“ يار نعيم توکي ان موقعي مان فائدو وٺڻ گھرجي، اهڙا موقعا زندگيء ۾ صرف هڪ ڀيرو ايندا آهن ادا.” سارنگ نعيم کي سعودي عرب وڃڻ لاء زور ڀري رهيو هو. “ تو واري ڳالهه صحيح آهي، پر الائي ڇو دل نه ٿي مڃي، پهريون ڀيرو گھر کان ايڏو پري، مري ويندس ادا آءٌ !” نعيم وراڻيس. “ ٻيو ته اها ڪمپني جنهن ۾ سي وي موڪلڻ لاء تون چئي رهيو آهين، اهي اُتي سعوديء ۾ به انٽرويو وٺندا. جي ان ۾ فيل ٿي پيس ته ڪرايا ڀاڙا سڀ اجايا ويندا. مون وٽ ايتري جمع پونجي به ناهي ۽ هُن هُن کان پِن سِن ڪري پئسا ڏوڪڙ هٿ ڪرڻ جهڙي خواريء کان چڱو آهي ته لالچ ڇڏي ماٺڙي ڪري هت ئي دال مانيء ۾ گذر ڪجي.” “ ادا تون فيل ڪون ٿيندي انٽرويو ۾،” سارنگ اڃا پنهنجي ضد تي قائم رهيو ۽ نعيم کي سعودي وڃڻ لاء آماده ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکيائين. “ اهو ڀلا ڪيئن ٿو چئي سگھين تون ته آءٌ فيل نه ٿيندس؟ اُتي به واسطا اٿئي ڇا ادا پاڪستان وانگي؟ اتي به سورس هلي ٿو ڇا؟” نعيم ٽوڪيندي وراڻيس. “ ڀاء نعيم، مونکي توتي اعتماد آهي، ڀروسو آهي، تون هڪ قابل انجنيئر آهين، تنهنجي لاء اهو انٽرويو ڪو مسئلو ناهي، هڪ ڀيرو پاڻ تي ويساهه ڪري ڏس. جنهن ڏينهن تو کي پاڻ تي ويساهه ٿي ويو نه، ان ڏينهن کان تنهنجي لاء ڪاميابيء جا دروازا کلڻ شروع ٿي ويندا. گھر ڇڏبو، مائرن جون هنجون ڇڏبيون ته ڪجھ حاصل ٿيندو، نه ته ويٺو تون به کاء ۽ مائٽن کي به کاراء دال ماني سڄي عمر.” “ يار سارنگ، ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيو ڪندو آهين جو ائين لڳندو آهي ته آءٌ به پاڻ کي ايترو نه ٿو سُڃاڻان جيترو تون ٿو مونکي سڃاڻين. تو واري ڳالهه صحيح آهي، مونکي پاڻ تي ڀروسو ناهي، انڪري آءٌ اهو جوکم نه ٿو کڻڻ چاهيان. غريب جا ٻار آهيون ادا سڀاڻي نه هيڏانهن جا رهون نه هوڏانهن جا، سڄيء جي لالچ ۾ اڌ به وڃي هٿن مان.” نعيم سارنگ جي ان ضد تان ٿوري خفگيء وچان کيس وراڻيو. سندس ذهن ۾ اها ڳالهه هلي رهي هئي ته ڀلا سارنگ کيس ان ڳالهه لاء ايڏا ايلاز ڇو ويٺو ڪري. سارنگ ۽ نعيم هڪئي پروجيڪٽ تي هڪ سال کان گڏ ڪم ڪري رهيا هئا. ڪمپنيء ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئرن کي ڏنل گلشنِ اقبال جي علائقي ۾ هڪ بادشاهي بنگلي ۾ ٻئي روم ميٽ هئا. ڪمري سان گڏوگڏ سندن سوچ به گھڻي قدر مشترڪ هئي. سارنگ نعيم کان عمر ۾ ڏهه کن سال وڏو هو، تنهنڪري سندس اکين ۽ صورت مان سندس زندگيء جا تلخ تجربا، وفائون، جفائون، لاها چاڙها صاف نظر ٿي آيا. نعيم جي سنگت گھڻو ڪري پاڻ کان وڏي عمر وارن سان رهندي هئي. ڇاڪاڻ جو سندس اهو خيال هو ته انهن هن کان وڌيڪ زندگي گھاري آهي، دنيا ڏٺي آهي، وڌيڪ ڀوڳيو آهي، ۽ انهن مان کيس زندگي گھارڻ جو سبق پڻ حاصل ڪري سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ جو عمر سان گڏو گڏ هرانسان ۾ ڏاهپ ۽ شعور جي به واڌ ويجھ ٿيندي رهي ٿي. پر ضروري ناهي ته هر انسان سندس ان صلاحيت مان ڪو مثبت فائدو پڻ وٺي سگھي. ڇاڪاڻ جو زندگيء ۾ ڪجھ اهڙيون منفي طاقتون عقل تي سرسي وٺي وينديون آهن، جن جي اثر هيٺ چڱو ڀلو موچارو شخص به ٿِڙيو پوي. پر سارنگ سياڻو، سيبتو ۽ يار ويس انسان هو. هو زندگيء جي ڏنل ڌِڪن ٿاٻن مان پرايل سبق کي استعمال ڪندي پاڻ ته اڳتي وڌي رهيو هو پر سندس وڏي ۾ وڏو گڻ اهو هو ته هو سنگت کي به ساڻ ڪري هلڻ وارو انسان هو. سندس مقابلي ۾ نعيم اڃا عملي زندگيء ۾ قدم ئي مَسَ رکيو هو ۽ ڪنهن به وڏي فيصلي ڪرڻ يا ڪنهن قسم جو جوکم کڻڻ اڃا سندس سڀاء ۾ ئي نه هو. ڇاڪاڻ جو هن عمر تائين ته سندس زندگيء جا فيصلا ٻين جي وس هئا. همت ڪري پنهنجي زندگيء جو هڪ ئي فيصلو پاڻ ڪيو هئائين، جنهن تي کيس ڪو پڇتاء نه هو. اهو فيصلو هو انجنيئرنگ ۾ داخلا وٺڻ جو. سندس مامي کيس ڊاڪٽر بڻائڻ ٿي چاهيو. جڏهن ته نعيم کي انجنيئرنگ جو شوق هو. پر اهو ته هميشه دنيا جو دستور رهيو آهي ته اسين ٻين کي اسانجي مرضيء مطابق زندگي گذاريندي ڏسڻ چاهيندا آهيون. پر جيڪڏهن ڪير اسانجي ڏَسيل رستي تي نه ٿو هلي ته اسين ناراضگيء جو اظهار ڪرڻ لڳندا آهيون. ان سبب جي ڪري سندس مامو به کانئس ڳچ وقت تائين ناراض رهيو، پر جڏهن کيس اهو يقين ٿي ويو ته سندس ڀاڻج جيڪو رستو چونڊيو آهي، هو ان ۾ ئي خوش آهي ۽ اهو ئي سندس روشن مستقبل جو رستو آهي، تڏهن وڃي سندس مامي کي آٿت ٿي هئي. “ يار سارنگ، جي تنهنجو چوڻ وٺي سعودي عرب وڃڻ جو فيصلو ڪيان به ته مون وٽ ڀاڙي جيترا ڏوڪڙ ئي ناهن. ايجنٽ جي فيس، ٻيا سنها ٿلها ڪم ڪاريون ۽ ڀاڙو ملائي لک سوا ته آرام سان لڳي ويندو. جي انٽرويو هت هجي ها ته گھٽ ۾ گھٽ اها ته خبر پئجي وڃي ها نه ته فيل آهيان يا پاس، ته ڳالهه هڪ پاسي ٿي پوي ها. يار وڏي رسڪ آهي اها.” نعيم مايوسيء وچان گھنجيل پيشانيء سان سارنگ کي سندس اُلڪي بابت آگاهه ڪندي چيو. “ اڙي ابا نعيم، تون پالو ڪوئلهو ۽ اشفاق احمد، خليل جبران، عبدالقادر جوڻيجو، امر جليل ۽ حليم باغي جهڙن عظيم ليکڪن جا ڪتاب پڙهڻ وارو انسان اهڙيون نااميديء واريون ڳالهيو ڪندي مونکي اهو اندازو نه هو. وسري ويَئي پالو ڪوئلهو واري ڳالهه جيڪا تو پٺئين هفتي مونکي همت ڏيارڻ لاء ٻڌائي هئي؟” سارنگ وراڻيو. “ ڪهڙي ڳالهه ادا؟ منهنجي دماغ ۾ ته تو سعودي ڀري ڇڏي آهي سو مونکي ته ماني به ياد ناهي.” نعيم مٿو کنهندي وراڻيو. “جڏهن توهان ڪنهن شيء جي خواهش ڪيو ٿا ته ، سموري ڪائنات انکي ماڻڻ جي رِٿَ ۾ توهان جي واهَرَ ڪري ٿي.” “ هاڻي ياد آيو ڪجھ؟” سارنگ کيس سندس ئي ٻڌايل پالو ڪوئلهو جي چوڻي ياد ڏياريندي کانئس پڇيو. “ ها ادا، واقعي اها ته صحيح ڳالهه آهي. پر خبر اٿئي نه ڪڏهن ڪڏهن عقل تي تالا لڳيو پون ۽ انسان ناڪاميء جي ڀوء کان، پنهنجي تقدير ۽ پنهنجي خوابن جي پويان لڳڻ کان ۽ انهن جي کوجنا ڪرڻ کان لنوائيندو آهي. مونکي به بس ائين سمجھ ته ناڪاميء جو ڀوء آهي.” نعيم پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “ مثال طور آءٌ انٽرويو ۾ سليڪٽ نه ٿي سگھيس ته مونکي واپس اچي ماڻهن جا جيڪي طعنى ۽ مهڻا ٻڌڻا پوندا انهن جي تڪليف جو توکي اندازو ناهي ڇا؟” “ ماڻهن کي هڻ کڏ ۾ ادا. جيترا وات اوتريون ڳالهيون. تون اڃا ميدان ۾ لٿو ناهين ته پوء ناڪاميء جون ڳالهيون ڪيئن ٿو ڪرين؟ ناڪام ته مِٺا اهي آهن جيڪي اڃا ميدان ۾ لٿا ئي ناهن. ناڪام ته اهي آهن جن ناڪاميء کي دلي طور قبول ڪري ڇڏيو آهي. ناڪام ته اهي آهن جيڪي پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪرڻ نه ٿا ڄاڻن. هڪ ڀيرو نه ٻيو ڀيرو، ٻيو ڀيرو نه ته ٽيون ڀيرو ڪاميابي ضرور ملندي آهي. اصل ڳالهه آهي پهرين ناڪاميء کانپوء واپس پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ ٻيهر ان شيء جي لاء ڪوشش ڪرڻ.” سارنگ جي واتان پوري سال جي ساٿ ۾ پهريون ڀيرو اهڙيون فلسفيانه ڳالهيون ٻڌي نعيم اچرج ۾ پئجي ويو. پر ٻئي پاسي کيس خوشي به ٿي ته سندس سنگت فارمولي مطابق صحيح شخص سان ئي هئي. “ واهه جي فلاسافي ويٺو ڳالهائين اڄ، خير ته آهي نه ڀائو؟ ” نعيم ڪرڙيون اکيون ڪندي سارنگ کان پڇيو. پر ان کان اڳ جو سارنگ ٻيهر جوش ۾ اچي، نعيم کيس چيو، “ ادا ڇڏ بس هاڻي، ڏسنداسين ان ڳالهه کي. پر هينئر هل ته سانجھي نماز پڙهي هلون پٺاڻ واري هوٽل تي چانهه جو وقت به ٿي ويو آهي ۽ اڄ تنهنجو وارو آهي چانهه پيارڻ جو، اڄ ته فرينچ فرائز به کاراء ته ڪو تنهنجون اهي ڳريون ڳالهيون هانء تان هيٺ لهن.” ٻئي اٿي روانا ٿي ويا. اها سڄي رات نعيم جاڳي گذاري، کيس پنهنجي زندگيء جو تمام اهم فيصلو ڪرڻو هو. ان فيصلي سان کيس هر شيء ، پنهنجو وطن، پنهنجي مٽي، مٽ مائٽ، سنگت ساٿ کي ڇڏي پرڏيهه وسائڻو هو. سارنگ جون ڳالهيون سندس دماغ جي ڀتين ۾ پڙاڏا ڪري رهيون هيون، “ ناڪام ته اهو آهي جيڪو اڃا ميدان ۾ ئي ناهي لٿو.” نعيم پاسا ورائي ورائي ٿڪجي پيو پر کيس ننڊ نه آئي، کيس ان بهترين موقعي جي هٿان وڃڻ جو به خوف هو ته انکي حاصل ڪرڻ جي دوران ايندڙ مشڪلاتن جو پڻ اندازو هو. هو اٿيو ۽ اڱڻ ۾ رکيل ڪرسيء تي ويهي اُڀ ۾ تارن ڏانهن تڪيندي سوچڻ لڳو. هر رات وانگي ان رات به تارا پنهنجي پوري جوڀن سان چمڪي رهيا هئا. هو تارن ۾ اهائي ساڳي سوال واري نشاني ڳولي رهيو هو جيڪا هن ننڍي هوندي تارن جي جھرمٽ ۾ ڳولي لڌي هئي. تڏهن کان ئي هو ان سوال واري نشانيء کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي آيو، پر اڄ تائين کيس انجو مطلب سمجھ ۾ نه اچي سگھيو هو. ان رات آسمان ۾ گھڻيون ئي جھاتيون پاتائين پر کيس اها سوال واري نشاني نظر نه آئي. کيس اهو گمان ٿيڻ لڳو ته شايد اهو سندس زندگيء جي بابت ڪو اهم سوال هو، جيڪو تارن جي صورت ۾ ڳچ وقت کان کيس نظر آيو ٿي، جنهن جو جواب ان ڏينهن سارنگ جي ذريعي کيس ملڻ کانپوء اهو ڏيک غائب ٿي چڪو هو. اڱڻ ۾ موجود ننڍڙي باغيچي ۾ ٿڌڙي هير تي جھومندڙ گل ٻوٽا به پنهنجي مستيء ۾ هئا. سندن سُڳنڌ به کيس پنهنجي قسمت آزمائڻ جي منادي ڏئي رهي هئي. هو ائين محسوس ڪري رهيو هو ڄڻ اوسي پاسي ۾ موجود هر جاندار ۽ بي جان شيء کيس پنهنجي قسمت کي آزمائڻ لاء همٿائي رهي هجي. “ اهي سڀ سٺا سوڻ آهن. تارن مان سوال واري نشاني جو اوچتو گُم ٿي وڃڻ جيڪا سالن تائين منهنجي لاء بس هڪ سوال ئي رهي، گل ٻوٽن جو جھومي مون تائين سندن سرهاڻ ذريعي نياپا ڪرڻ؛ مونکي بس اڳتي وڌڻو آهي. پنهنجي گھر لاء پنهنجن لاء ڪجھ نه ڪجھ بهتر ڪرڻو آهي، بابي ويچاري سڄي عمر ڪلارڪيء ۾ گذاري ڇڏي، امڙ گھر جو چرکو ڪيئن هلائيندي هئي سا ته ڳالهه اڄ تائين سمجھ ۾ نه آئي. جيڪڏهن مامو اڳتي نه پڙهائي ها، پنهنجي شفقت جو هٿ منهنجي مٿي تي نه رکي هان ۽ مٽ مائٽ اوکيء سوکيء ۾ سهارو نه بڻجن ها ته اڄ آءٌ هت نه هجان ها. مونکي پنهنجي گھر وارن کي سٺو وقت موٽائي ڏيڻو آهي، مونکي سندن سهارو بڻجڻو آهي، کين اهي خوشيون موٽائي ڏيڻيون آهن جيڪي غربت جهڙي ڀوائتي ديوَ اسان کان کسي ورتيون هيون.” نعيم من ئي من ۾ ويچار ڪري رهيو هو. ان رات هو انهن سوڻن جو مطلب سمجھي ويو هو ۽ نيٺ سعودي عرب وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هئائين. هن پالو ڪوئلهو ان ڳالهه کي آزمائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته، “جڏهن توهان ڪنهن شيء جي خواهش ڪيو ٿا ته ، سموري ڪائنات انکي ماڻڻ جي رِٿَ ۾ توهان جي واهَرَ ڪري ٿي.” سندس دل ۾ به پنهنجي قسمت کي آزمائڻ جي خواهش اُڀري چڪي هئي. ۽ هاڻ کيس اهو تجربو ڪرڻو هو ته ڇا اهي ڪتابي ڳالهيون صرف ڪتابن تائين ئي محدود آهن يا انهن جو عملي زندگيء ۾ به ڪو استعمال آهي. صبح ساجھر ئي نعيم سارنگ کان موڪلائڻ بغير، پاسپورٽ ۽ ضروري ڪاغذ کڻي رڪروٽنگ ايجنسي پهچي وڃي ٿو. ان دور ۾ رڪروٽنگ ايجنسيء وارن تي ڀروسو ڪرڻ هڪ ٻي وڏي رِسڪ هئي. پر هاڻ نعيم پنهنجي قسمت آزمائڻ لاء هر جوکم وارو ڪم ڪرڻ لاء تيار هو. ايجنسيء وارن کيس ڪاغذن وغيره جي تصديق ۽ ٻيا ضروري ڪم ڪاريون ڪرائڻ جو طريقيڪار سمجھائي ٻن ڏينهن جي اندر ٽيهه هزار ايڊوانس ۽ ويهه هزار ويزا لڳڻ کانپوء جمع ڪرائڻ جو تاڪيد پڻ ڪيو. هاڻ نعيم لاء ٻيو ۽ سڀ کان اهم مرحلو پئسا هٿ ڪرڻ هو. هونئن ته ٽيهه هزار يا پنجاهه هزار ڪا وڏي رقم نه هئي، پر سندس ويهه هزار پگھار مان بچت ڪرڻ ته نا ممڪن هو. ايتري تائين جو هو پنهنجي سموري پگھار گھر وارن جو ضرورتون پوريون ڪرڻ لاء کين موڪلي ڏيندو هو، پوء پاڻ ويٺو تَنَ کي تَسو ڏيندو رهندو هو، تنهنڪري وٽس ڪا به جمع پونجي نه هئي، ڇاڪاڻ جو يونيورسٽي مان نڪرڻ کانپوء نوڪري ڪندي اڃا کيس ٻه سال ئي مس ٿيا هئا. مِٽن مائٽن جا اڳي ئي مٿس ايترا احسان هئا جو هو ڪنهن کان به پئسي ڏوڪڙن بابت ڪجھ پُڇي نه ٿي سگھيو. کيس خيال آيو ته سارنگ ان معاملي ۾ ٿي سگھي ٿو ته سندس ڪا مدد ڪري. شام ڌاري نعيم سارنگ کي سڄو حال احوال ڪري ٻڌايو. سارنگ پنهنجي دوست کي ميدان ۾ لٿل ڏسي ڏاڍو سَرَهو ٿيو. “ هل ادا چڱو ٿيو جو منهنجي مٿي ماري جو توتي ڪو ته اثر ٿيو. باقي هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاء، تو ڇا پئي سمجھيو ته آءٌ توسان مٿي ماري ڇو پيو ڪريان؟” سارنگ نعيم کان طنزيه لهجي ۾ پڇندي کيس پاڻ ئي پنهنجي سوال جو جواب ڏيندي چيائين ته، “ادا اسان پنهنجي زندگي گھاري ويٺاسين، ڪجھ نه ڪيوسين، بس سوچيندا رهياسين. پر تون اڃا نوجوان آهين، توکي اڳتي وڌڻو آهي، اسانکي ته اهڙيون ڳالهيون ڪنهن نه ٻڌايون، پر جيڪو ڪجھ زندگيء مان سکيو اهو سڀ ڪجھ تو سان ونڊيم. تون اڳتي وڌندي ته اها به اسانجي ئي عزت آهي.” “باقي پئسن جي پرواهه نه ڪر، ڪجھ جمع پونجي آهي مون وٽ، ڪجھ وري تون به هٿ پير هڻ. پوء ڏس ته ڪيئن ٿو الله سائين سڻائي ڪري. پنهنجي قسمت جي پويان ڊُڪڻ وارا هڻي هنڌ ڪيو وجھن.” سارنگ نعيم جي همت وڌائيندي کيس مُرڪندي چيو. ڪيئن وٽس پئسا جمع ٿيا؟ ڪيئن سندس قسمت جا دروازا کلندا ويا؟ ڪيئن ويزا لڳي ويو؟ ڪيئن هو اتي پهچي انٽرويو ۾ ڪامياب ٿي نوڪريء سان لڳي ويو؟ انهن سوالن جا جواب مٿس اتي پهچڻ کانپوء واضح ٿيندا ويا. کيس سارنگ واريون ڳالهيو ياد آيون، “ ناڪام اهو آهي جيڪو اڃا ميدان ۾ لٿو ئي ناهي.” پنهنجي قسمت جي پويان لڳڻ ۽ ان کي ڳولڻ ايترو آسان به ناهي نه وري ايترو ڪو اڙانگھو ڪم آهي، ڪيتريون ئي آزمائشون ان رستي ۾ آڏو اچن ٿيون. پر جيڪي همت ڪن ٿا سي اڳتي نڪريو وڃن، ۽ جيڪي ويهي سوچيندا رهن ٿا سي رهجيو وڃن. نعيم جي قسمت ۾ پرڏيهه جي بهترين نوڪري، حجَ، عمرا ته لکيل هئا جنهن سبب هو اتي پهچي به ويو، پر انهن کي حاصل ڪرڻ واري رستي جي ڳولها کيس پاڻ کي ڪرڻي هئي. ان دوران کيس ڪيترين ئي آزمائشن کي منهن به ڏيڻو پيو. پر حقيقت ته اها آهي ته جيڪي جنگ جوٽين سي وڙهڻ به ڄاڻين، سو نعيم کي به مشڪلاتن سان وڙهڻ جو فنُ اچي چڪو هو. پر سندس ڪاميابي ايتري سولي به نه هئي. کيس سعودي عرب پهچڻ ساڻ ئي هڪ مهيني جي اندر ئي هڪ وڏي مصيبت کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو. اتان جي آبهوا کيس ڀانئن نه پئي، بي حد گرميء کيس بيمار ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو وڃي کٽ ورتائين، ۽ ڊاڪٽرن کيس آپريشن ڪرائڻ يا وطن واپس ورڻ جي صلاح ڏني. ٽيسٽن ۾ لمبر ڊسڪ پروليپس (چيلهه جو سور) جي بيماري ظاهر ٿي هئي. ۽ ان بيماريء کيس هلڻ کان ئي هلاڪ ڪري ڇڏيو هو. هڪ رات هو پنهنجي قسمت تي سوچيندو رهيو، ۽ الله سائين کي ٻاڏائيندو رهيو، “ منهنجا مالڪ مونکي خبر آهي ته تنهنجون رحمتون ۽ برڪتون اڻ مَيُون آهن، مونکي خبر آهي ته تون منهنجي صبر جو امتحان وٺڻ لاء مونکي آزمائي رهيو آهين، پر منهنجا رب تون ئي صبر ڏيڻ وارو به آهين، مونکي صبر ڏي، ۽ مون تي ايترو وزن وجھ جيترو آءٌ برداشت ڪري سگھان.” هو جيڪي خواب، جيڪو مقصد کڻي گھر ڇڏي، ٻيڙا ساڙي اُتي پهتو هو، بيماريء کان پوء کيس ان آزمائش مان نڪرڻ جي ڪا اميد نه ٿي نظر آئي، نراسايون رات ڏينهن کيس ڏنگي رهيون هيون. کيس اهي سڀ اُلڪا ياد اچي رهيا هئا جيڪي هن سارنگ سان اوريا هئا. آپريشن جي ڀوء ۽ وطن واپس موٽي ماڻهن جا مهڻا ٻڌڻ جي سوچن ويتر ئي سندس همت ۽ بردباريء کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو هو. پر سندس اڻپورو مقصد، سندس گھر وارن جو ضرورتون، سندس روشن مستقبل لڳاتار کيس پوئتي هٽڻ کان روڪي رهيا هئا. ۽ هڪ ڏينهن هن بيماريء سان وڙهڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو. “ هاڻ آءٌ پنهنجو مقصد پورو ڪري پوء ئي واپس ورندس، جي نه ته پوء منهنجو جنازو واپس ورندو.” نعيم پاڻ کي همت ڏياريندي سوچي رهيو هو. کيس ماء جي دعائن تي ڀروسو هو، کيس دوستن جي ڀروسي تي ڀروسو هو، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته کيس پاڻ تي به ڀروسو ٿي چڪو هو، کيس پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو هو، ڇاڪاڻ جو پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ڪرڻ به هڪ صلاحيت آهي، ۽ اها صلاحيت ان آزمائش جي گھڙيء ۽ سارنگ جي ڳالهين کانپوء مٿس ظاهر ٿي هئي. کيس سندس مامي جي ڳالهه پڻ ياد آئي ته، “قوتِ ارادي Will-Power ۾ بيمارين جو علاج آهي.” اها ڳالهه نعيم ننڍي هوندي سندس مامي جي واتان ٻڌي پنهنجي هانء سان هنڊائي ڇڏي هئي. ۽ انهيء ول پاور ئي کيس اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو ۽ هو آهستي آهستي پنهنجي نارمل زندگيء ڏانهن واپس ورڻ لڳو. ۽ بيماريء سان وڙهڻ ۾ ڪامياب ويو. کيس ڪتابي ڳالهين جو عملي زندگيء تي اثر انداز ٿيڻ جو يقين پڻ اچي چڪو هو، کيس اهو به احساس ٿي چڪو هو ته دردن ۽ پيڙائن جون حدون پار ٿيڻ سان روح کي طاقت ملي ٿي. کيس سارنگ جهڙي ساڃهه وند دوست تي فخر ٿيڻ لڳو. سچو دوست پنهنجي دوست جي وجود کي صرف جاڳائڻ جو ڪم ڪري ٿو، جيئن سارنگ سندس ننڊاکڙي وجود کي جاڳايو هو، باقي اڳتي سڀ ڪجھ پنهنجي هٿ وس آهي، زندگيء جي اڙانگھن پيچرن تي اهو جاڳيل وجود جيڪر سونهون ٿي پوي ٿو ته منزل آسان ٿيو پوي. پنهنجي وجود کي پنهنجو سونهون ڪرڻ لاء شرط اهو آهي ته پهريان پنهنجي وجود کي جاڳائجي، پوء اهو ڪم پاڻ کان ٿي وڃي ته واه واه نه ته ڪو نه ڪو سچو ساٿي هڪ نه هڪ ڏينهن اهو ڪم ضرور ڪري ٿو. نوٽ؛ پڙهندڙن دوستن کي عرض آهي ته هي ڪهاڻي منهنجي پهرين مختصر ڪهاڻي آهي..تنهنڪري دوستن مان اصلاحي تنقيد جي اميد رکي هي ڪهاڻي پيش ڪري رهيو آهيان. اميد ته اوهان پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي پنهنجا قيمتي رايا پيش ڪندا.