هڪ شڪاري جهنگ ۾ معصوم پکين جو شڪار ڪري رهيو هو، هڪ پکيءَ کي ماري ان کي ٿيلهي ۾ وجهي پيو وري ٻئي پکيءَ کي ماري پيو،تيز هوا ۽ اڏامندڙ ڌوڙ جي ڪري سندس اکين مان پاڻي به وهي رهيو هو، پري هڪ ٽاريءَ تي ويٺل ٻن پکين مان هڪڙي چيو : ”ڏس ته ڪيڏو رحم دل شڪاري آهي، پکين کي ماري رهيو آهي، پر پاڻ به روئي رهيو آهي“ اهو ٻڌي، کيس ٻئي پکيءَ چيو: ” تون هن جي اکين تي نه وڃ، تون اهو ڏس ته هي پنهنجي هٿن سان ڇا ڪري رهيو آهي“ اهڙي طرح دنيا ۾ اوهان کي پنهنجي چوڌاري اهڙا ماڻهو کوڙ ملي ويندا جيڪي عمل سان ته اوهان جي دشمني پيا ڪندا پر منهن جي ميٺاج سان اوهان کي پنهنجو سڀ ڪجهه پيا سڏيندا، اهڙن ماڻهن کان پري رهو،
ماڻهو پنهنجي چهرن تي هزارين چهرا سجائي پيا گهمن ۔۔۔۔ ۽ ها هنن کي اها به خبر آهي ته توکي ڪهڙي چهري ذريعي بيوقوف بڻائي سگهجي ٿو۔