لڳي ٿو ته ڪجهه شيون وساريون اٿم ڄامشوري ۾ ڏسان ڪا پسند جي ڪتاب ته نه وسري آهي۔ لطيف به پيو آ سچل، سامي، بخاري، اياز به ته پيو آهي۔ سائين جي ايم سيد جا به ته ڪتاب پيا آهن ڀلا ڏسان ڪو ناول ته رهيو آهي ناول به ته پورا آهن۔ڪپڙاا، پرفيوم، چارجر، موبائيل ۽ ٻيو به ته سڀ سامان کنيو آهي۔ پوءِ آخر وسريو ڇا آهي؟ جو مان اڌورو اڌورو ٿو لڳان۔ اڙي ها ياد آيو رات هاسٽل ۾ چنڊ کي ڏسندي ڏسندي اکيون اتي ئي رهجي ويون شايد اهي ڪينٽين تي منهنجون دوستن سان ٿيل ڪچهريون اڌ چانهه منهنجا ٽهڪ اهي سڀ خوشيون اتي ئي وسري ويا آهن ۽ آئون اڌورو اڌورو ٿو لڳان۔ پر اي دل! اهي سڀ ته تو منجهه سمايل آهن۔ اهي سڀ ڳالهيون ته مون تو ۾ دفن ڪيون هيون۔ انهن سڀني پرين پيارن سهڻن سٻاجهڙن جا عڪس ته تون منجهه آهن۽ تون مونسان گڏ آهين پر الاهي ڇو مان اڄ اڌورو ٿو محسوس ڪيان؟ ها شايد اڄ انهن سڀني پرين پيارن کان وڇڙڻ جو ڏينهن آهي تڏهن ٿو ائين محسوس ٿئي۔ وري الاهي اهي سڪ ڀريل، محبت ۾ ٽمٽار چاهت جي چس سان ڀريل ڪچهريون وري اتي ڪون ٿينديون الهي ٻئي هنڌ ڪٿي مقدر ۾ ملاقات به لکيل آهي الاهي نه، پر اڙي اي چري دل! هي دنيا به ته اميدن تي قائم آهي۔اڙي او دل! هل ته هاڻ هلئون انهن يادگيرين جي سهاري ئي جيون گذارينداسين۔۔ پري اي دل! تون به ته پنهنجي ڳالهه تي پوري آهين۔ سڀ ڪجهه هوندي به مان اڌورو اڌورو ٿو لڳان۔ اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا
ڄامشورو پريئن جو شهر ۔۔۔۔ پر اتفاق سان ڄامشوري سان ڪي گهڻيون يادون وابسطه ناهن، سواء دوستن جي اتي پڙهڻ جي۔
الهي ٻئي هنڌ ڪٿي مقدر ۾ ملاقات به لکيل آهي الاهي نه؟ سو فيصد درست وري ملاقات نه ٿي هوءَ ته ناني به ٿي چڪي آهي