اعجاز منگي۔۔۔ ڪاوش ،،آچر ،پهرين آڪٽومبر 1995 چونڊ۔۔۔۔عليم سومرو موسم مٽجي رهي آهي پپل جا ساوا پن اُتر جي هوا ۾ لُڏي اونهاري کي الوداع چئي رهيا آهن ۽ هي شام شفق جي پيانو تي سياري جي سيموفني سميٽي رهي آهي سيموفني جنهن جا سُر تيور کان مڌم طرف وهي رهيا آهن تون ڪير آهين اجنبي آسمان جي سُرمئي اک ۾ پيار جي پهرئين لُڙڪ جهڙي ستاري ڪچي جي بند تي بيٺل نوجوان کان پُڇيو؟ ۽ دونهان دُکايل ٻهراڙي جي گهرن ڀرسان مٽيء سان جُڙيل مسيت مان سانجهيء جي ٻانگ ماء جي ٻاجهاري هٿ جيان ڌرتي جي رولو ۽ ڇُڙواڳ ٻارن کي ٻانهن کان وٺي ڇڪي چوڻ لڳي فطرت جو اهو دست شفقت اسان کي پڪڙڻ چاهي ٿو جيئن شام نما ماء جو هٿ ميرن ٻارن کي وهنجارڻ لئه پڪڙيندو آهي نوجوان سوچيو ۽ پوء هو ڪنهن سٽ ۾ لڙهي ويو اهو هو شام جو منظر جنهن جو پسمنظر هيو هڪ ڳوٺ سنڌ جي اڪثر ڳوٺن جهڙو ڳوٺ پهاڙن جي چوٽين تان پستين ۾ نظر ايندڙ اسلام آباد جو اهڙو ٻار جنهن جي ماء محبت ته ڪري ٿي پر ان جو اظهار فلم جي ڪنهن منظر يا جگجيت جي غزل جو ڪو شعر جهونگاري نه ٿي ڪري سگهي ڇو ته اها سادي ۽ سٻاجهي آ سياري جي موسم ۾ گرم ماني پچائي محبت جو اظهار ڪندڙ هوا جي پوٽي جنهن جنت ۾ آدم کي پهرين نافرماني جي صلاح ڏني ۽ ڪڻڪ جي داڻي چکڻ جي جرم جي سزا هوء اڄ تائين لوڙهي پئي هيء سياري جي پهرين شام ان ڳوٺ تي ترسڻ چاهي ٿي هوء ڪچي جي ان ڳوٺ تي ستارن وارو آنچل ڦهلائڻ ٿي چاهي جنهن ڳوٺ جا ٻار ٻيلي ۾ هلندر ڪلاشنڪوفن جي آواز تي ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي پون ٿا ۽ گهڻي دير تائين روئندا رهن ٿا جنهن جا هاري ذلت ڀري زندگي جي فرسٽريشن اگهاڙي شاعري ۽ ڌماچوڪڙي واري موسيقي سان ختم ڪن ٿا ۽ جن جون هارياڻيون پلئه ۾ پرڻيل وينگس جي دل جهڙي رلي وجهي سمهي رهن ٿيون ۽ سڄي ڏينهن جي پورهيي جو ٿڪ انهن جي خوابن کي ڳڙڪائي وٺي ٿو جڏهن آسمان رابيلن جي کيت وانگر کڙي پيو ته هڪ ستاري ٻي کي چيو هي جيڪو ڇيڻن جي دونهين دکائي رهيو آهي ان جو ڏاڏو موهن جي دڙي جو وڏو رياضي دان هو هيء شام ڪيتري نه اجهاميل آهي توڙي جو هن جي هنج ۾ روز جيان ٻار ۽ ڪتا ڊوڙي رهيا آهن ۽ ان جي هيٺيان ناريون هٿن سان وارن جون چڳون ورائي اجهاميل باهه کي آلين اکين سان ڦوڪون ڏئي رهيون آهن ۽ ملاقات جيون سيٽيون هوا ۾ پاڻي جي ڇر تي زور سان اڇلايل ٺڪرين وانگر تري رهيون آهن سنڌ ڪٿي آ؟؟ بند تي بيٺل نوجوان جيپ مان لهي آيل پنهنجي رپورٽر دوست کان پڇيو ۽ هوء جواب لئه مرڪي نوجوان جي تاريخ جهڙين اکين ۾نهارڻ لڳي ۽ درياء جي ڪناري تي لڙڪندر سرن جهڙن ڇپرن ۾ ڇپيل اکين ڌٺو ته هن اخبار مروڙي پاڻيء ۾ اُڇلائي ۽ ڏيڏرن جو نغمو گهڙي لئه رڪجي ويو واپسي تي واهه جي ڪڙ سان هلندڙ جيپ ۾ راهبا جي تصور جهڙي ڇوڪري پنهنجي باغي دوست جي ڪچهري ٻڌندي رهي ۽ ليٽيل سيٽ تي ايندڙ هچڪولا هن جي ننڊ لئه هندورا بڻجي ويا ۽ نوجوان ڌيمي آواز ۾ منتشر ٿيل ABBA گروپ جو گانو ٻڌندو ۽ اسٽرينگ ڦيرائيندو رهيو ۽ انگريزي ۾ سوچيندڙ ڇوڪري سفر جي هندوري ۾ هڪ سنڌي خواب ڏسڻ لڳي هن خواب ڏٺو ته سنڌ ڌوپي رهي آهي ۽ نالين ۾ وهندڙ گجي غربت،جهالت ۽ تشدد کي لوڙهي رهي آهي ماڻهن جي چهرن جا ڀوائتا ماسڪ لهي رهيا آهن انهن جي چهرن جي مدفون معصوميت تازي گاهه وانگر ڦٽي رهي آهي هن خواب ۾ ڏٺو ته هوء پاڻ هڪ هارياڻي آهي هن جو گهر سرنهن جي ساون کيتن جي وچ ۾ آهي اهو گهر صفا سفيد آهي ان جي ننڍڙي آمريڪن ڪچن ۾ هن جو جينز پاتل پُٽ پنهنجي باغ جي ليمن کي نپوڙي رهيو آهي ۽ ٽيڪٽر گئراج ۾ بيهاري ڪاٺ جي خوبصورت ۽ گلن سان ڍڪيل لوڙهي ٻاهران مستي ڪندڙ السيشن سان ڳالهائي رهيو آهي ۽ هوء پاڻ فون تي ڪراچي ۾ رهندڙ پنهنجي وڏي ڀيڻ سان ڳالهائي رهي آهي ۽ لائن ۾ شور سبب پنهنجي ڌيء کي چئي رهي آهي ته، ٽي وي جو آواز آهستي ڪر هن خواب ڏٺو ته هن جي ڳوٺ جا سڀ گهر اهڙا آهن ڪچا۽ سفيد ان ڳوٺ ۾ ڪو وڏيرو ۽ ڪو هاري ڪونهي هو ڏينهن جو ٽيڪٽرن سان ٻنيون کيڙن ٿا انهن جا ٻار هڪ جديد اسڪول ۾ پڙهن ٿا صبح جو ٻارن کي هڪ بس کڻي ٿي ۽ عورتون گهرن جي صفائي ۾ مصروف ٿي وڃن ٿيون هو سنڌ جاجديد ڳوٺاڻا آهن هنن جا مائٽ شهرن ۾ نوڪريون ڪن ٿا ٌ ڇٽين ۾ انهن وٽ اچي حسرت ڀريا ٿڌا ساهه کڻن ٿا انهن جا ڍور ڍڳا آهن جن کي گاهه هوء پاڻ وجهي ٿي ۽ انهن جو کير ڏهي ٿي هن جي مکڻ واري ماٽي ڏاڍي خوبصورت آهي ۽ هوء رات لڙي پنهنجي ٻارن کي ڪهاڻي ٿي ٻڌائي ته جڏهن توهان نه هيو تڏهن اسان جي ديس سنڌ ۾ ڏاڍي بدامني هئي هن جي ننڍڙي ڌيء سندس ڳل تي هٿ رکي کانئس پڇي ٿي ته بدامني ڇا ٿيندي آهي۔۔۔