پيغام لطيف۔۔۔جي ايم سيد

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جي ايم سيد … پيغام لطيف۔۔۔
    ________________________________________
    3. ملڪ جي آزادي، خوشحالي ۽ ترقي
    شاه صاحب جي ڪلام ۾ ٽين خاص ڳالهه ملڪ جي آزاديءَ، خوشحالي ۽ ترقيءَ جو تصور آهي. اميد ۽ آرزو آهي. اوهان جيڪڏهن سندس ڪلام تي غور سان نظر ڪندا ته ڪيترين جڳهن تي زنجيرن جي ٽٽڻ، قلعن ۽ ڪوٽن جي ڪرڻ، قيدن ۽ بندن کان آزاد ٿيڻ لاءِ دعائون گهريل ڏسندا؛ هڪ هنڌ چوي ٿو ته؛

    ” جسو زنجيرن ۾ راتون ڏينهان روءِ “
    ۽ وري چوي ٿو؛
    ” ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، زيريون زنجير“
    ٻي طرف وري چوي ٿو ته؛
    ” منهنجي آس اها ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي“

    جڏهن سرتين، جيڏين ۽ ڀر وارين قومن کي آزاديءَ ۾ خوشحالي جي زندگي گذاريندو ڏسي ٿو ۽ پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي غلام ۽ پٺتي پيل ڏسي ٿو ته بي اختيار زبان مان نڪريو وڃيس ته؛

    ” مون جيڏيون ملير ۾، ٿيون چونڊن موڪ مها“

    شاه صاحب سنڌ جي سهسين سينگارن، پلر جي پالوٽن، پٽن جي پاهن، کٿوريءَ خوشبوءِ، مدائتن مينهن جو ته شائق ٿو ڏسجي، سنڌ ۾ سڪار لاءِ خاص دعائون ٿو گهري، ڏڪارين ۽ موزين جي ڏيهه مان پاڙ پٽڻ جي پٺيان آهي، جڏهن جڳ ۾ مانڊاڻن جي وار، اتر پار ڏي ڪڪر ڪارونڀار ۽ مندائتن مينهن جي وسڻ جا ويس ڏسي ٿو ته، هڪ انقلابي وانگر خوش ٿئي ٿو. کيس خبر آهي ته مهانگي لئه ميڙڻ وارا ۽ پنجن مان پندرهن ڪرڻ وارا (چور بازاري) جلد ختم ٿيڻ وارا آهن، ۽ سگهوئي هاري هر جو مٺيو هٿ ۾ ڪري، ملڪ جي سياسي جمود واري زمين کي کيڙي، ان ۾ آزاديءَ جو ٻج پوکڻ وارا آهن، جلدئي سک جي ساوڪ ٿيندي، ڏولائي جا ڏينهنڙا ويندا، سنگهار سکيا ۽ ستابا ٿيندا ...

    شاهه صاحب جي باريڪ بين نظر سنڌين جا عيب به سندس اڳيان پڌرا ڪري ڇڏيا هئا، ۽ کيس انهن ۾ هيٺيون خاميون ڏسڻ ۾ آيون؛

    1. احساس ڪمتري
    هن ملڪ ۾ هيءَ عام چوڻي آهي ته ” ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا“ سا حقيقت شاه صاحب هوبهو اکين اڳيان ڏٺي پئي، انوقت سنڌ اندر هر صديءَ ۾ ڌرتيءَ جي ڌٻڻ، سنڌونديءَ جي ڦيرن گهيرن، ٻوڏن ۽ سوڪهڻن جي واقعات، آبپاشيءَ جي واقعات، آبشائيءَ جي پوري انتظام نه هئڻ، بارش جي گهٽ هئڻ، اندروني ۽ بيروني ڌاڙيلن جي حملن (پوءِ اهي حاڪمن جي طرفان هيا يا ڌاڙيلن طرفان) حالتون غير تسلي بخش بڻائي ڇڏيون هيون ...

    شهري زندگي تمام ڇٽي هئي، ماڻهن جو گهڻو تعداد مال تي گذران ڪرڻ ڪري خانه بدوش زندگي گذاريندو هو. آبادي به سدائين ساڳي زمين تي نه هئڻ ڪري آبادگار پيا پٽ بدلائيندا هئا، انڪري علم ۽ ٻي ترقيءَ لاءِ سندن واسطي حالتون سازگار نه هيون. انجي مقابلي ۾ دهلي، گجرات ۽ پنجاب طرف حالتون مختلف هيون. بارش گهڻي، آبادي جام، خانه بدوش زندگي گهٽ هئڻ ڪري اتي جا رهاڪو علم ۽ آسودگيءَ ۾ سنڌين کان وڌيڪ هئا. نتيجو اهو نڪتو ٿي ته، هر ٻاهران آيل ماڻهون سنڌ ۾ اچڻ بعد معتبر شمار ٿيڻ ۾ ٿي آيو، پنجاب جا پير افغانستان جا حمله ڪندڙ، دهليءَ جا نواب تن جو ملڪ ۾ ڌاڪو ويهجي ويو، اڪبر جي قومي سياست، اورنگزيب جي مذهبي پاليسي، مهدوي طريقت، دهليءَ جي نوابن جي طرز معاشرت، مغلن جي فارسي، سنڌ کي وڻ ويڙهي جيان ويڙهي ويل هئي، ” ننڍو صوبو ۽ سندس ننڍا دماغ“ (1) ” ۽ گڏهن ۽ اٺن جي هلائڻ واري قوم“ (2) جا طعنا سنڌين کي صرف هن وقت ڪونه ٿا ڏيڻ ۾ اچن، پر انوقت به وڏيرن ۽ ملن جو ڪثير طبقو پاڻ وساري ويهي رهيو، سنڌي قوم جي تهذيب، زبان، آزاديءَ ۽ ترقيءَ جون ڳالهيون وسري ويئون هينَ.
    ________________________________________
    (1)1938ع ۾ سردار پٽيل چيو (2) لياقت علي خان 1948 ع ۾ چيو.................

    شاه صاحب نهايت درد دل سان، اهي حالتون محسوس ڪيون ٿيون ڏسجن ۽ انهنکي نظر ۾ رکي سنڌين کي خطاب ڪيو اٿس ته؛

    ” ايءَ نه مارن ريت جي سيڻ مٽائن سون تي“

    وري ٻئي هنڌ چوي ٿو ته؛

    ” پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان“

    2. ابن الوقتي
    سنڌين ۾ ٻي وڏي خامي جا شاه صاحب ڏٺي هئي، سا هئي، سندس وڏيري ڪلاس جي ” ابن الوقتي“ هتي مثال مشهور ٿي ويو آهي ته؛

    ” جيڪو واءُ لڳي انکي سامهون ٿجي“

    هتي جا وڏا ماڻهون ڍنڍ جي پکين جيئان، هميشه پاڻي يعني سک سان ٻڌل هئا، جيڪو پاسو زور ڏسندا هئا وڃي انجو طرف وٺندا هئا. اصولن ۽ مقصدن خاطر جيئڻ ۽ مرڻ جي ستي ئي ڪانه پيل هين..

    جيئن اڄڪلهه جي حالت اها آهي ته، جڏهن انگريزن جي حڪومت هئي ته سنڌي وڏيرن، انهن
    جي غلاميءَ وارا لقب ۽ عزتن حاصل ڪرڻ ۾ فخر ٿي سمجهيو، هاڻ جڏهن هوا بدلي آهي ۽ گورن جي جاءِ، ڪارن والاري آهي ته اسانجا اهي ماڻهون وري هنن بدليل حاڪمن جي ڪنجڪ جهلڻ ۾ مشغول آهن. اهڙي ساڳي حالت شاه صاحب به ڏٺي ۽ ڏاڍو درد ٿيو ٿو ڏسجيس، اهڙي حالت ۾ چوي ٿو ته؛

    ” هي منهن ڏيئي ٻَنِ، تون وهه کائـــــي نه مريــن؟
    تان جي ملير ڄايون، توسين سنــــڱ نه ڪـــن،
    تون ڪيئن منجهان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئين.“

    انوقت قحط الرجال ڏسي، کيس سنڌين جي قديم بهادري ۽ غيرت جا ڪم ياد اچنٿا، سومرن جو مرندي مري وڃڻ پر غير سنڌي اقتدار اڳيان ڪنڌ نه نمائڻ، دريا خان جو پٽن سوڌو قربان ٿي وڃڻ، ليڪن خوشيءَ سان ڌارين جي غلامي قبول نه ڪرڻ، کيس هن شعر چوائڻ لاءِ مجبور ڪيو؛

    ”اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪـــک،
    آديسي اٿي ويا، پئي اڏامـــــــي رک،
    سامي کڻن سنک، وڄائي واٽ ٿيا.“

    اهو مٿين طبقي جي ماڻهن جو حال هو، ليڪن جڏهن هن ڳوٺن جو سير ڪيو، عام غريب ماڻهن سان مليو، مارئيءَ جي حب الوطني، سسئيءَ جي وفاداري، سهڻيءَ جي سرويچيءَ جا قصا ٻڌائين تي ته وري دل نٿي لوڙهيائين ۽ چئي ٿي ڏنائين ته؛

    ” اڃا سي آهن، سزاوار سنـڱين جا،
    ويٺا وڄائين، جي سناسي سڻئيـن.“

    3. خانه جنگي

    سنڌين ۾ شاه صاحب ٽين وڏي خامي ” نفاق“ جي ڏٺي، بدويانه زندگيءَ جو اهو هڪ مکيه جزو ٿيندو آهي ته قبيلا قبيلن ۾، مائٽ مائٽن ۾ حسد ۽ اڻ سهائيءَ ڪري وڙهيا ويٺا هوندا آهن. خود مطلبي سندن زندگيءَ ۾ گهر ڪري ويهي وڃڻ ڪري، منجهانئن سڀڪو سياري جي ” سوڙ “ پيو پاڻ ڏانهن سوريندو آهي. جيتوڻيڪ بهادريءَ قربانيءَ جو مادو گهڻو هوندو اٿن پر ” شير شاه جو شڪرو گهر جا ڪڪڙ ماري“ وانگر سڀڪو اوزار پاڻ تي پيا آزمائيندا آهن، پنهنجي تي آيا رهندا، ڌارين تي همٿ ئي ڪانه ٿيندي اٿن ۽ انهن جي غلامي ڪرڻ تي فخر پيا سمجهندا آهن، انهيءَ ڳالهه سندن قومي شيرازو ٽڪر ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو، نه قوم ۾ اتحاد ۽ اتفاق رهيو هو ۽ نه وري متحد نصب العين رهيو هئن. قومن جي هستي مقصدن جي قائم رکڻ سان رهي سگهي ٿي، اهڙين نفاق وارين حالتن کي ڏسي شاه صاحب سنڌين کي هيٺين طرح مخاطب ٿئي ٿو؛

    ”وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ،
    پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻـو.“

    ٻئي هنڌ فرمائي ٿو؛

    ”ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ، اي نه سنگهارن سٽ،“

    وري جڏهن قديم اوج ۽ نفاق ياد پونس ٿا ته بي اختيار چيو وهي ته؛

    ”ڪڻا منجه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،
    ڳاهـــي ڳاهه فـراق جي، ڪيـــا ڌارون ڌار،
    نڄاڻــا ٻيهـــــار، ميلـــــو ٿينــــدو سڄڻيـــن.

    4. آرام طلبي:
    چوٿين خامي جا شاه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي، سا هئي سستي، ڪاهلي ۽ آرام طلبيءَ جي. هر ڪنهن مشڪلات کي منهن ڏيڻ کان پئي گسايو، ” سکُ جا سانگي“ ٿيڻ جي عادت منجهن ويهي ويئي هئي. گذر به سکيو ملي، گهڻي تڪليف نه هجيس، ترقي به بنا مشقت جي حاصل ٿئي. آزادي به آسمان مان ڪڙڪي اچي، دوست به گهر ويٺي ملي، باقي پاڻ ڪوشش ڪونه ڪندا. هن (شاه) جڏهن چئو طرف نظر ڊوڙائي ته دنيا جون ٻيون قومون ۽ ملڪ ترقي ڪندا وڃن ٿا، هتي اڃان سستي لڳي پيئي هئي، نڪو ٿا پاڻ سڃاڻن، نڪو ٿا نصب العين مقرر ڪن، نڪو جفا ڪشي ڪرڻ تي پاڻ کي هيرين. ماڻهن جون اهي حالتون ڏسي ڏاڍو ڏک ٿي ٿيس ۽ چئي ٿي ڏنائين ته؛

    ”جڏهين ستيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،
    تڏهين تنهين کـــي، ساٿ ستي ئي ڇڏيـــو.“

    ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:

    ”غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اڻاسي اوجهرين،
    چپــــاتــــا چـــڙهــــــي ويـــــا، وڃـــــي پهتــــا توڙ،
    نيڻـــــن ننـــڊ اکــــــوڙ، ورن ۾ واڪــــا ڪرين.“

    وري چوي ٿو ته؛

    ”وهين ۽ ويلا ڪرين، اي نه اڪنڊ آهه،
    سي لاڳاپا سڀ لاهه، اوريان اڀارين جـــي.“

    هن (شاه) جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل عيب ۽ خاميون سنڌين ۾ ڏٺيون، ته منجهن ڪي خوبيون به محسوس ڪيائين، جنهن ڪري خوش ٿي ٿيو ۽ اميدون ۽ آسرا پيدا ٿي ٿيس،

    سنڌين جون خاص خوبيون جي کيس ڏسڻ ۾ آيون سي هيٺيون آهن؛


    1. حب الوطني؛

    شاه صاحب سنڌين ۾ جي خوبيون ڏٺيون، تن مان پهرين سندن ديس سان پيار ۽ محبت هو، هن عام پٽن ۽ مڱڻهارن کان وطن لاءِ بهادريءَ سان ڪٽجي مرڻ وارو قصو ۽ ڪهاڻي، دودي سومري جو ماڻهن کي چاه سان ٻڌندي ڏٺو، شادين ۽ خوشيءَ جي موقعن تي مارئيءَ جي وطن ۽ مارن جي اڪير جا گيت گهرن ۾ زالن ۽ ڳائيندڙن کان دلچسپي سان ڳائيندي ٻڌا. عام سنڌين جي ڳوٺن ۽ پٽن جي محبت جا داستان ٻڌائين ۽ ڏٺائين. هن ڏٺو ته سنڌ جا ماڻهو اڪثري وطن ڇڏي ٻين ملڪن ۾ وڃي گهڻي وقت تائين رهڻ لاءِ خوشيءَ سان تيار نه هئا. جيڪڏهن ڪي مسافرين ۾ ويندا هئا ته سرهه وانگر اکيون جبل ( سنڌ) ڏي کڻيو پيا نهاريندا هئا ۽ سندن آس اميد هميشه اها پئي رهي آهي ته ڪڏهين ٿو مولا واڳ وطن تي وارين.

    انهن ڳالهين مٿس ڏاڍو اثر ڪيو ٿو ڏسجي، مارئي جي ملير ۾ شاه صاحب جهڙي نموني وطن جي اڪير ۽ پيار کي ظاهر ڪيو آهي، سو ڄڻ ته سنڌي دهقاني زندگيءَ جي حقيقي اکين ڏٺي تصوير چٽي اٿس. هن تي ڌارين جي تهذيب، تمدن، پيسي، علم ۽ ترقيءَ وغيره جو ڪوبه اثر نٿو ٿئي، هو ٻين جا بنگلا ڏسي پنهنجون جهوپڙيون مٽائڻ عيب سمجهندا هئا، هن وٽ ڌارين جي لباس (ٺاٺ) محلاتن (تمدن) کاڌن خوراڪن (شاهوڪاري) قلعن ۽ ڪوٽن (لشڪر ۽ سپاه) ۽ هارن سينگارن (طرح طرح جي سياسي ۽ مذهبي نظرين) کان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي سادگي، خانه بدوشي، مسڪيني، بي سروساماني، بي علمي، اٻوجهائي هزار ڀيرا وڌيڪ پسند هئي، هو وَرَ وَرَ ڪريو عمر (حڪمران قوم) کي چئي ٿو ته؛

    ” پٽ نه پهــــريان سومــــرا، جان ڪـــي تان جيان،
    آءُ ڪيئن لـــوئــــي لاهيا، ڪـــارڻ ٻن ڏينهـــــان،
    جيسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.“

    2. قومي محبت؛
    ٻي خوبي جا شاه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي، سا هئي ديس واسين ۽ مارن جي پياس، هنن تي مسئلا وحدت الوجود جو اثر قديم وقت کان، مختلف درويشن ذريعي پئي پيو آهي، تنهن ڪري هنن تي اورنگزيبي سياست ۽ مسلمانن جي جداگانه قوميت جي نظريي جو ڪو اثر ڪونه پيو. سندن انهيءَ حقيقت کي مارئيءَ جي واتان، هيٺين طرح بيان ڪري ٿو؛

    ”الست بربڪم“ جڏهين ڪن پيـــــوم،
    قالو بلي“ قلب سين، تڏهين تت چيـــوم،
    تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين،“

    3. سرويچي؛
    ٽين خوبي جا شاه صاحب کي عام سنڌين ۾ خاص طرح سان ڏسڻ ۾ آئي، سا سندن همٿ، قرباني ۽ سرويچيءَ جي مادي جي هئي، اگرچ سندن وڏيري ڪلاس خودمطلبي، بزدلي جي خرابين ۾ غرق ٿيو پيو هو، ليڪن غريب طبقو هر قسم جي مشڪلاتن، مصيبتن ۽ تڪليفن کي منهن مقابل ٿيڻ جو عادي ٿي چڪو هو، جنهنڪري منجهن برداشت ۽ قربانيءَ جو عظيم الشان مادو موجود هو. راءِ ڏياچ جو سخا ۾ سر ڏيڻ، سسئيءَ جو پنهونءَ خاطر جهنگ ۽ جبل جهاڳڻ، مومل جو راني لاءِ راتيون وهائي ڏينهن ڪرڻ، ليلان جو چنيسر لاءِ ليلائڻ، سهڻيءَ جو ميهار لاءِ ڪاري رات ڪنن ۾ گهڙڻ، وڻجاري جي ونيءَ جو ور لاءِ جر تڙ ڏيا ٻارڻ ۽ وڻ ٽڻ وائٽيون ٻڌڻ، سنڌين جي صداقت ۽ قربانيءَ جا مثال سندس اکين اڳيان هئا. تنهن ڪري ساري رسالي ۾ اڪثري اهڙي قسم جي واقعن کي پسند ڪري، انهن جو ذڪر ڪيو اٿس. هن کي سر مڱڻ، سر گهرڻ، سر ڏيڻ جي ڳالهه راءِ ڏياچ جي آکاڻيءَ ۾ خاص اثر ڪيو ٿو ڏسجي. اهڙي طرح سسئي جو گهر ٻار پنهنجي ور (مقصد) لاءِ قربان ڪري جبل جهاڳڻ کيس پسند آيو آهي، چوي ٿو ته؛

    ”وريتيـــون ورو، آءُ نه ورنـــدي ور ريءَ،
    جهاڳي هن جبل جو، تانگهيندس ترو،
    جتن ســاڻ ذرو، نينهن نبيــرڻ نه ٿئي.“

    مومل جي قصي ۾ راڻي بنا ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ٽڻ جلي وڃن ٿا، مومل جي جان پيئي جهري، جيستائين راڻو نٿو مليس، سهڻيءَ جي سر ۾ چوي ٿو ته؛

    ” تڙ تڪڙ، تار گهڙڻ، اي ڪاڻيارن ڪم،

    ٻئي هنڌ چوي ٿو ته؛

    ”جنهن کي ساڻ پريان جا سور،
    تنهن کــي ندي ناه نگـــاهه ۾.“

    وري چوي ٿو ته؛

    ”ائين هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا“

    4. رواداري

    چوٿين خاصيت ۽ خوبي جا شاه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي سا هئي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ تعصب جي گهٽ هئڻ جي، هو پاڻ کي بهترين سنڌيءَ جو نمونو تصور ڪري انهن جي فلاسفي هيٺين طرح ادا ٿو ڪري،

    ” پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي“

    انڪري هن جيڏانهن نظر ٿي ڪئي تيڏانهن سڄڻ سامهون پئي مليس، هو چوي ٿو ته ” کر ڀلي جيئن“ ۽ سندس پرين جي ملڻ جون اميدون ڏسي ” ساڙ ۾ سڙن“ هن کي کر جي کارڻ جو ذرو به خطرو نه هو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته ”کر“ اهي کاري سگهندو، جن جو پريتڻو ماٺو هوندو. هن ڏٺو ته سنڌي دوستيءَ ۽ محبت جي بنياد تي هر ڪنهن سان سٺو برتاءُ ڪرڻ لاءِ تيار هئا، مذهب جو مطلب هنن وٽ پريت ۽ محبت هو ۽ نه ڪي ڪلفت ۽ نفاق.

    هن ڏٺو ته جيتوڻيڪ ڪيترا ڏسڻا وائسڻا مذهب جي نالي ۾ ظاهرداري ڪيو، منهن اجرو رکيو اچن، پر دل ۾ هچارا آهن ۽ وصال کي ويجها نه آهن.

    تنهنڪري هن هيٺين اصول کي پسند ٿي ڪيو؛

    ”جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهو“

    مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين مان اوهان پروڙي سگهيا هوندا، ته شاه صاحب سنڌ ملڪ جي ماڻهن جي عادتن ۽ حالتن جو غور سان مطالع ڪرڻ بعد، هڪ طرف قوم جي ڪمزورين ۽ خامين واقف ٿيو ته ٻئي طرف انهن جون خاصيتون ڏٺائين، جنهن تي ويچار ڪري هن سنڌين لاءِ ڪي سنيها ۽ تجويزون سوچيائين جن تي تفصيلوار بيان ٻئي هنڌ ڪيو ويندو، جي خاصيتون هڪ قومي شاعر جون ٿينديون آهن، سي سڀ شاه صاحب ۾ موجود هيون ۽ هو هر نقطي نگاهه کان سنڌ ملڪ ۽ قوم لاءِ نياپي ڏيڻ جو حقدار آهي.
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پيغام لطيف۔۔۔جي ايم سيد

    سائين قبلا توهان شاه سائين جي فلسفي کي تمام بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي ڪاش اسان کي سائين جي ڏسيل خامين کي سڌارڻ ۽ سندس ڏسيل هدايتن تي عمل جي توفيق نصيب ٿئي ته هوند ٻئي جهان موچارا ٿي پون۔
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: پيغام لطيف۔۔۔جي ايم سيد

    مهرباني ادا تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو