هڪ ريل جي ڊٻي ۾ دريءَ جي ويجهو ويٺل ٻه عورتون پاڻ ۾ اٽڪجي پيون، هڪ عورت جو موقف هو ته دريءَ کي بند ڪجي، کيس نمونيا جي بيماري آهي، هوا نقصان ڏيندي۔۔ جڏهن ته ٻي عورت جو موقف هو ته کيس گُهٽ ۽ ٻوسٽ ٿي رهي آهي، دريءَ کي کوليو ته مان ساهه کڻي سگهان۔۔۔ ڳالهه وڌي وئي، ٻنهيءَ مان ڪا به عورت پنهنجي جاءِ ڇڏڻ لاءِ نه وري مسئلي جي ڪنهن حل لاءِ تيار هئي، اصل جهيڙو ته جهيڙو۔۔ ايئن گوڙ گهڻو ٿيڻ لڳو۔ اڃان ٽڪيٽ چيڪر ڳالهه سلجهائڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو هو ته هڪ مسافر صلاح ڏني، ڀائو ٻنهيءَ جو مسئلو حل ٿا ڪريون، پهرين ته دريءَ کي ڪجهه دير بند ڪريو ته گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري مائي مري وڃي ۽ پوءِ وري دريءَ کي کوليو ته نمونيا واري مائيءَ جي کچ کچ کان جان ڇٽي پوي۔۔