• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قتيء کان پڇ ته ڪئن راتيون مان لڇ پڇ ۾ ڪٽيون آھن،

عرس پريو

سينيئر رڪن
ڪتيء کان پڇ ته ڪيئن راتيون مان لڇ پڇ ۾ ڪٽيون آھن،
تتيء کان پڇ ته ڪيئن منھنجي اندر ۾ ڌَر تتيون آھن.
پڇين ٿو ڪيئن پچان ٿو پيو، مان ٽانڊن تي تڙپان ٿو پيو،
ھا پر پوءِ به مچان ٿو پيو، ھي باھيون تو بڇيون آھن.
سھائيندين سھي ويندس ستائيندين سڙی ويندس،
ھا پر جڳ کي چئي ويندس، دوکا ھي دوستيون آھن.
ناھي جي او پرين توکي يقين 'تبسم'، جي اکڙين تي،
تہ پوء شاھد اوڄاڳن جا ھي چنڊ تارا ڪتيون آھن.

>ع.غ.تبسم<
 
ادا عرس پريو صاحب اسلام عليڪم۔ڇا ته بهترين شاعري چونڍ هن اڱڻ جي ڪينئوس تي چٽي اٿئو۔عبدالغفار تبسم جي شاعري پڙهي سچ ته اسان جي دل اداس ٿئي ويئي آهي،ڪهڙي نه جذباتي انداز م پنهنجي دلي احساسات جو اظهار ڪيو اٿئن۔مهرباني ڪري ٻڌائيند ته هي ڏکويل دل واري شاعري اوهان ڇوچونڍ ڪئي آهي؟” ڪٿي عشق جي باه جا اوهان به شڪار ته نه ٿئي ويا آهيو۔
:p

:p:)

:)
:p
:p

:D

سائين منهنجا مذاق پيا ڪيون دل ۾ نه ڪجو۔
 
سائين عرس ۽ عشق اها ڳالهه ٺهي ئي نه ٿي۔۔جيڪڏهن عرس کي عشق ٿي ويو ته پو عشق سان ويڌن ٿي ويندي۔۔جيڪڏهن عشق اچي عرس کي لڳو ته پو عرس سان ويڌن۔۔۔۔ههههههها
 
ادا عرس پريو صاحب اسلام عليڪم۔ڇا ته بهترين شاعري چونڍ هن اڱڻ جي ڪينئوس تي چٽي اٿئو۔عبدالغفار تبسم جي شاعري پڙهي سچ ته اسان جي دل اداس ٿئي ويئي آهي،ڪهڙي نه جذباتي انداز م پنهنجي دلي احساسات جو اظهار ڪيو اٿئن۔مهرباني ڪري ٻڌائيند ته هي ڏکويل دل واري شاعري اوهان ڇوچونڍ ڪئي آهي؟” ڪٿي عشق جي باه جا اوهان به شڪار ته نه ٿئي ويا آهيو۔
:p

:p:)

:)
:p
:p

:D

سائين منهنجا مذاق پيا ڪيون دل ۾ نه ڪجو۔

سائين بادشاهه شڪر آهي ڪنهن بهاني توهان ياد ڪيو۔
باقي عشق جي باهه ۾ ته سڀئي وڪوڙيل آهن ڪي اظهار ڪن ته ڪي وري بغير اظهار جي ئي پيار ڪن پر ڪن سڀئي ٿا۔

پسند ڪرڻ جي مهرباني
 
Back
Top