جلي رات ويندي

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
جڏهن به اسان کان هلي رات ويندي
پرين زندگيءَ جي رُلي رات ويندي،

قسم سان صنم تو جڏهن وار کوليا
زماني جيان هي جلي رات ويندي،

اوهان به اسان کي ڇڏي ڏور ويندا
رهي يار باقي ٺلهي رات ويندي،

کڻي نيڻ مرڪي نهاريو اسان ڏي
اسانجي به گذرڀلي رات ويندي۔
 
اوهان به اسان کي ڇڏي ڏور ويندا
رهي يار باقي ٺلهي رات ويندي،

بھترين شاعري، دوست شاعر جو نالو شاعري جي ھر ونڊ سان ڏيندا ڪريو۔
 
Back
Top