• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

من--- ڀاونا

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
نثري نظم
من--- ڀاونا
حسن صغير
ڪجهھ ڏينهن کان ڪجهھ نئون
يا پراڻو درد نئين صورت ۾ نه لکيو هيم!
من ۾ احساسن جي اڻ تڻ
۽ ويچارن جي ولوڙ ڏسي
ڪنهن ڪاغذ تي ڪجهھ اظهارڻ لاءِ
پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ
منٿون ڪري رهيو هيس!
جڏهن به قلم ڪاغذ جو سهارو وٺي
من جي ڀاونائن کي
قلم جي سياهيءَ سان
ڪاغذ جي سفيديءَ تي
اتارڻ جي ڪوشش ڪيم ٿي ته
تنهنجو مرڪندڙ چهرو
منهنجي تصور ۾ تصوير ٿي
منهنجي اڻ کٽ درد جي
معنيٰ کي بي معنيٰ بنائي هليو ٿي ويو.
اڄ جڏهن ايترن ڏينهن جي انتظار کان پوءِ
تنهنجو مرڪندڙ چهرو حقيقت ۾
منهنجي اکين جي اڳيان آيو
۽ ڪجهھ گهڙين ۾ ئي تصور جي تصوير جيان
وري غائب ٿي ويو ته ٻيهر من ۾
احساسن جو عمارتون پٽ پئجي ويون
۽ مان ڪجهھ لکڻ لاءِ ٻيهر قلم ڪاغذ جو
سهارو ورتو پر اڳي جيان اڄ به ان کي
ڪنهن عنوان نه هئڻ جي صورت ۾
مان پنهنجي من جي ڀاونائن کي
لکڻ کان قاصر آهيان....!
 
Back
Top