• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ملڪاڻي ۾ پاڻي کوٽ: اصل حقيقتون ۽ مسئلي جو حل

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
ڪيئي سالن کان ملڪاڻي جا آبادگار پاڻي کوٽ تي احتجاج ڪندا رهيا آهن۔ ۽ ڪن به ڇو نه جو جڏهن مٿي برساتون گهڻيون ٿيون پون ۽ ٻوڏ اچي ٿي ته هيڪاندو پاڻي لاڙ پڇاڙ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو ۽ سانوڻي مُند ۾ برساتون نه ٿيو پون ته پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي۔ انهي جي سڀ ڪسر به پوڇڙ وارا ئي ٿا ڀرين۔
ملڪاڻي ۽ آسپاس جي زمينن کي پاڻي پُهچائيندڙ واهه آهي نصير ڪئنال۔ جيڪو اُڏيرو لال وٽ دنگ ڪندڙ روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف ڊويزنس مان هڪ آهي۔ اُڏيرو لال تائين ته پاڻي جي رسد پوري رهي ٿي۔ جيئن هيٺ حقيقي تصوير (گوگل ميپ جي ٿورن سان) ڏيکاريل آهي۔
jrMgV0yuThLSo.JPG
پر جڏهن اهو ڪئنال ٽنڊو الهيار ٽِپي هيٺ هلي ٿو ته انهي مان کوڙ سارا قانوني سب ڊويزن نڪرن ٿا ۽ شاخون پڻ جيڪي سوين ميل تي پکڙيل زميننون پيچ ڪن ٿا۔ پر گذريل ٻن ڏهاڪن کان هڪ لعنت جو رواج پيو جنهن کي ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ جو نالو ڏنو ويو۔ سنڌي ۾ انهي کي ڪڙيو چيو وڃي ٿو۔ اهي ڪڙيا گهڻو تڻو جمهوري دور ۾ نڪتا ڇو ته انهي دور ۾ با اثر وڌيڪ اثر رکن ٿا ۽ مٿي ڪامورن کي خوب خرچيون ڪرائي بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي منظوريون وٺيو اچن ۽ سرڪار پاران ڏنل حد کان ٻه ٽي سؤ سيڪڙو مٿي پاڻي کڻن ٿا۔ انهي تي تفصيلي ڪالم ادريس راجپوت پاران لکيو ويو آهي جيڪو هن ليک جي آخر ۾ موجود آهي۔ اهي ڪڙيا هاڻي 64 جي انگ تي پُهچي چُڪا آهن۔ مثال طور هڪ ڪڙئي جو گوگل ميپ ذريعي ئي هڪ ڏيک هتي ڏجي ٿو۔​
jiFexMtJthoXA.JPG
هي لسٽ آهي انهن پاڻي چورن جي جيڪي ڪنهن طريقي سان اهي ڪڙيا ڪڍرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ هاڻي جيترو وني ٿو پاڻي کڻن ٿا۔ ٻيو ڏوهه اهو به ڪن ٿا ته گورنمنٽ جي مقرر ڪيل اڌ يعني هڪ ڀاڱي ٽي حصو زمين آباد ڪرڻ واري شرط به ٽورين ٿا۔ سندن زمينون سؤ سيڪڙو آباد آهن​
jzr5bqAoD4Wm4.jpg
۽ جڏهن نصير ڪئنال سب ڊويزن خيرپور گمبوهه پُهچي ٿو ته ڪم لهي چُڪا هوندا آهن۔ پاڻي لپ ايتري به ناهي بچندي جو زمينون آباد ڪرڻ ته پري پر پيئڻ جو پاڻي به بچي۔ هتي سانگي فراهو مائنر تي انهي ڪئنال جي ٽيل آهي ۽ هتان تي شاخون نڪرن ٿيون جيڪي روٽيشن تي هلن ٿيو۔ ڪيئي دفعا ته ٽنهي شاخن تي مهينو مهينو پاڻي به ناهي ايندو۔​
jMnTkBsLOMZux.JPG
ادريس راجپوت جي ڳالهين مان به ۽ هتي مُتاثر ماڻهن جي ڳالهين مان به اهو ئي ٿو لڳي ته اها چوري روڪڻ ۽ پوڇڙ (ٽيل) تي پاڻي پُهچائڻ لاءِ رينجرز بيهارڻ يا اهي واٽر ڪورس ماپ تي هلائڻ واريون تجويزون عارضي لالي پاپ آهن جيڪي اڳ به هتان جا رهواسي ڏسي چُڪا آهن۔ گورنمنٽ هڪ ته سنجيده ناهي ٻيو ته رشوت جي عادت ڪري مجبور به آهي۔ سائين ادريس راجپوت جو 9 جون 2013 تي ڇپيل ڪالم ۾ هڪ دفعو وري ساڳيو اظهار آهي۔ مثال لاءِ ڪُجهه ٽُڪرا اقتباس لاءِ هتي پيش ڪجن ٿا۔​
”واهن مان ڪڙين وسيلي ورهاست آبپاشي کاتي جو هيٺيون عملو ڪري ٿو، جنهن ۾ داروغا ۽ سرويئر اهم آهن. اها ورهاست صحيح نٿي ٿئي، جنهن جا مکيا ٻه ڪارڻ آهن، هڪڙو سياسي نظام ۽ ٻيو بدعنواني (Corruption) اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته، سياستدان ۽ حڪمران پنهنجي علائقي ۾ سرڪاري ڪامورا پنهنجي مرضيءَ سان رکرائين ٿا، جيئن ايس ايڇ او، مختيارڪار، تپيدار، داروغا، سرويئر، ايس ڊي او ۽ انجنيئر. قابليت يا ميرٽ جي بنياد تي ڪو ورلي آفيسر رکيو ويندو آهي. جڏهن اهي ڪامورا حڪمرانن ۽ انهن سان واسطيدار ماڻهو رکرائين ٿا ته وري ڪامورا موٽ ۾ انهن جا ڪمدار ٿي ڪم ڪن ٿا. وري انهن با اثر ماڻهن آبپاشي عملي تي زور آڻي ۽ حڪومت کان سفارشي بنيادن تي واهن مان ڊي او يعني (Direct outlet) منظور ڪرايا آهن. پاڻي کوٽ واري وقت ۾ آبپاشي وارا واهن جي وارابندي ڪندا آهن، پر ڊي اوز جي وارا بندي ٿيڻ نٿي ڏني وڃي.“
”مان 1984ع کان 1986ع تائين روهڙي ڪينال جو سپرنٽينڊنگ انجنيئر رهيس. نصير ڪينال ۾ جڏهن پاڻي کٽندو هو ته مان ٽنڊي الهيار ريگيوليٽر مٿان نڪرندڙ نانگنا واهه کي بند ڪرائي ڇڏيندو هوس ته پاڻي پورو ٿي ويندو هو. هاڻي نانگنا واهه کان هيٺ ايترا ڊي اوز منظور ٿيل آهن، جو نانگنا واهه بند ڪرڻ سان به پڇڙيءَ تي ڪو اثر نه پوندو، جو انهيءَ کان هيٺ اهي ڊي اوز ۽ ٻيا ڀڳل ماڊول ايترو پاڻي کڻي ويندا، جو ٽيل تي پاڻي ئي نه پهچندو.“
”چون ٿا ته آبپاشي سيڪريٽري چيف منسٽر کي هڪ سمري اُماڻي آهي ته پاڻي چوري روڪڻ لاءِ ڪن خاص واهن تي رينجرز وارا مقرر ڪيا وڃن۔ جيڪڏهن اها اجازت ملي به وئي ته ان جو وقتي فائدو ٿيندو۔جڏهن رينجرز هلي ويندي ته ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه هوندا۔“
انهن حالتن کي ڏسي ملڪاڻي وارن ڦوڙي ڪري لک کن خرچ ڪيو۔ عدليا کي سو موٽو وٺي فورن اسٽي آرڊر جاري ڪري اها ڪڙيا (ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ) بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي جيڪا ڪاوش ۾ 2010 ۾ ڇپي پر الائي ڇو عدليا جي اک نه ٻُڏي۔​
jMV2JLd5x59OG.JPG
ادريس راجپوت جو انهي اپيل جي تناظر ۾ ڪڙيا (ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ) تي تفصيلي ليک۔ انهي ۾ به اهو ئي چيل آهي ته سواءِ عدليا جي مداخلت جي ٻي ڪا طاقت ناهي جيڪا انهي ظلم ۽ بربريت کي روڪي سگهي۔​
jhCFq0G8z5SJw.JPG

هاڻي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اها دانهن عدليا جي ڪن تي ڪيئن پُهچي؟ هي ليک پڙهي انهي سلسلي ۾ ڪو مدد ڪندو ته لکين ماڻهن سان انصاف ٿيڻ جي هڪ اُميد جاڳي پوندي۔
 
مان سمجهان ٿو ته عملدار سڀ جو سڀ بيوس آهن، تنهنڪريي پاڻي جو پهچڻ ڏکيو آهي ۔۔۔ حڪومت سنجيده ناهي، پڇڙي کان اڳ با اثر ماڻهن جا واٽر ڪورس آهن، جيڪي بند ٿيڻ ڏکي ۽ مشڪل ترين ڳالهه آهي۔

هاڻي جيڪڏهن هن هيڏي وڏي احتجاج کانپوء سنڌ حڪومت ڪو تحرڪ ورتو به ته اهو عارضي هوندو۔ جيڪڏهن ڪورٽ ڪو پاڻمرادو نوٽس ورتو ته پوء بهتري اچي سگهي ٿي۔
 
ادا سٺو ڪم ڪيو اٿئو ، دعا ڪريو ته مسئلو حل ٿي سگهي نه ته يار هتان جا ماڻهو صفا جيئري ئي مري ويندا، معيشيت رهي ناهي هاڻي ته پيئڻ جو پاڻي به ناهي ايندو
 
مان سمجهان ٿو ته عملدار سڀ جو سڀ بيوس آهن، تنهنڪريي پاڻي جو پهچڻ ڏکيو آهي ۔۔۔ حڪومت سنجيده ناهي، پڇڙي کان اڳ با اثر ماڻهن جا واٽر ڪورس آهن، جيڪي بند ٿيڻ ڏکي ۽ مشڪل ترين ڳالهه آهي۔
ادا پاڻي چور سڀ جا سڀ بااثر آهن، انهن سان ايس ڊي او يا انجنيئر ڪٿي پورو پوندو، وري جو اهي عملدار به ايماندار هجن ته پو اڃان ڪو ڪم سولو ٿيئي، هتي ته هيٺ کان مٿي تائين سڀ رشوت خور آهن
 
Back
Top