رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
هدايت هاشمي ڏي، ۽ زيارت ڪر نصيب،
تون رهين جنهن جاءِ تي، ساعطرعنبرکان عجيب،
ٻاجھـ ڪر تون ٻاجھـ وارا، عرب ۾ پنهنجي غريب،
تو سواءِ سردار سهڻا، ڪم نه ايندو ڪو قريب،
التجا عاصيءَ سندي، اي مُصطفىٰ منظور ڪر،
دانهن دردن جي ٻڌي، اي سيدا دک دور ڪر،
فقير بشير احمد بشير