مختصر ڪهاڻي’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’خواهشن جو ڪشڪولساگر سهندڙو’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’ٻڌ ها چئو منهنجي هڪ خواهش پوري ڪندينءَ؟ ڪهڙي؟ منهنجي ناجائز پُٽ کي جنم ڏيندينءَ؟ پٽ ئي ڇو، ڌيءُ ڇو نه ڄڻان؟ اها توکي تڪليف ڏيندي، ڀلا پٽ خوشيون ڏيندو؟ نه، پر اهو توکي ايڏي تڪليف نه ڏيندو، هن گهڻي دير جي خاموشي کان پوءِ اچانڪ چيو:ٻڌ! هن ڏانهن گهوريندي چيم: ڇا؟ هن منهنجي بي چيني محسوس ڪندي چيو: ڪجهه به نه، بس ايئن ئي چيم مون هن جي اکين ۽ چهري جي چمڪ ۾ تري آيل پنهنجي خواهش جي رضامندي ڏسندي مرڪي ڏنو ۽ هوٕءَ منهنجي مرڪ کي سمجهندي مرڪندي هلي وئي.
مسيح! تنهنجي چونڊ آئڙي، ساگر سهندڙي جيڪا مختصر ڪهاڻي لکي آهي،، موضوع جي اعتبار کان اهميت جي حامل آهي، ڪهاڻيڪار جو ڊڪشن ۽ ٻولي به منفرد لڳا پر هتي فن جي کوٽ محسوس ٿي، جنهن تي ڪهاڻيڪار پورو نه لٿو آهي۔ڪهاڻي جي ٻين گهرجن تي ته ساگر ڪم ٽپائي ويو آ پر جيڪو عنصرڪهاڻي کي ڪهاڻي بڻائي ٿو اهو هتي غالب نه پر غائب نظر اچي پيو۔يعني استعجاب، سسپنس بنهه نظر نه آيو (ٻين جي را ڪهڙي به هجي پر مون کي هن مختصر ڪهاڻي ۾ اها کوٽ محسوس ٿي) مسيح ! تون پاڻ ڪوي سان گڏ ڪهاڻيڪار آهين، ڪهاڻي جي بنيادي گهرجن ۾ استعجاب اهم آهي، جيستائين ڪهاڻي ۾ اهو رنگ نه هوندو تيسيتائين ڪهاڻي اڀوڳا ڀانئبي