• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انسان ذات جو بڻياد ڪيئن ٿيو۔۔۔؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هڪ ڏينهن هڪ ننڍڙي ڇوڪري پنهنجي ماءُ کان پڇيو۔۔۔” امان۔۔۔! هن ڌرتي تي انسان ذات جو بڻياد ڪهڙي طرح ٿيو۔۔۔؟
امڙ جواب ڏنو۔۔۔”ڌيءُ۔۔! رب پاڪ سڀ کان پهريان حضرت آدم عليه اسلام ۽ حضرت بيبي هوا کي پيدا ڪيو۔۔۔ کين اولاد ٿيو ۔۔۔ ۽ اهڙي طرح انسان ذات جو وجود هن ڌرتي تي ٿيو۔۔۔“
ٻن ڏينهن کان پوءِ اهو ساڳيو سوال ڇوڪريءَ پيءُ کان پڇيو۔۔۔ پڻس جواب ڏنو۔۔۔ ”پٽ۔۔۔! هزارين سال اڳ هن ڌرتي تي بن مانس ۽ ڀولڙا رهندا هئا۔۔۔ جيڪي آهستي آهستي چئن کان ٻن پيرن تي آيا ۔۔۔۔ ۽ سندن جي نسل ترقي ڪند ڪندي انسان جو روپ ڌاريو۔۔۔ اهڙي طرح انسان ذات جو هن ڌرتي تي وجود ٿيو۔۔۔“
ڇوڪري منجهي پئي ۽ ٻيهر پنهنجي والده وٽ آئي ۽ کائنس پڇيائين۔۔۔” امان ۔۔! توهان چيو ته انسانن کي الله پاڪ پيدا ڪريو جڏهن ته بابا چون ٿا ته انسان ڀولڙن جي نسل مان آهن۔۔۔“
ماڻس جواب ڏنو۔۔۔”ڌيءُ۔۔۔۔! مون پنهنجي بڻياد ۽ پڻهي پنهنجي بڻياد جي ڳالهه ڪئي آهي۔۔۔“
 
جواب: انسان ذات جو بڻياد ڪيئن ٿيو۔۔۔؟

سائين رشيد اصل واه واه ٿي وئي ۔۔۔ مردن سان وڏي ڪري وئي آهي اها مائي ۔۔۔ رک الله تي ۔۔۔ ايندو اسانجو به وارو !!!

hall chari

suhnan saan
 
جواب: انسان ذات جو بڻياد ڪيئن ٿيو۔۔۔؟

سائين ان مثال ۾ ڪير عقل مند چئجي ؟؟؟

سائين منهنجا! في الحال ته مائي ملهه ماري وئي آهي ۔۔۔ عقلمندي جو مظاهرو ڪري وئي آهي ۔۔۔ اسان مرد هروڀرو پاڻ کي عقل جا اڪابر سمجهندا آهيون ۔۔۔
 
جواب: انسان ذات جو بڻياد ڪيئن ٿيو۔۔۔؟

مائيءَ سٺو جواب ڏنو پنهنجي ٻچڙيءَ کي۔۔۔۔
 
Back
Top