ڪراچي جو حال 2009

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڪراچي ۾ ٻيهر دهشتگردي،ڪيترن ئي علائقن ۾ فائرنگ،31 ڄڻا مارجي ويا،ڪيترائي زخمي،گاڏين کي باهيون،هڪٻئي تي حملا



    [​IMG]

    ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ دهشتگردي جي لهر تيز ٿي وئي،
    [​IMG]
    هڪ ئي ڏينهن ۾ مختلف علائقن ۾ ٻن ڌرين جي هڪٻئي تي فائرنگ ۾ 31 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، وڳوڙين ڪيترين ئي گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، هڪ ٻئي جي آبادين تي فائرنگ، رينجرز نارٿ ڪراچي ۾ آپريشن ڪري 25 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا. سڄي شهر ۾ خوف، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو. ڏينهن جو ٻنپهرن جي وقت خواجا اجمير نگري ٿاڻي جي حد نارٿ ڪراچي ۾ زرينه ڪالوني وٽ پهاڙي تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻئي طرف هيٺ رهندڙ آبادي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمود ۽ محمد شاهد جي نالن سان ٿي آهي. ان واقعي کانپوءِ ٻن آبادين جي وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ساڳي علائقي ۾ فائرنگ ۾ 2 وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، چئني جا لاش عباسي شهيد اسپتال آندا ويا. سرجاني ٽائون ۾ دهشتگردن فائرنگ ڪري ڪاغذ چونڊيندڙ افغاني جمعا خان کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شاهراهه فيصل واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر ميمبر محمد دين کي قتل ڪري ڇڏيو، نيو ڪراچي صنعتي ايريا ۾ فائرنگ ۾ 50 سالن جو نامعلوم شخص مارجي ويو، نارٿ ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو صنوبر مارجي ويو، جڏهن ته اتي ئي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس جو هڪ سب انسپيڪٽر، هڪ سپاهي ۽ رينجرز جو هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو. نارٿ ڪراچي ۾ پهاڙي علائقي ۽ ان کان هيٺ وارو علائقو ميدان جنگ بڻيل رهيو ۽ دوبدو فائرنگ ٿيندي رهي، پوليس ۽ رينجرز جڏهن پهاڙن تي چڙهي ته ان تي به هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن کانپوءِ پوليس شيلنگ ڪئي ۽ رينجرز آپريشن ڪري 25 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪمانڊنٽ رينجرز سهيل ٻڌايو ته گرفتار ٿيلن وٽان هٿيار ۽ گوليون به مليون آهن، نارٿ ڪراچي واري علائقي ۾ خونريزي کانپوءِ وڳوڙين ساڳئي روڊ تي هڪ ٽرڪ، بس ۽ ڪوچ کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ ان جي ويجهو ئي هڪ خالي ڪوٺي کي به وڳوڙين باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، انهن واقعن کانپوءِ تيزيءَ سان شهر ۾ دهشتگردي جون وارداتون وڌي ويون. سهراب ڳوٺ جي ابوالحسن اسفهاني روڊ، نيو ڪراچي، تين هٽي، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ فائرنگ ڪري ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿي پيا. عباسي شهيد اسپتال جي عملدارن موجب اسپتال ۾ 14 لاش آندا ويا، جناح اسپتال ۾11 ۽ سول اسپتال ۾ 2 دهشتگردن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيلن جا لاش آندا ويا آهن پر جناح اسپتال جي ايم ايل او ڊاڪٽر ڪليم شيخ ٻڌايو ته جناح اسپتال ۾ آيل لاشن ۾ 5 لاش اهي آهن جيڪي پهريان عباسي شهيد اسپتال نيا ويا هئا، اتي به انهن جي ڳڻپ آهي ته جناح ۾ به ڳڻيا پيا وڃن، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ سڄي شهر ۾ خوف پکڙجي ويو. نارٿ ڪراچي ۾ عورتن ٻڌايو ته رينجرز اهلڪارن سندن بي ڏوهي ٻارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته رينجرز آفيسر سهيل جو چوڻ هو ته سرچ آپريشن دوران 25 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ ڪيترن ئي وٽان هٿيار به مليا آهن. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ گاڏين کي باهيون ڏيڻ کانپوءِ سڄي شهر ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. سي سي پي او ڪراچي وسيم احمد ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي سرسيد ٽائون، سرجاني، نارٿ ڪراچي، سچل ۽ ٻين علائقن ۾ ٻن ڌرين ۾ اربع ڏينهن ٿيل وڳوڙن ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا آهن، جن ۾ 16 پشتو ڳالهائيندڙ، 3 اردو ۽ هڪ سرائيڪي ڳالهائيندڙ آهي، سي سي پي او چيو ته هن وقت مختلف آبادين جي بارڊر ايرياز تي پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي ۽ سياسي ڌرين کي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري مامرو حل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.هو ڏانهن هٿياربندن بلال ڪالوني ۾ 3 ماڻهن کي ويهاري قتل ڪري ڇڏيو.
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سنڌ واسين کي هڪ گذارش آهي ته اهي سنڌ امڙ جي لاءِ دعائون گهرن ته جيڪي به اندروني فساد آهن اهي جلد ختم ٿي وڃن،
     
  3. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    الله سائين هر جهان جو خير ڪندو
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    آمين ادا

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير سائين آمين ادا، شال الله جل جلال هو اوهان جي دعا قبول ۽ مقبول عطا فرمائي آمين.............
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ثم آمين، مٺا مولا اسان جي سنڌ کي ڪوسي واءُکان بچائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو