دوستو۔۔اڄڪلهه سڄي سنڌ ۾ شديد گرم موسم جي ڪري هر ماڻهو پريشان آهي۔ سخت گرمي ٻار، جوان، پوڙهن سڀني جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سڀ پريشان آهن۔ خاص طور تي ننڍا معصوم ٻار گرمي کان وڌيڪ متاثر ٿي بيمار ٿي رهيا آهن۔ حد کان وڌيڪ گرمي ۾ سن اسٽروڪ (Sunstroke) جهڙي خطرناڪ حالت جي ڪري انسان جي زندگي به ضايع ٿي سگهي ٿي۔ ان کان علاوه گرمي داڻا، گلو خراب ٿيڻ ۽ ڏڪڻي سان بخار ٿيڻ به عام ڳالهه آهي۔ جيڪڏهن اسان درست بچا جا اُپا وٺون ته سخت گرمي جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهون ٿا۔ گرمين اچڻ سان ٻار ڏاڍا خوش ٿيندا آهن۔ ڇو جو هن موسم ۾ کين اسڪول وڃڻو نه پوندو آهي۔ گهڻا ٻار گرمين جون موڪلون گهر ۽ ٻاهرگهٽين ۾ کيڏندي گُذاريندا آهن۔ شديد گرم موسم ۾ لُو لڳڻ جو خطرو به وڌي وڃي ٿو انڪري ٻارن کي وڌيڪ سار سنڀال جي ضرورت هوندي آهي۔ اسان جا والدين اگر گرمين ۾ ٿيندڙ بيمارين کان واقف هجن ته ڪيترين ئي بيمارين کي وقت کان اڳ ئي روڪي سگهجي ٿو ۽ ٻار صحتمند رهي پنهنجي وئڪيشن جا ڏينهن خوش خوش گذاري سگهن ٿا۔ والدين اڪثر ڪري پريشان رهندا آهن ته سندن ٻار راند کيڏڻ ۾ گهٽ دلچسپي وٺي ٿو يا جلد ٿڪجي پوي ٿو۔ ياد رکڻ گهرجي ته گرمين ۾ ٻار جلد ٿڪ محسوس ڪري سگهن ٿا اهو هڪ نارمل قدرتي عمل آهي، انڪري گهڻو پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي۔ ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته توهان جو ٻار اسڪول جي عام روٽين کان پو جڏهن اوچتو واندوٿي وڃي ۽ ان جو هوم ورڪ يا روز اسڪول وڃڻ واري مصروفيت ختم ٿي وڃي ته گهڻي واندڪائي جي ڪري سندس جسم ۾ سستي ٿي سگهي ٿي پرياد رهي ته انهن ڳالهين جي باوجود گرمين ۾ ڪجهه اهڙيون خطرناڪ بيماريون به ٿي سگهن ٿيون جن جو ڄاڻڻ اسان سڀني لا بيحد ضروري آهي۔ انهن بيمارين جون علامتون، سڃاڻپ جو نشانيون، احتياط ۽ علاج بابت ڄاڻ سڀني والدين کي ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي۔ گرمي ۾ ٿيندڙ عام بيماريون: سن اسٽروڪ (Sunstroke): هي بيماري ان وقت ٿيندي آهي جڏهن بنا ڪنهن حفاظتي اُپا جي گهڻو وقت شديد گرمي واري ماحول ۾ رهجي۔ اڪثر ڪري هي بيماري تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ٻار نٽهڻ اُس ۾ گهڻو وقت کيڏندا رهن۔ سج جي لاڳيتي تپش سان انسان جي جسم مان پاڻياٺ ۽ نمڪيات پگهر جي صورت ۾ ضايع ٿيو وڃي جنهن ڪري رت جو پريشر گهٽ ۽ سست رفتار ٿي ويندو آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ ٻارن کي تيز بخار به ٿي سگهي ٿو۔ گرمي داڻا، بوائلز (Boils): جسم ۾ شديد گرمي جي ڪري مختلف هنڌن تي مختلف سائيز جا داڻا نڪرندا آهن۔ ٻارن جي کل نازڪ ٿيي ٿي انڪري اڪثر گرمي جي موسم ۾ ٻارن کي اهي داڻا نڪريو اچن۔ اهي داڻا گند سان ڀرجي وڃن ۽ بخار جي ڪيفيت به هجي ته ويجهي ڪنهن ڊاڪٽر کان معائنو ضرورڪرائڻ گهرجي۔ الرجي (Allergy): ڪجهه ٻارن کي سج جي سڌي سنئي روشني سان الرجي جي شڪايت به ٿيندي آهي۔ ڪن ٻارن کي ته صرف گرمي سان ئي الرجي ٿيو وڃي۔ اها بيماري وڏن ۾ به عام آهي۔ پاڻي مان ٿيندڙ بيماريون (Water Borne Diseases): گرمين جي موسم ۾ پاڻي مان ٿيندڙ بيماريون به عام آهن۔ مثال طور: ڪالرا (cholera) ٽائفائيڊ (typhoid) سائي (jaundice) گيسٽرو (dysentery) اميباياسز( amoebiosis) فوڊ پوائزننگ (food poisoning) اهي بيماريون خاص طور تي ٻاهريان کاڌا کائڻ جي ڪري ٿينديون آهن۔ انڪري والدين کي گهرجي ته گرمين جي موسم ۾ پنهنجن ٻارن کي هوٽلن ۽ ريسٽورنٽز جي کاڌن کان پرهيز ڪرائن۔ مڇرن سان ٿيندڙ بيماريون (Mosquito Borne Diseases): بيٺل پاڻي جي موجودگي سان مڇرن کي واڌ ويجهه جو موقعو ملي ٿو جنهن جي ڪري ڊينگي (dengue)، مليريا (malaria ) ۽ ٻيون مختلف بيماريون پيدا ٿين ٿيون۔ گرمي ۾ انهن بيمارين کي آس پاس جي ماحول ۾ ڦهلجڻ جا آساني سان موقعا مليو وڃن۔ پوليو وائرس(Poliovirus): هي بيماري هڪ اهڙي وائرس سان ٿيندي آهي جيڪو گرمي جي موسم ۾ وڌيڪ چست ٿي وڃي ٿو۔ ٻار کي شروع ۾ گلي ۾ انفيڪشن ۽ هلڪو بخار ٿيندو آهي ۔ بعد ۾ دماغ جي مختلف تهن يا پيردن ۾ انفيڪشن (Meningitis) ڦهلجي ويندو آهي جنهن جي ڪري ٻار ڪجهه عرصي ۾ مڪمل يا جزوي طرح سان مفلوج (paralysis) ٿيو وڃي۔ ليڪن انهن والدين کي گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي جن پنهنجن ٻارن جو حفاظتي ٽُڪن جو ڪورس مڪمل ڪرائي ڇڏيو آهي۔ هلندڙ ۔۔۔۔ صحت بابت ڄاڻ پاڻ به حاصل ڪريو ۽ ٻين تائين به پهچايو
محترم ممتاز قريشي صاحب اڄ وارو موضوع نهايت ئي اهم آهي توهان جي مهرباني جو وقت سر مفيد مشورا ڏيندا رهو ٿا
گرمين جي بيمارين کان بچا ڪيئن ڪجي۔۔۔؟ گرمين ۾ هميشه تازا ميوا، سايون ڀاڄيون ۽ تازن ميون جا جوس ڪڍي استعمال ڪرڻ گهرجن۔ اهي ميوا جيڪي پهرين کان ٻاهر گاڏن تي ڪٽيل هجن صحت لاهاڃيڪارهوندا آهن۔ خاص طور تي ڇانهين وغيره انهن کي کائڻ کان پرهيز ڪريو۔ هوٽلن ۽ ريسٽورنٽز جي رکيل کاڌن کان به بچڻ ضروري آهي۔ پنهنجن ٻارن کي وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ لا همٿايو۔ پيئڻ جو پاڻي هميشه صاف ۽ اُٻاريل استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان ۾ موجود ڪيڙا، جراثيم، بيڪٽيريا ۽ وائرس وغيره ختم ٿي سگهن۔ جڏهن به ٻارن سان ٻاهر ڪنهن سفر تي وڃڻو هجي ته هميشه پاڻ سان گهڻي مقدار ۾ پاڻي ضرور رکو۔ پنهنجن ٻارن کي اهڙا کاڌا کارايو جن ۾ فائبر زياده هجي۔ اهو ڀاڄين ۾ وافر مقدار ۾ موجود هوندو آهي۔ گرمين ۾ ٻارن کي مناسب کاڌا ۽ سٺي خوراڪ ڏيڻ سان ڪافي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو۔ ٻارن کي ليمي جو تازو جوس، ناريل جو خالص پاڻي ۽ ٻيا قدرتي جوسز وقت به وقت پياريندا رهو انهن سان جسم ۾ قوتِ مدافعت کي وڏي طاقت ملي ٿي ۽ پاڻياٺ جي گهٽتائي به پوري ٿيي ٿي۔ انهن ۾ موجود ڪيترائي ئي جزا جسم جي واڌ ويجهه لا ضروري هوندا آهن۔ ٻارن کي گرمين ۾ هلڪا ڦلڪا ۽ سنها ڪپڙا پارايو جيڪي موسم مطابق هجن۔ ٻارن کي گرم موسم ۾ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا وهنجارڻ گهرجي۔انکان علاوه پرڪلي هيٽ پاوڊر جو استعمال به فائيديمند هوندو آهي۔ ٻارن کي تيز اُس ۾ کيڏڻ کان منع ڪريو۔ صبح جو وقت ۽ شام جو وقت ورزش ۽ رانديون کيڏڻ لا مناسب آهي۔ گرمين ۾ ٿيندڙ بيمارين کي آساني سان وقت سر سڃاڻي سگهجي ٿو ۽ احتياطي اُپا وٺڻ سان بعد ۾ ٿيندڙ نقصانن کان به بچي سگهجي ٿو۔ دوستن کي عرض آهي ته مٿي بيان ٿيل بيمارين بابت ڄاڻ آس پاس موجود سڀني والدين تائين پهچائڻ اسان سڀني جو فرض آهي۔ اهوهڪ قومي فريضو سجهڻ گهرجي۔ گرمي جي شدت ۽ ان جي نقصانن کان بچا لا صاف پاڻي جوزياده استعمال، تازا ميوا ۽ مناسب خوراڪ جو استعمال ڪرائڻ سان اسان پنهنجن ٻارن کي صحت ۽ تندرست رکي سگهون ٿا۔
لک قرب۔۔۔ اوهان سهڻو ۽ قيمتي ليک ونڊ ڪيو۔ مان پنهنجي فيملي سان گڏ ڳوٺ ويل هيس۔۔۔ سخت گرمي سبب ننڍڙي کي گرمي داڻا نڪري پيا آهن ۽ گرمي سبب پوري ننڊ به نه ٿو ڪري۔ بجلي جي صورتحال خراب آهي۔
ادا سليمان وساڻ۔۔ توهان صحيح پيا چئو۔ هن مضمون لکڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته عام سادن ٽوٽڪن ۽ احتياطي اپائن سان اسان ڪافي بيمارين کان پنهنجن ٻارن کي بچائي سگهون ٿا۔ اڄڪلهه گرمي جي ڪري هاسپيٽلز ۾ بيمار ٻارن جي رش لڳي پئي آهي۔ ڄاڻ هجي ته هر تڪليف کان بچي سگهجي ٿو۔ شل الله پاڪ اسان سڀني جي علم ۾ واڌارو ڪري ته جيئن اسان ٻين جي ڪم به اچي سگهون۔ آمين۔