالرحيم طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2010۔

  1. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    سنڌي نصاب ۾ شامل ڪيل هي سبق سنڌ جي مايه ناز محقق شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جو لکيل آهي. سبق جي شروعات ”سنڌ جي آڳاٽي تهذيب“ سان ڪندي لکيو اٿس ته سنڌ جا ماڻهو خوشحال، صحتمند ۽ آسودا هئا. پنهنجن وڏن توڙي خوشيءَ جي موقعن تي ميل ملاکڙا، دنگل ۽ عجيب ۽ غريب جسماني ڪرتب ڏيکاري، سورهيائيءَ ۽ جي ساک ڏيندا هئا. خاص ڪري عيد جي ڏينهن تي مسلمانن جون جماعتون مولود چوندون، شهر جي کليل ميدانن ۾ نڪري نروار ٿينديون هيون عيد گاهن ۾ نماز بعد سماع جون محفلون مچي وينديون هيون، سماع دوران وري معجراين، مولودائين ۽ مدائين ۽ مداحين جاچٽا ڀيٽي مقابلا به ٿيندا هئا، ايتري قدر جو سگهڙ، شاعر ۽ سرويچ به رڙهي اچي ميدان ملهائيندا هئا. نه صرف مسلمان پنهنجي وڏن ڏينهن تي اهڙيون محفلون ڪندا ها، بلڪ هندو به پنهنجن خاص ڏڻن، جهڙوڪ دسهڙو، ڏياري، هولي يا شادين وغيره جي موقعن تي سانگ، پتلين جا کيل ۽ رام ليلائون وغيره رچائي خوشيءَ جو اظهار ڪندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جي پاڻ ۾ ايتري قدر ته پريت هوندي هئي، جو هڪ ٻئي جي خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندا هئا.
    اڳئين ماحول کي مدنظر رکي، جيڪڏهن موجوده حالتن تي ڳوڙهو ويچار ڪجي ته رات ڏينهن جو پڻ فرق اڀري اچي ٿو. ۽ خوشين ۾ ڪافي گهٽتائي محسوس ٿئي ٿي. انهي جو سبب اهو معلوم ٿئي ٿو ته اڄ گهرجون وڌيل آهن ۽ هر ڪنهن کي ڳڻتين جا ڳاراڻا ڳاري رهيا آهن.
    ڊاڪٽر صاحب ماحول کي سامهون آڻي، اها راءِ ڏني آهي، ته اڄ به وقت نه ويو آهي ۽ اسان جيڪڏهن پنهنجي مصروفيتن مان ڪجھ وقت ڪڍي، پاڻ سنڀالڻ سان گڏ تاريخ جا ورق اٿلايون، ته هوند اسان به انهن آڳاٽن سنڌين جيان خوشحال ۽ سورهيائي واري حياتي گذاري سگهون. انهيءَ لاءِ پختو ارادو ۽ ڪامل يقين ڪرڻ لازمي آهي.
    ڪوشش ڪري شهر، ڳوٺ توڙي گهر جي وڏڙن وٽان آڳاٽي زماني جي واقعن جي ڄاڻ وٺي، سندن ڇڏيل ريتن رسمن کي برقرار رکون. اڄ به جيڪڏهن اهڙي سونهري موقعي مان لاڀ نه لڌوسي، ته هڪ ڏينهن اهي وڏڙا سمر ساهي اسهي ويندا ۽ اسان سکڻا هٿ مهٽي، افسوس ڪندا رهنداسي، جنهن مان ورڻو ڪجھ به نه آهي.
    ڊاڪٽر دائود پوٽو سبق جي ٻئي حصي ۾ ”سنڌ جي علم ادب“ تي ڀرپور روشني وڌي آهي. لکي ٿو، ته قديم زماني کان سنڌ عالمن، عارفن، شاعرن ۽ صوفين جي سرزمين رهي آهي. هو هڪ ئي وقت علام ۽ فاضل به هئا، ته اديب ۽ اهل قلم به. هڪ طرف هنن زندگي سنوارڻ لاءِ هر پهلوءَ تي قلم کنيو، ۽ ٻئي طرف حياتيءَ جي نون ۽ اڻ ڏٺل پنڌن ۽ پيڃرن جا پانڌيڙا بڻجي، سنڌن جي گاهي بگاهي رهبري ڪئي.
    اهڙن سپوتن، سگهڙن، سرويچن ۽ شاعرن جا جوڙا پهاڪا، چوڻون ۽ قول ڪلام، اسان کي زندگي سنوارڻ لاءِ مددگار بڻجن ٿا. شاعريءَ متعلق پنهنجي راءِ هن ريت قلمبند ڪئي اٿس، ته اسان جي سنڌي قديم شاعريءَ بنسبت ڪي به پيرن شهادتون نه ٿيون ملن البته ساموئي (ماموئي) فقيرن، شيخ حماد مالي، قاضي قاضن، نوح هوٿياڻي، اسحاق آهنگر، ستو دل ۽ شيخ پراڙ وغيره جو ذڪر ڪيل ملي ٿو.“ حلانڪ سندس راءِ انهيءَ سان هرگز متفق ناهي. سندس کوجنا موجب سنڌي شاعريءَ جي شروعات، هالڪنڊيءَ جي بزرگ مخدوم احمد ڀٽي جي ٻن شعرن سان ٿي آهي، جيڪي مخدوم صاحب 1528ع ۾ حيدرآباد شهر جي هڪ سماع واري محفل ۾ چيا هئا.
    دائود پوٽي صاحب، قاضي قاضن کي ٻيو نمبر، سنڌي شاعر سڏي ٿو، سندس هٿ آيل ست بيت، شاھ عبدالڪريم بلڙي رحمت الله عليه جي رسالي ۾ محفوظ آهن. ان کان پوءِ پير محمد لکويءَ کي ٽيون نمبر شاعر مقرر ڪيو اٿس. اهڙيءَ طرح سنڌ جي صابرين سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري کي چوٿين نمبر تي آندو اٿس. کانئس پوءِ شاھ عبايت صوفي جهوڪ واري، شاھ عنايت رضوي، عثمان احساني ۽ شاھ لطيف الله قادري جا نالا فهرست ۾ شامل آهن.
    علم ادب بابت وڌيڪ ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته سيد عبدالڪريم جي ڏينهن کان پوءِ لڳاتار هڪ صديءَ تائين سنڌي شاعريءَ ۾ خال پيدا ٿيو. جنهن کي ڪلهوڙي جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه وڃي پُر ڪيو.
    عام طرح ڪلهوڙن جي صاحبيءَ کي ”سنڌي شاعريءَ جو سونهري دور“ سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن دور عروضي شاعريءَ ۾ تمام سٺا شاعر پيدا ڪيا، جنهن ڪري سنڌ جو علم ادب هر لحاظ کان وڌيو، ويجهو اسريو، اڀريو ۽ پڻ بلند مقام حاصل ڪيو. ستونجاھ سالن جي وقفي بعد مير ملڪ ۾ وارد ٿيا. سندن ايامڪاريءَ ۾ هفت زبان شاعر سچل سرمست فاروقي درازي، آسردلس ”آسو“ دلپتراءِ ”صوفي“ ۽ سيد ثابت علي شاھ جهڙا ناميارا شاعر پيدا ٿيا. اهڙيءَ طرح انگريزن جو راڄ سنڌ تي قائم ٿيو، جنهن ۾ خليفو گل محمد ”گل“ هالائي، فقير حمل لغاري ۽ سيد مصري شاھ نصرپوري پيدا ٿيا، جن علم ادب جي خوب آبياري ڪئي.
    ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب نظم سان گڏ نثر جو به ذڪر آندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سندس راءِ مطابق مخدوم عبدالرحيم روهڙي رحمت الله عليه جا ملفوظات، ۽ سيد عبدالڪريم بلڙي ۽ خواجه محمد زمان لواري رحمت الله عليه جون تعليمات هن ڏس ۾ اوليت رکن ٿيون. آخوند عزيزالله ميمڻ مٽيارين واري جو تحت للفظ قرآن پاڪ، ديوان ننديرام ميراڻي سويهاڻي، ديوان اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي ۽ ميران محمد شاھ (اول) جا نالا قيدم نثر نويسن ۾ نمايان آهن، اڳتي هلي شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو قديم طرز تي نثر به نه وساريو اٿس، جنهن ”خورشيد“ ۽ ”زينت“ ناول سنڌي ادب کي ترجمو ڪري ڏنا، قاضي هدايت الله ”مشتاق“، نثري سلسلي ۾ رنگيني، رعنائي ۽ عبارت آرائي کي فروغ ڏنو. ساڳئي وقت مولوي عبدالحق ”خليق“ مورائي پڻ سنڌي نثر جي سلسلي ۾ پيش پيش رهيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به ”حياتي النبي“ ۽ ٻيا ڪتاب لکي بنيادي نثر ۾ سڌاريون اٿس، جنهن ”مقدمه لطيفي“ ۽ ”نورجهان“ جهڙا مثالي ڪتاب ڏنا.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب

    تمام بهترين معلومات آهي ادا
    شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽي بابت

    سدائين گڏ
     
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب

    ادا عبدالرحيم،
    تمام بهترين ليک آهي، توهان ان لاء يقينن مبارڪباد جا مستحق آهيو۔۔

    منتظمين کي گذارش آهي ته هن ليک کي صحيح شعبي ۾ منتقل ڪيو وڃي۔۔ ته مهرباني ٿيندي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو