ڇو ته پي پي پي جمهوريت تي يقين رکندي آهي ان ڪري عوام کان پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت؟!!
جمهوريت جو دوغلو پن ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو هوندو؟!
ڀلا اهڙي دستور ۾ خير ڪهڙو هوندو جيڪو اسان تي ڪافرن طرفان مَڙهيو ويو آهي!!؟
جتي شهنشاهيت ۽ بادشاهت آهي اتي ڇا پيو ٿئي اها به سڀني کي خبر آهي۔ ڇا سعودي عرب ۽ قطر جهڙا ملڪ يورپين ۽ آمريڪين جا سڀ کان وڏا اڏا ناهن؟
بلڪل سائين اهي عرب ملڪن جا سربراھ به ڪافرن جو پٺو ٿي ويا آهن اڄ کان نه بلڪه خلافت ختم ٿيڻ کان۔
ان ڪري ته اسان مسلمان صرف اسلامي نظام ۽ اسلامي دستور قائم ڪرڻ جو مطالبو ٿا ڪريون جنهن نالي تي پاڪستان به حاصل ڪيو سين ۽ ان جي حاصل ڪرڻ ۾ لکين قربانيون به ڏنيون سين۔
جمهوري مغربي ملڪن ۽ اقوام متحده جو منشور آهي ته عوام جيڪا شي گهري ان کي ملڻ گهرجي ڇو ته ان جو پورو پورو حق آهي۔
هاڻي هت وري جمهوريت ۽ اقوام متحده جي منافقت ته ڏسو! ته پاڪستانين اسلام جي نالي تي ملڪ پاڪستان حاصل ڪيو ته نه ته کين هي اسلام تي هلڻ جي اجازت ڏين ٿا ۽ نه پنهنجي ملڪن ۾ اسلامي قانون نافذ ڪن ٿا۔
اسان مسلمان آهيون، قرآن جو فيصلو آهي ته چور جو هٿ ڪٽيو، هاڻ جمهوريت جو ۽ ڪافر ملڪن جو برطانيا وغيره جو قانون آهي ته ان کي جيل ۾ وجهو، اسان کي سندن جمهوري قانون تي هلڻ گهرجي يا اسلامي قرآني الاهي قانون مطابق سندس هٿ ڪٽڻ گهرجي؟
هاڻي ڪافر جمهوري نظام نه اسان کي اسلامي قانون نافذ ڪرڻ ڏي ٿو ته چور جو هٿ ڪٽجي، اڇا! وري دوغلو پن ته ڏسو جمهوريت جو! اسان جو جمهوريت ۽ ڪفريه نظام جي رعب ۽ دٻدٻي ۾ ايترو ڊنا ويٺا آهيون ۽ جمهوري نظام جي ايڏي عزت ڪندا آهيون، ڇا ڪافر اسان جي الاهي، قرآني اسلامي دستور کي به ايڏي عزت، مان مرتبو ڏين ٿا؟
ڀلا جي ايئن آهي ته هڪ ڏينهن لا پنهنجن ملڪن ۾ جمهوري دستور معطل ڪري صرف هڪڙي ڏينهن لا اسلامي قرآني دستور نافذ ڪرڻ جو ته اعلان ڪن!!
سائين شهنشاهيت جو نالو ڏيو، ڊيموڪريٽ جو نالو ڏيو، جمهوريت جو نالو ڏيو، سڪيولرازم جو نالو ڏيو، ڀلي نيشنل ازم جو نالو ڏيو، ڪميونسٽ جو نالو ڏيو، گند اهو ئي گند هوندو آهي، اهي سڀ نالا اسان ۾ اختلاف ۽ تفرقو پيدا ڪرڻ لا ڏنا ويا آهن، اسان کي صرف هڪ دستور، صرف هڪ قانون، صرف هڪ آئين گهرجي، ۽ اهو آهي: اسلامي آئين، قرآني آئين، الله جو ڏنل آئين۔۔۔
ڀلا هڪ ٻيو مثال وٺو ڪافرن جي جمهوريت جي باري ۾:
جمهوريت جو قانون آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ڪو به قانون پاس ڪرڻو آهي ته اهو پاليامينٽ جي ذريعي ايندو، ٺيڪ؟
اڇا! هاڻي پارليامينٽ ۾ ڪنهن حلوائي درٻاري مُلي عوام ۾ پنهنجي ڪا عزت بچائڻ خاطر ڪا هڪ اڌ اسلامي شق جو قانون پاس ڪرائڻ لا پارليامينٽ ۾ بل پاس ڪيو، ٺيڪ سائين؟
هاڻي پارليامينٽ ۾ بل تي بحث ٿيندي، ٺيڪ؟ ڪهڙو بل؟ جيڪو قرآن اڳي ئي نافذ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مسئلي جي متعلق الله سائين اڳ ئي پنهنجو فيصلو پنهنجي مخلوق کي ٻڌايو آهي ته اوهان کي هيئن ڪرڻو آهي، شرابي جي هي سزا آهي، زاني جي هي سزا آهي، چور جي هي سزا آهي، وغيره وغيره، هاڻي جمهوريت جو ان الله جي قانون متعلق اهو فيصلو آهي ته ان بل کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو۔ ڇو ته الله تي (نعوذ بالله) ڀروسو ناهي، ان جو پارليامينٽ ۾ بحث، صلاح مشورو ٿيڻ گهرجي۔
اڇا! جي مُلي جي ۽ اسلامي قانون جي قسمت سٺي نڪتي ته پارلياميٽ ان کي پاس ڪندي۔ ڪنهن کي؟ الله جي حڪم کي نافذ ڪرڻ لا پارليامينٽ ان جي اجازت ڏيندي! يعني ته پارليامينٽ جو حڪم الله جي حڪم کان مٿي آهي، اهو اسان کي جمهوريت جو تحفو آهي۔
اڇا! ان کان پو؟ هاڻ ته الله جو حڪم هلندو؟ نه بابا، هاڻي وري سينيٽ هن کي پاس ڪري۔
اڇا! سينيٽ به پاش ڪيو هاڻ ته نافذ ڪرڻ جي اجازت ڏنو!
نه بابا! اڃان صدر وزير اعظم ان تي صحيحون ڪن، آئين ۾ ترميم ٿي، ان ۾ سالن جا سال لڳي ويندا، 25 يا 30 سالن کان پو وڃي اها هڪ اڌ شق قانون جو حصو بڻجندي، نافذ وري به ڪونه ٿيندي۔
سو ادا سائين وساڻ صاحب! شايد مان گهڻو لکي ويس بي خبري ۾۔
اسلامي، قرآني، الله جي قانون سان جمهوريت ۾ ماجرو سارو اهو آهي۔۔۔