• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو تعارف

عبدالرحيم

سينيئر رڪن
سَائِينم! سَدائِين، ڪَرِين مَٿي سِنڌ سُڪار؛
دوست مِٺا دِلدار، عالم سڀ آباد ڪَرِين​

منهنجو نالو عبدالرحيم پنهور آهي. آئون ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو آهيان. مون سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر ڪئي آهي. مون کي انٽرنيٽ جو وڏو شوق آهي ۽ آئون ويب سائٽون به ٺاهيندو آهي. هاڻ اوهان سنڌي ڀائرن سان رابطي ۾ رهبو سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان.
سدا خوش هجو.
bhali kareaya
 
جواب: منهنجو تعارف

ڀلا ڀاڳ اسان جا جو توهان جهڙا تعليم يافته ساٿي سنڌ سلامت فورم تي اچي پاڻ سان ساٿ نڀائي رهيا آهن۔۔۔ ادا رحيم هوئن تي سنڌ سلامت فورم تي توهان جهڙا ٻيا قابل دوست پڻ موجود آهن پر جيترو ساٿ وڌي اوترو ڀلو ۽ پنهنجي ٺاهيل سائيٽس جو پڻ حوالو ڏيو ته جيئن توهان جي ڪم جي داد ڏئي سگهجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻيو ته هيئنر ڇا ڪندا آهيو۔۔؟ اهو به ٻڌايو۔۔
 
جواب: منهنجو تعارف

ڀائڙا عبدالرحيم، ڀلي ڪري آيا، اسانجي اکين تي، هيءَ اوطاق آهي ئي اوهانجهڙن سهڻن من موهڻن سنڌين لئه، جي پنهنجي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي لئه پنهنجي سيني ۾ محبت رکنٿا ۽ اها تڙپ رکنٿا ته هو پنهنجي قوم جي ورثي جي مالڪي ڪندا ۽ لڏندڙ لمندڙ ٻيڙيءَ کي ڪنهن ڪناري لڳائيندا ...

مٺا سائين اوهان لطيف جو جيڪو بيت مٿان لکيو آهي ان مان ئي محسوس ٿئي ٿو ته اوهان ڪهڙي جذبي جا انسان آهيو ... اسانجو پڻ اهو ئي نظريو آهي .... ۽ چوندا آهن ته جڏهن چار چريا ملي ويهندا آهن ته خوب ڪچهريون مچنديون آهن ...

هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت جي سموري ساٿ طرفان ... دل جي گهراين سان ڀليڪار .... اميد ڪريون ٿا ته اوهان پنهنجي علم ۽ ڄاڻ مان اسانجي ذهنن ۾ پڻ روشنيءَ جا ڏيئا ٻاريندا ...

ڌڻي سڳورو اوهانکي نظر بد کان بچائي ۽ هدايت يافته انسانن جي پاسي ڪري ... آمين

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: منهنجو تعارف

ادا سنڌ يونيورسٽيءَ جا ستايل ڀاءُ۔۔۔ هن مست جي طرفان به سلام قبول هجن۔۔ توهان سنڌ مان ماسٽر ڪئي آهي ته مان وري بيچلرز۔۔ اوهان ڪهڙي شعبي ۾ ماسٽرز ڪئي آهي ۽ ڪهڙي قسم جون ويب سائٽس ٺاهيو ٿا ڪجهه ته حوالو ڏيو۔۔۔
 
جواب: منهنجو تعارف

ادا عبدالرحيم هي عاجز به اوهان کي سنڌ سلامت جي سرهاڻ ڀرئي اڱڻ تي ڀلي ڪار چوي ٿو اميد ته خدا جي ڏني مان اسان کي به ڪجهه سيکاريندا ۔
 
جواب: منهنجو تعارف

ڀلي ڪري آيا ادا عبدالرحيم صاحب سنگت ۾ اچڻ تي سلام پنهنجو فون يا اي ميل هن نمبر تي موڪليو روبرو ملاقات ڪريان مان ميرپورخاص جو آهيان۔ نجم الدين ڪنڀر
03013282565
 
Back
Top