ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين، مون تَن اندر تيئن وهي،جئن وڻ وڍي واڍو، اِيءُ ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نا ته پَٿَرِ ڪيرِ پنڌ ڪري۔
ادا رضوان جمالي صاحب السلام عليڪم۔حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جي سر ڪوهيار جيڪو سسئي جي محبت جي ازالي داستان جي پنجن سر ن مان هڪ آهي ، مان هڪ تمام بهترين ۽ رمز ڀريو بيت چونڍي هت ونڍ ڪري سچ مچ ته اسان جي دل خوش ڪري ڇڏي۔ سرڪوهيار ۾ غفلت واري ننڊر (نوم) ۾ سمهڻ جي سسئي تي ميار، هن داستان جو مکيه موضوع آهن۔پياري پنهونء جي پٺيان پنڌ ڪندي سسئي جو جبل سان پنهنجو حال اورڻ به هن داستان جو مک موضوع آهي۔ڏونگر کي ان جي ڏاڍين تي ڏوراپو” اي جبل ! مونکي منهنجي پياري پرين جو ڪو ڏس پتو نه ڏئين! ”ڏونگر ڏس پرين جو ڪاف نه ڏيين ڪو“ ! اي ڏونگر! ڏکوين کي ته پاڻ دلاسا ڏجن! ڏونگر ڏک سنداء ، پرين گڏجان ته چوان ڀنيء ٿئين ڀنوارئون، ٻئا ونگا ور سنداء چڱي ڪانه ڪياء ، پير وڃائي پرين جو۔