• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هوشيار خبردار...ڪن جي صفائي ۾ احتياط ڪريو...

ممتاز قريشي

سينيئر رڪن
cleaning-ears.jpg
ear-buds.jpg

اسان مان ڪيترائي دوست پنهنجن ڪنن کي صاف ڪرڻ لا مختلف ڪاٽن بڊز، وارن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪانٽا، ڪاٺي يا تيلي وغيره جو استعمال ڪندا آهن ڪي ته رڳو ٽائيم پاس ڪرڻ لا ، ڪي وري ڪن ۾ خارش جي ڪري به اهي شيون استعمال ڪرڻ کان ڪو نه ڪيٻائين۔
توهان سڀني سڄڻن کي ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جي ڪن ۾ الله پاڪ ڪجهه اهڙا غدود رکيا آهن جيڪي هڪ قسم جي رطوبت خارج ڪندا آهن جنهن کي ويڪس (wax) جي نالي سان سڏجي ٿو۔ اها ويڪس بيڪٽيريا ۽ مختلف قسم جي جراثيمن کي ڪن ۾ واڌ ڪرڻ کان روڪيندي آهي۔ ان کان علاوه ڪن ۾ مٽي ۽ ڪا ٻاهرين شي وڃڻ کان به بچائيندي آهي۔
اها ويڪس ڪڏهن ڪڏهن تمام گهڻي ٺهي ويندي آهي جنهن کي ڪڍڻ جي ضرورت به پئجيو وڃي پر ان لا ٻيا محفوظ طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن۔
مثال طور: سرنجنگ ۽ سڪشننگ (syringing and suction)
هن طريقي سان ڪن جي صفائي ڪرڻ لا انجيڪشن جي ذريعي پاڻياٺ ڪن ۾ وجهي ان کي نلڪي ۽ مشين ذريعي ڇِڪيو ويندو آهي جيڪو هڪ بهتر ۽ محفوظ طريقو آهي۔
ڪن ۾ غير ضروري ڪا به شي وجهڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي۔ خاص طور تي نوڪدار شيون ۽ ڪاٽن واريون تيليون وغيره۔
Ear-cleaning-stick_12909-1024x768.jpg


ڪن ۾ ٻُڌڻ جو عمل:
مختلف قسم جا آواز لهرن جي شڪل ۾ اسان جي ڪن ۾ ٺهيل هڪ حساس ۽ نازڪ پردي ۾ لرزش پيدا ڪندا آهن۔ ان لرزش سان مختلف سگنلز پيدا ٿين ٿا جيڪي اتي موجود خاص قسم جا نيورانز ڪرنٽ جيان اسان جي دماغ ۾ موجود ٻولي ۽ ياداشت جي مرڪز تي پهچائين ٿا۔ اهڙي طريقي سان اسان آواز ۽ ان جو مفهوم سمجهي سگهندا آهيون۔
ٻُڌڻ جي عمل لا ڪن جي پردي جو موجود هجڻ ۽ درست انداز ۾ ڪم ڪرڻ بيحد ضروري آهي۔ ان نازڪ پردي کي ايئر ڊرم (eardrum) چوندا آهن۔ ياد رهي ته ڪن ۾ ڪا به ٻاهرين سخت شي ان کي آساني سان زخم رسائي سگهي ٿي۔
8006.img

ڪن ۾ بار بار صفائي ڪرڻ سان انفيڪشن ٿيڻ جو خطرو به وڌي ويندو آهي۔ ان کان علاوه ڪن جو نازڪ پردو ڦاٽي پوڻ سان اسان ٻُڌڻ جي صلاحيت کان به محروم ٿي سگهون ٿا۔۔!!

انڪري هوشيار، خبردار۔۔ڪن ۾ ڪجهه به نه وجهندا ڪريو۔۔احتياط علاج کان بهتر آهي۔۔

1000173_658868270793397_856699150_n.jpg
صحت بابت ڄاڻ پاڻ به حاصل ڪريو ۽ ٻين تائين به پهچايو
 
هڪ بهترين ڪارائتو ۽ مفيد مضمون سنڌ سلامت جي زينت بڻيو آهي .
ادا ممتاز اوهان هڪ بهترين سلسلو جاري رکندا پيا اچو جنهن لاءِ اوهان مبارڪ باد جا مستحق آهيو.
اميد آهي ته وقت سر اهڙا ٽاپڪس تي لکندا ۽ اسان جي جاڻ ۾ اضافو ڪندا رهندا .
بيمارين کان آڳاهي ۽ احتياطي تدابير پڻ هڪ نيڪي جو ڪم آهي ، الله اوهان جون ڪوششون قبول فرمائي .
 
سائين قريشي صاحب وڏيون مهربانيو تمام ڪارائتو موضوع ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙو هڪ مثال مون وٽ به آهي جو منهنجو ڀاڻج ڪن کوٽيندو رهندو هيو ۽ جڏهن آرمي ۾ سليڪٽ ٿيو ته ڪن جي انفيڪشن جي ڪري ان فٽ ٿي پيو ۽ پوء پڇتائي پيو ته ڪاش ائين نه ڪريان ها

بهترين ونڊ
 
لک قرب اوهان قيمتي معلومات وارو ليک ونڊ ڪيو آهي۔

ڪن ۽ ٻڌڻ اسان جي ان حساسن مان هڪ آهي جنهن ذريعي اسان مڌر آواز، دوستن جا سڏ يا وري سڀ پيغام ٻڌون ٿا۔ تنهنڪري اسان کي پنهنجي ڪنن جو خاص خيال رکڻو پوندو۔

اسانجو جهونو دوست ڪريم چانڊيو ڏند کوٽڻ واري ٽٿ پڪس جو دٻو کيسي ۾ کڻي گهمندو رهندو آهي۔ پوء ڪڏهن ڏند ته ڪڏهن ڪن کوٽيندا رهندا آهيو۔
 
cleaning-ears.jpg
ear-buds.jpg

اسان مان ڪيترائي دوست پنهنجن ڪنن کي صاف ڪرڻ لا مختلف ڪاٽن بڊز، وارن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪانٽا، ڪاٺي يا تيلي وغيره جو استعمال ڪندا آهن ڪي ته رڳو ٽائيم پاس ڪرڻ لا ، ڪي وري ڪن ۾ خارش جي ڪري به اهي شيون استعمال ڪرڻ کان ڪو نه ڪيٻائين۔
توهان سڀني سڄڻن کي ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جي ڪن ۾ الله پاڪ ڪجهه اهڙا غدود رکيا آهن جيڪي هڪ قسم جي رطوبت خارج ڪندا آهن جنهن کي ويڪس (wax) جي نالي سان سڏجي ٿو۔ اها ويڪس بيڪٽيريا ۽ مختلف قسم جي جراثيمن کي ڪن ۾ واڌ ڪرڻ کان روڪيندي آهي۔ ان کان علاوه ڪن ۾ مٽي ۽ ڪا ٻاهرين شي وڃڻ کان به بچائيندي آهي۔
اها ويڪس ڪڏهن ڪڏهن تمام گهڻي ٺهي ويندي آهي جنهن کي ڪڍڻ جي ضرورت به پئجيو وڃي پر ان لا ٻيا محفوظ طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن۔
مثال طور: سرنجنگ ۽ سڪشننگ (syringing and suction)
هن طريقي سان ڪن جي صفائي ڪرڻ لا انجيڪشن جي ذريعي پاڻياٺ ڪن ۾ وجهي ان کي نلڪي ۽ مشين ذريعي ڇِڪيو ويندو آهي جيڪو هڪ بهتر ۽ محفوظ طريقو آهي۔
ڪن ۾ غير ضروري ڪا به شي وجهڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي۔ خاص طور تي نوڪدار شيون ۽ ڪاٽن واريون تيليون وغيره۔
Ear-cleaning-stick_12909-1024x768.jpg


ڪن ۾ ٻُڌڻ جو عمل:
مختلف قسم جا آواز لهرن جي شڪل ۾ اسان جي ڪن ۾ ٺهيل هڪ حساس ۽ نازڪ پردي ۾ لرزش پيدا ڪندا آهن۔ ان لرزش سان مختلف سگنلز پيدا ٿين ٿا جيڪي اتي موجود خاص قسم جا نيورانز ڪرنٽ جيان اسان جي دماغ ۾ موجود ٻولي ۽ ياداشت جي مرڪز تي پهچائين ٿا۔ اهڙي طريقي سان اسان آواز ۽ ان جو مفهوم سمجهي سگهندا آهيون۔
ٻُڌڻ جي عمل لا ڪن جي پردي جو موجود هجڻ ۽ درست انداز ۾ ڪم ڪرڻ بيحد ضروري آهي۔ ان نازڪ پردي کي ايئر ڊرم (eardrum) چوندا آهن۔ ياد رهي ته ڪن ۾ ڪا به ٻاهرين سخت شي ان کي آساني سان زخم رسائي سگهي ٿي۔
8006.img

ڪن ۾ بار بار صفائي ڪرڻ سان انفيڪشن ٿيڻ جو خطرو به وڌي ويندو آهي۔ ان کان علاوه ڪن جو نازڪ پردو ڦاٽي پوڻ سان اسان ٻُڌڻ جي صلاحيت کان به محروم ٿي سگهون ٿا۔۔!!

انڪري هوشيار، خبردار۔۔ڪن ۾ ڪجهه به نه وجهندا ڪريو۔۔احتياط علاج کان بهتر آهي۔۔

1000173_658868270793397_856699150_n.jpg
صحت بابت ڄاڻ پاڻ به حاصل ڪريو ۽ ٻين تائين به پهچايو

تمام بهترين ۔
 
Back
Top