پيارا سنڌي ساٿيو جيئي سنڌ ، جيئي سائين جيئينم سيد سڀاڻي سموري سنڌي قوم تمام وڏي شان ۽ مان سان سنڌي قوم جي آجپي جي ابي سائين جيئينم سيد جن جو جنم ڏينهن ملهائي رهي آهي۔۔۔۔۔ مان سائين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاٌءِ محبتي لفظ ڳولي رهيو هُئس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر سائين مشڪور ڦلڪاري منهنجي من جي پيڙاءُ سمجهي ورتي، چيائين ناز تون ڇو پريشان آهين ، چيومانس ته سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن سڀاڻي سموري سنڌ هڪ آواز ٿي ملهائيندي پر مون وٽ ڪي نڪور ڪي پيارا ڪي محبتي لفظ سائين کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي ناهن، مشڪور ڦلڪاري فوري سندس نڪور بيت ۽ وائي جيڪي هن سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي ڪجهه ڪلاڪ پهرين تيار ڪيا هُئا سي منهنجي حوالي ڪيا۔۔۔۔۔۔۔ مون انهن تي ٿوري محنت ڪري پاور پوائينٽ جي مدد سان هي رنگ ڀريو آهي۔۔۔۔۔ دوستو هن ۾ جيڪي تصويرون ڪتب آيل آهن سي مختلف ويب سائٽن تان مدد طور ورتيون اٿم۔۔۔۔۔ دوستو اچو ته اسين به فڪر سيد جي پوشيده ۽ ظاهر ڳالهين تي غور ڪري پنهنجي حق سنڌيت وارو فرض پورو ڪريون۔
جواب: سيد جهڙو سنڌ ۾ ٻيو نه ڄڻيندي ماءُ محترم سائين نثار ناز، حق موجود ۽ جيئي سنڌ ۔۔۔ ادا سائين اوهان اسان طرفان سائين ڦلڪاري کي، سنڌ جي سڄڻ جيئم سدائين تي اهڙي شاعري ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندا، مٿان وري اوهان ان کي سائين جيئم جي تصويرن سان ايترو ته سهڻو ٺاهيو آهي جو ۔۔ ڪيترائي ڀيرا ڏٺو اٿم ته به دل نه ٿي ڀرجي ۔۔۔ جيئم سائين سان جڙيل هر ياد، وڻ ويڙهي جيئان وڪوڙي وئي آهي ۔۔۔ ڀائڙا ناز سائين! لطيف جون دعائون ۽ جيئم جون ڪاوشون هڪ ڏينهن ته ساڀ ٿينديون ۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۽ الله ۾ اميدون آهن ته هو سنڌ ۽ سنڌين تي پنهنجي مهر ضرور ڪندو ۔۔۔ آمين ۔۔۔ shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
جواب: سيد جهڙو سنڌ ۾ ٻيو نه ڄڻيندي ماءُ مٺا نثار ابڙو جيئي سنڌ جيئين سمورا سنڌي ڀائر ۽ ڀيڻون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا توهان جا نيڪ تمنائن وارا پيغام سائين مشڪور تائين ضرور پهچايا ويندا۔۔۔۔۔ لک ٿورا جو توهان کي سائين جي ايم سيد جي تصويرن تي مشڪور جي شاعري واريون منهنجون محنتون سُٺيون لڳيون۔ جي هر خواب جي تعبير لازمي ڪانهي ته ساڀيان پئي سچائي ۽ خلوص وارا سپنا ضرور ساڀيان ٿيندا۔ ۔۔۔۔۔۔
جواب: سيد جهڙو سنڌ ۾ ٻيو نه ڄڻيندي ماءُ HaqMojood سائين تمام خوب۔ سائين جهڙا ماڻهون صدين پڃاڻان پيدا ٿيندا آهن۔ سائين تي توهان بهترين شاعري ڪئي آهي ۔ ممتاز مصطفه وگهيو ڪراچي سنڌ