اقتدار ڌڻين وٽ عوام لاءِ وقت ڇو ناهي؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    منير احمد نارائي
    هڪ سال جي ڪارڪردگي واري رپورٽ پيش ڪرڻ وقت سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي هڪ موقعي تي چيو هئو ته ڪالاباغ ڊيم اسان جي حڪومت ۾ ته نه ٺهندو، باقي اسان کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻي حڪومت اچي اهو تڪراري ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان پنهنجي کٿل چپلن سان سنڌ جي عوام سان گڏجي روڊن رستن تي احتجاج ڪنداسين، ڇو جو اسان کي واپس عوام ڏانهن ئي وڃڻو آهي. پنهنجي ان تقرير کانپوءِ وزيراعليٰ سنڌ اسيمبلي جي اڱڻ ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ ايوان کان ٻاهر آيو ته ٻاهر اڱڻ ۾ اٽڪل سؤ سوا ماڻهو گڏ ٿيل هئا، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي اچي ڪراچي پهتا هئا ۽ سندن اکين ۾ اميد جا ڏيئا چمڪي رهيا هئا ته هو پنهنجي جن مسئلن جي حل لاءِ ڪشالا ڪڍي هتي پهتا آهن هاڻي اهي حل ٿي ويندا. ڇو ته صوبي جو حاڪم سندن سامهون آهي ۽ اجهو ٿو سندن سمورا مسئلا حل ڪري. انهن ماڻهن جيئن ئي وڏي وزير کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو ته هو سندس طرف ڀڳا ۽ ساڻس ملڻ ۽ پنهنجا مسئلا سندس آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چاق ۽ چوبند هٿياربند گارڊن انهن کي وڏي وزير تائين پهچڻ نه ڏنو ۽ کين روڪي ڇڏيو. سخت گرميءَ ۾ ڪلاڪن کان انتظار ۾ بيٺل ماڻهن کي جڏهن وڏي وزير سان ملڻ نه ڏنو ويو ته انهن ڪاوڙ ۾ اچي جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا ۽ اچي گوڙ شروع ڪيو، پر وزيراعليٰ صاحب پنهنجي زبان سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو ۽ نه وري اهو چيو ته بابا هي عوام آهي ۽ ان کي مون ڏانهن اچڻ ڏيو يا وري اهي ماڻهو مون سان ملڻ آيا آهن ته مان انهن سان ملندس. پر نه هن اهڙو ڪوبه جملو نه چيو ۽ ماڻهن جي پيهه کي گارڊن ذريعي چيريندو ڊائس تائين پهچي ويو. اهڙي روش ڏسي ماڻهن نعرن ۾ اڃا به تيزي آڻي ڇڏي ۽ وڏي وزير کي ڳالهائڻ جو موقعو نه پئي ڏنو. تڏهن صحافين مداخلت ڪئي ته بابا ٿورو صبر ڪيو، وڏو وزير ميڊيا سان ڳالهائي وٺي، پوءِ توهان ساڻس ملجو، جنهن بعد ماڻهو خاموش ٿيا ۽ وڏي وزير پنهنجي حڪومت جي هڪ سال واري ڪارڪردگي بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏني. هن جيئن ئي بريفنگ کانپوءِ واپس وڃڻ چاهيو ته ٻيهر ماڻهن جي هجوم کيس گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. پر هو ڪنهن سان به نه مليو، نه وري ڪنهن سان ڳالهايو، نه ڪنهن کان درخواست ورتائين ۽ نه وري ڪنهن جو مسئلو ٻڌائين. جڏهن ماڻهن سان اهڙي جٺ ٿي ته انهن حڪومت ۽ وڏي وزير بابت اهڙا اهڙا ڪمينٽس ڏنا جيڪي مان هتي لکي نٿو سگهان، ماڻهو ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ روئڻهارڪا ٿي واپس هليا ويا.
    ان وقت مان هڪ پاسي بيهي حيرانگي سان سوچي رهيو هئس ته هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي. ڪنهن ماڻهو جي قول ۽ فعل ۾ ايڏو تضاد به ٿي سگهي ٿو. هو جيڪو ڪجهه لمحا اڳ ۾ سنڌ اسيمبلي جي مقدس ايوان ۾ بيهي عوام سان گڏ هجڻ ۽ عوام سان گڏجي کُٿل چپل پائي احتجاج ڪرڻ جون دعوائون ڪري رهيو هئو. اهو ڪجهه ئي لمحن کانپوءِ پنهنجي لفظن تان ڦري ويو هئو. هن طاقت جي اصل سرچشمي عوام سان ٻه منٽ بيهي ڳالهائڻ جي به زخمت نه ڪئي. حيرت آهي ته جنهن عوام کان ووٽ وٺي اسان جا حاڪم اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن اهي اقتدار ۾ هوندي عوام کان ايترو پري ڇو ڀڄي رهيا آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪمران ائين ڇا جي ڪري پيا ڪن. اصولي طور تي ٿيڻ ته ائين کپندو هئو ته وڏو وزير سڀني ماڻهن کي پنهنجي سنڌ اسيمبليءَ واري آفيس ۾ گهرائي سندن مسئلا ٻڌي ها ۽ ان ئي وقت ضروري حڪم ۽ هدايتون جاري ڪري ها کڻي حڪم به نه ڏئي پر ماڻهن جا مسئلا ٻڌي انهن کي تسلي ته ڏئي پئي سگهيو. باقي عوامي حڪومت ۽ عوام مان هئڻ جون ٺلهيون دعوائون ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو. اقتدار ۾ آهيون ته عوام سان نه ملنداسين، باقي اقتدار مان لهڻ شرط عوام جا خادم ٿي وينداسين ته پوءِ ڇا فائدو! هينئر جڏهن توهان وٽ اقتدار آهي ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪيو، انهن کان پري ڀڄڻ ڏاهپ ناهي، ڏاهپ ۽ دانشمندي ان ۾ آهي ته نيون روايتون وجهو ۽ اهڙا ڪم ڪيو جو هر ماڻهو جي وات مان واهه واهه نڪري باقي اهڙا جملا ۽ لفظ نه نڪرن جو اسان لکي به نه سگهون. وزيراعليٰ هائوس ۾ مختلف وزير ماڻهن جا فون تي مسئلا ٻڌن ٿا، ڪير ٻڌائيندو ته هينئر تائين انهن وزيرن ڪيترن ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا آهن ۽ اهي ڪهڙي نوعيت جا آهن، خدارا حقيقت کان منهن نه موڙيو، بلڪي حقيقتن جو باريڪ بيني ۽ سنجيدگي سان جائزو وٺو ۽ عوامي مسئلن کي عملي طور تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻو نه ته هاڻي عوام توهان کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏيندو. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي کي ڏسون ٿا ته 12 مهينن جي اندر عوام ۽ صوبي جي ڀلائي لاءِ هڪ به اهڙو ڪم نه ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ چئي سگهجي ته حڪومت جو اهو وڏو ڪارنامو آهي. اسيمبلي جي گذريل اجلاس ۾ ئي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون وڌائڻ ۽ سهوليتن لاءِ هڪڙو بل آندو ويو هئو. حيرت آهي ته هو وزير ۽ اسيمبلي ميمبر آهن، وڏيون وڏيون پگهارون ۽ بي پناهه سهوليتون اڳي ئي حاصل ڪري رهيا آهن پر اڃا به انهن کي پنهنجي ڳڻتي آهي ته پگهارون ۽ سهوليتون وڌن. هنن صوبي جي خودمختياري اين ايف سي ايوارڊ، بابت هڪڙو به بل پيش نه ڪيو آهي، نه ئي عوام کي حقيقي معنيٰ ۾ ڪو سڌو فائدو ڏيڻ جو ڪو بل پيش ڪيو آهي. هو فقط پنهنجي لاءِ وڌ کان وڌ اختيار ۽ سهوليتون ڏيارڻ جي ڪوشش ۾ آهن، پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو انتها تي پهچي چڪو آهي ۽ آبادگارن جون دانهون آهن. ميمبر به هر اجلاس ۾ اهو معاملو اٿارين ٿا پر رزلٽ زيرو آهي ۽ وڏو وزير چوي ٿو ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ کير جي پيداوار وڌائي وڃي. مون کي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته پاڻي جو متبادل کير ڪيئن ٿو ٿي سگهي. مان سنڌ جي سمورن ڏاهن ۽ دانشورن کي اپيل ٿو ڪيان ته هو مون کي سمجهائين ته کير جي پيداوار سان پاڻي جي کوٽ ڪيئن ٿي ختم ڪري سگهجي؟ ڇا ماڻهو پاڻيءَ بدران کير پيئڻ شروع ڪن يا کير تي فصل پوکڻ شروع ڪن؟ مان بلڪل گهٽ عقل وارو ماڻهو آهيان ۽ چاهيان ٿو ته مون کي ڪير اهو معاملو سمجهائي، ڇو ته جنهن ڏينهن کان مون اهو ٻڌو آهي ان ڏينهن کان پريشان آهيان ۽ سوچي سوچي ٿڪجي پيو آهيان ته پاڻي جي کوٽ کي کير ڪيئن ختم ڪندو.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabash

    shal judy hujeen
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا جهانداد تمام بهترين شيئرنگ آهي، ادي نارائي کي به جس لهڻو هجي جنهن اهڙي ناياب تحري شايع ڪئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو