مون سان منهنجي کاتي ۾ گڏ ڪم ڪندڙ هڪ دوست ٻڌايو ته شهر ۾ سندس واقفيت جو هڪ همراهه آهي، ڏاڍي وڏائي ڪندو آهي، اڳ ۾ سڀني جي اڳيان اهڙي ڳالهه ڪري ڏيکاريندو هو جنهن سان ڀلي اڳئين کي اهو محسوس ٿئي ته آئون وڏو ماڻهو آهيان۔ هڪ دفعو اهو شخص پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هو ته مان ان وٽ ويس، مون کي ڏسي ان همراهه پنهنجي ڪن تي ٽيليفون رکي ۽ ڳالهائڻ شروع ٿي ويو، ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هو ڪنهن وڏي هستي سان ڳالهائي رهيو هو، مونکي اکين سان ويهڻ جو اشارو ڏئي، وري چيائين ته ڀائو اتي ويهه مان صرف ٻه منٽ بينڪ جو هڪ ضروري مسئلو سلجهائي رهيو آهيان۔ خير۔ ! جڏهن ان همراهه ڳالهائي ڳالهائي پنهنجي مرضيءَ سان فون رکي ته مون کان پڇيائين: ” ڏيو خبر ادا۔ ! توهان جو تعارف ۽ هتي ڪيئن آيا آهيو؟“ مون معصوميت سان پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو: ” ادا مان ٽيليفون کاتي مان آيو آهيان، ڪلهه کان توهان جي فون خراب آهي، اها ٺاهڻ جي لاءِ اوهان جي سيڪريٽري سڏرايو آهي۔۔“ سندس چوڻ مطابق ته مون کي جڏهن به کلڻ جي ضرورت هوندي آهي ته ان واقعي کي ياد ڪندو آهيان۔۔ ههه بهرحال واقعي کان هٽي ڪري سوچجي ته اوهان جهڙا آهيو سٺا آهيو، هروڀرو پاڻ کي پڏائڻ جي ڪوشش ۾ ٻين جي اڳيان پاڻ کي ڪيرائي به سگهو ٿا۔ ماڻهو اصلي شئي ۽ بڻاوٽ واري شئي کي سڃاڻي وٺن ٿا۔ بهتر آهي توهان پنهنجي اصل تي ئي رهو۔
گهڻا ماڻهو پاڻ کي پهاڙن کان به بلند سمجهندا آهن، پر جڏهن سندن روح جي ماپ ڪبي ته اهي اڃا اونداهين غارن ۾ ريڙهيون پائيندي نظر ايندا. (خليل جبران)
سچ آهي ته ماڻهو کي ڪڏهن به غرور ۽ تڪبر نه ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔ حال اهوئي ٿيندو ۽ غرور ڪرڻ واري کي الله پاڪ پسند ناهي ڪندو۔