نئين سنڌ لاءِ جدوجهد جو بنياد وجهندڙ سائين جي ايم سيد!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2010۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جنم ڏينهن جي حوالي سان
    نئين سنڌ لاءِ جدوجهد جو بنياد وجهندڙ سائين جي ايم سيد!
    سهيل ميمڻ


    [​IMG]

    1965ع جي فيبروري مهيني جي وچ ڌاري جي هڪ شام هئي، جڏهن سنڌ جا پنج مدبر محمد ابراهيم جويو، حسام الدين راشدي، جناح اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڪرنل رشيد، غلام رباني آگرو ۽ ايم ايڇ پنهور سن ۾ سائين جي ايم سيد وٽ پهتا. سنڌ جو تمام وڏو زرعي سائنسدان ايم ايڇ پنهور سن جي اهڙي ياترا جو مقصد ٻڌائيندي لکيو آهي ته، مون رني ڪوٽ ۽ سن ندي جي زمين هيٺ واري پاڻي جي تحقيق پئي ڪرڻ چاهي ۽ ٻيا صاحب رني ڪوٽ گهمڻ جو شوق کڻي سن پهتاسين. رني ڪوٽ پهچڻ سائين جي ايم سيد جي مدد کانسواءِ ناممڪن هو ۽ سيد اسان لاءِ ان دوري لاءِ اٺ فراهم ڪيا. ان دوران سن ۾ اسان سائين وٽ ٻه راتيون مهمان ٿياسين ۽ انهن ٻن راتين جي ڪچهري دوران سائين چيو ته: ”مون کي هن ڳوٺ ۾ قيد ڪري دنيا سان منهنجو ناتو ڪاٽيو ويو آهي، منهنجو دنيا سان صرف هڪ تعلق جڙيل آهي ۽ اهو آهي ”ريڊيو.“ ان ريڊيو تي بي بي سي، وائيس آف آمريڪا ۽ آل انڊيا ريڊيو ٻڌي پنهنجو ذاتي تجزيو ڪري ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ايندڙ ڪجهه وقت ۾ مون کي پاڪستان ۾ هندوستان وچ ۾ ”رڻ ڪڇ“ وٽ جنگ ٿيندي نظر اچي ٿي.“ سائين جي ايم سيد جي ان سياسي تجزيي کان ڪجهه مهينن بعد 65ع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ لڳي. سيد هڪ ذهين ۽ تجربه ڪار تجزيه نگار هجڻ ڪري ملڪي تاريخ ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ڪيون، جن کي سياسي پيشنگوئي ڪري وٺجي ته غلط نه ٿيندو ۽ اهي سڀ صحيح پڻ ثابت ٿيون.

    ذوالفقار علي ڀٽو سان سائين جي ايم سيد جي ڪيل ڳالهين ۽ کيس مستقبل ۾ پيش ايندڙ خطرن کان ان کي آگاهه ڪرڻ واري معاملي جو به مٿي ذڪر ڪيل صاحبان انهيءَ سن واري ڪچهري ۾ ذڪر ڪيو هو. ان مهل ملڪ ۾ ايوب خان جي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب حڪومت جو طاقتور حصو هو ۽ ڪنهن کي گمان نه هو ته ايوب خان ۽ ڀٽو ويجهي مستقبل ۾ هڪ ٻئي خلاف ٿي سگهن ٿا. اهو واقعو پڻ سائين ايم ايڇ پنهور پنهنجي سائين سان ملاقاتن جي يادگيرين ۾ هن طرح لکيو آهي ته، ان ٻن ڏينهن واري ڪچهري ۾ سيد ٻڌايو ته ”ڪجهه مهينا اڳ (يعني 1964ع جي آخر ۾) ذوالفقار علي ڀٽو مون وٽ سن آيو، هن چيو ته ايوب خان توهان وٽ سن اچڻ چاهي ٿو، کيس چونڊن ۾ مدد گهرجي. جيڪڏهن توهان راضي ٿيو ته؟ مون کيس چيو ته اسين ڊڪٽيٽر جي مخالفت ڪئي آهي، مون کي خبر آهي ته هو اليڪشن کٽي ويندو، ڇاڪاڻ جو کيس حڪومتي مشينري ۽ طاقت حاصل آهي، پر جمهوريت جي بحالي ۽ اصولن جي بنياد تي اسان سندس مخالفت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ جو اهڙي هڪ ٻن اليڪشنن ۾ هو آئوٽ ٿي ويندو. سيد وڌيڪ ٻڌايو ته مان ۽ ڀٽو سنڌو ڪناري وڃي ٽي ڪلاڪ ويٺاسين. گهڻين ڳالهين متعلق ڳالهايوسين. مون کيس چيو ته اسان کي توتي فخر آهي، تون هڪ نوجوان جي حيثيت ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي ۽ سٺو نالو ڪمايو آهي. نه صرف پنهنجي لاءِ بلڪه سنڌ لاءِ به. پر ڪو ڊڪٽيٽر اها ڳالهه پسند نه ڪندو آهي ته سندس هوندي ڪو ٻيو ماڻهو پاپولر ٿئي ۽ مستقبل ۾ سندس لاءِ خطرو بڻجي، ان ڪري نه صرف هو توکي منظر تان هٽائيندو، بلڪه نقصان به پڄائيندو. تنهنجا ڪم، قدم Anti-imperialistic آهن، ان ڪري هوشيار رهجانءِ.“ سائين جي ايم سيد جي اها پيشنگوئي/سياسي تجزيو ان مهل پوروٿيو، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي 1966ع جي جنوري ۾ شايد تاشقند جي دوري دوران ئي ڪيل فيصلي تحت هٽايو ويو. ڀٽو صاحب سان گڏ نواب ڪالاباغ کي پڻ ويسٽ پاڪستان جي عهدي تان هٽايو ويو. ڀٽو صاحب ۽ نواب ڪالاباغ ميڊيا ذريعي ايتري عوامي شهرت ماڻي هئي، جو عوام کين چاهڻ لڳو هو ۽ ايوب خان ان کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي، جون ۾ ڀٽو صاحب ۽ پوءِ نواب ڪالاباغ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جا قدم کنيا.

    سائين جي ايم سيد سنڌ جي هر شيءِ سان نه صرف محبت ڪئي، پر ان جي ترقي، واڌاري، حفاظت لاءِ علمي ۽ ادبي پورهيو پڻ ڪيو. سنڌ جي تاريخ، تاريخي ماڳن، علم ادب، شاعري، ثقافت، موسيقي، روايتن ريتن رسمن، پاڻي، آبهوا، ماحوليات، وڻڪاري، مذهبي آزادي، صوفي ازم، اخلاقيات مطلب اهڙو ڪو به زندگيءَ جو شعبو نظر نٿو اچي، جنهن ۾ سيد سنڌ جي بهتر مستقبل لاءِ ٿورو ڪي گهڻو ڪم نه ڪيو هجي. زراعت جو کاتو ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن بابت به سيد ايترو ئي سجاڳ رهيو، جيترو ڪنهن ٻئي معاملي لاءِ. سنڌ جي موجوده جاگرافي کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ سائين جو جهيڙو سنڌ جي بمبئي کان آزادي کان شروع ٿيو. ٻيهر کيس 1948ع ۾ 6 مهينن لاءِ جيل ۾ وڌو ويو ته جيئن ڪراچي جي سنڌ کان عليحدگي کي ممڪن بڻايو وڃي. حڪومت سمجهي چڪي هئي ته جيڪڏهن جي ايم سيد جيل کان ٻاهر هوندو ته هو ان قدم خلاف وڏي تحريڪ هلائڻ جي صلاحيت رکي پيو، وري 1954ع ۾ سائين کي ان لاءِ جيل ۾ وڌو ويو ته هو ٻاهر هوندو ته سنڌ اسيمبلي ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد آساني سان پاس ڪري نه سگهندي. سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل قرارداد جو ڊرافٽ علي محمد راشدي تيار ڪيو هو ۽ هن بازار مان نئون خريد ڪيل ٽائپ رائيٽر ان خط لاءِ استعمال ڪرڻ بعد اهو ٽائيپ رائيٽر تاريخي مشين قرار ڏئي 15 سال استعمال نه ڪيو. ان ٽائيپ ٿيل ڊرافٽ تي ايوب کهڙو، اسڪندر مرزا جي مسلسل دٻاءَ تحت صحيح ڪري سنڌ کي ون يونٽ ۾ اڇلائڻ واري معاملي تي مهر ثبت ڪئي هئي. کهڙي اهڙو ڪم ڪرڻ کان اڳ وفاقي حڪومت کي خط لکي جي ايم سيد کي ان معاملي کان اڳ ئي گرفتار ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني هئي. اهو به تاريخ جو ڪمال جو اتفاق آهي ته ساڳيو ٽائيپ رائيٽر هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳي علي محمد راشدي هٿان 15 سال بعد ٻيهر هڪ ڊرافٽ لکڻ لاءِ استعمال ٿيو ۽ اڳ ۾ ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ”تاريخي مشين“ تي هاڻي ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ مواد ڊرافٽ ڪيو ويو. سائين جي ايم سيد 1958ع ۾ پنهنجي 7 ساٿين سان گڏجي اولهه پاڪستان جي 300 ميمبرن واري اسيمبليءَ مان ون يونٽ خلاف قرارداد پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب به ٿيو ۽ مرڪزي حڪومت کي پراڻا صوبا بحال ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو. آخر 1969ع ۾ سائين جي ايم سيد يحيٰ خان کي 1958ع ۾ اسيمبليءَ پاران ون يونٽ خلاف پاس ڪرايل قرارداد تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي.

    سنڌي ٻولي ۽ سيد:

    سائين جي ايم سيد سنڌ جو تعليمي جو وزير هوندي، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ تحفظ لاءِ جيڪي جوڳا اپاءَ ورتا، انهن جو ئي نتيجو هو، جو اڳتي هلي 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وجود ۾ آيو. ان اداري، سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ بنيادي ڪم ڪيو.

    سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ:

    سائين جي ايم سيد تاريخدان نه هو، پر سنڌ جو ڪيس لکڻ لاءِ کيس تاريخ جو گهرو مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻو پيو. سيد، ان معاملي ۾ سنڌ جي تاريخ تي نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، جنم گذاريم جن سين، جديد سياست جا نورتن، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، سنڌ جا سورما، سنڌ جي ڪهاڻي سيد جي زباني، پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، مٽياري ۽ سنائي سيدن جي تاريخ ۽ شجره، مسلم سربراهه ڪانفرنس جو تجزيو، تاريخ جي دورن مان گذريل ملڪ جو مشاهدو جهڙا ڪتاب ڏئي سنڌ جي تاريخ ۾ سيد پنهنجو وڏو حصو ڏنو. انهن ڪتابن ۾ گذريل تاريخن ۾ آيل اوچ نيچ، ڪمزورين، غلطين ۽ تاريخ جي ٻيهر لکجڻ جي گهرج تي سيد قلم هلايو آهي. اهو سائين جي ايم سيد جو تاريخ کي سچائيءَ سان پيش ڪرڻ وارو ئي ڪم هو، جو اهڙا ئي تاريخدان جيڪي اردو، انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جو منهن مهانڊو خراب ڪرڻ ۾ پيش پيش هئا، سندن لکيل تاريخ کي ٻيهر لکجڻ جي ضرورت پيش آئي.

    ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر پڻ سائين جي ايم سيد جو خيال ۽ عمل هو، سائين جي ايم سيد سان وڏو وزير، پيرزادو عبدالستار 1953ع ۽ 54ع ۾ پاڻ ڀٽ شاهه تي موجود رهيا. سائين جي ئي اصرار تي پيرزادي عبدالستار ڀٽ شاهه تي چيف منسٽر هوندي پاڻ راڳ ڳايو هو.

    رشوت ۽ سائين:

    شايد سيد جي زندگي ۾ اهو پهريون ۽ آخري ڀيرو هو، جو 54/1953ع ۾ ڪجهه مخالفن اهو هلايو ته شاهه اويس واهه سائين جي ايم سيد کي سياسي رشوت طور کوٽي ڏنو ويو آهي. ان بابت ايم ايڇ پنهور لکي ٿو ته ان معاملي بابت مان سرڪاري نوڪريءَ دوران سن ويس، ڏٺم ته اهو افواهه بلڪل بي بنياد ۽ ڪوڙو هو. شاهه اويس واهه ان وقت جي چيف انجنيئر ۽ سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري محمد موسيٰ ميمڻ جي اسڪيم هئي، جيڪا هن سن کان 10 ميل ڏکڻ ۾ ”لاکا“ جيڪو سندس ڳوٺ هو، ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي مائٽن جون زمينون آباد ڪرائڻ لاءِ منظور ڪرائي هئي. 20 هزار ايڪڙ زمين ان واهه تي هئي، جڏهن ته جي ايم سيد جي زمين ئي ڪل 600 ايڪڙ ۽ اها به باراني هئي. سائين جي ايم سيد جي اها 600 ايڪڙ زمين مشڪل سان سندس گهرو خانداني معاملن ۽ سندس ڪشادي دستر خوان لاءِ پوري پوندي هئي. سائين جي مالي مشڪلات جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن 70/1969ع ۾ مجيب الرحمان اولهه پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ سائين جي ايم سيد سندس مان ۾ ڪراچي هوٽل انٽر ڪانٽي نيشنل ۾ سندس مان ۾ دعوت ڪئي هئي ته ان جي خرچ جي پورت لاءِ سائين پنهنجي ڏاندن جو هڪ ڀلوڙ جوڙو وڪيو هو.

    سائين جي ايم سيد جو ويساهه، واعدي، زبان، روايتن تي ايترو يقين هو، جو ان کي قائم دائم رکڻ لاءِ سيد اهي ڪم به ڪيا، جنهن ۾ ظاهر ظهور هو ته کيس نقصان ٿيندو. هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد جي ڳئون چوري ٿي وئي. ماڻهن چور کي پڪڙي سائين وٽ آندو، چور قسم کائي چيو ته هن ڳئون ناهي چورائي. سيد کيس ڇڏي ڏنو. ڪجهه ڏينهن بعد ماڻهو ان همراهه کي سائين جي ڳئون سميت پڪڙي آيا ۽ سائين وٽ پيش ڪيائون. ماڻهو ان وقت حيران ٿي ويا، جنهن وقت سائين چيو ته ”هيءَ منهنجي ڳئون ناهي، کيس آزاد ڪريو. ڪجهه ڏينهن بعد ماڻهن سائين کان پڇيو ته هن ائين ڇو ڪيو ته سائين وراڻيو 99 سيڪڙو ماڻهو قرآن پاڪ تي هٿ رکي ڪوڙو قسم ناهن کڻندا. مون ان ماڻهو پاران کنيل قرآن پاڪ جي قسم کي مان ڏنو آهي.

    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد جو بنياد وجهندڙ سائين جي ايم سيد!

    مهرباني ادا زاهد، تمام سٺو ليک پڙهايو اٿوَ، هونءَ ته سڀ ڳالهايون سون جهڙيون پر خاص ڪري هي ليک انهن ماڻهن جي منهن تي زور جي چماٽ آهي جي سائين جي ايم کي ڪافر ۽ ٻين لفظن سان پڪاريندا آهن ... اوهانجي هن ليک جي آخر ۾ هڪ واقعو پيش ٿيل آهي ... جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو الله جي ڪلام ”قرآن الفرقان“ تي ڪيترو ايمان رکندو هو !!!

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو