مسيح مگسي
سينيئر رڪن
راجا ڏاهر سنڌ جي جديد رياست ۽ سياست جو بنياد رکندڙ بادشاهه
سارنگ زين
سنڌ جي قومي ۽ سياسي تاريخ ۾ ڪن واقعن جا اثر صدين تائين رهيا آهن.جن مان ڪيترن ئي واقعن ۾ ڄڻ ته سنڌ جو ڀاڳ موڪلائي ويندو آهي. ائين سمجهو ته سنڌ نه کٽندڙ سورن ۾ هلي ويندي آهي . راجا ڏاهر جي سربراهي ۾ سنڌين جي سيڪيولر ۽ جديد سياسي نظام تحت قائم حڪومت جي خاتمو به اهڙن المين منجهان آهي جنهن کان پوءِ سنڌ اڄ به ڀوڳي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ مذهب جي نالي ۾ سنڌ تي ڌارين جي لوڌ ايندي رهي. مهاڀارت جي ديو ۾ به آزاد حيثيت رکندڙ سنڌ جا دروازا مذهب ۽ ملت جي نالي تي کلندا ويا ۽ اڄ تائين سنڌ عالمي يتيم خانو بڻجندي رهي آهي. جڏهن ته اڄ به سنڌين کي پنهنجي ڌرتي کان نيڪالي ملندي رهي ٿي. سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ به ان ئي عربن جي حملي جو تسلسل ۽ ان ئي سوچ جو نتيجو آهي جيڪا حجاج بن يوسف اختيار ڪئي هئي.
راجا ڏاهر راجا چچ جو پڳدار پٽ هو. راجا چچ سنڌ جي بادشاهه راءِ سهاسي جو خاص وزير هو. راءِ سهاسي ٻڌ مت جو پيروڪار هو پر سندس خاص وزير وري پڪو برهمڻ. 14 صديون اڳ به سنڌ جي رواداري جون تاريخ ساکون پئي ڏئي.هندستان سميت دنيا ۾ اڄ به برهمڻ ۽ ٻڌ ڌرمي طور هڪٻئي جا مخالف آهن. تامل ۽ سنهالين جي جنگ جو هڪ پس منظر اهو فرق به آهي پر سنڌ ان وقت به ٻڌ ۽ برهمڻ گڏ ويهاريا جنهن دور ۾ دنيا کي جهالت نظر پئي اچي. ان وقت عيسائين، يهودين ۽ عربن جا روم، شام ۽ ٻين هنڌن تي هڪٻئي سان جهيڙا هلي رهيا هئا پر سنڌ ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو هڪ ٿانو ۾ کائي رهيا هئا. راءِ سهاسي جي موت کان پوءِ راجاچچ سنڌ جو بادشاهه ٿيو، ان جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ تخت تي ويٺو. جنهن کان پوءِ چچ جو پٽ راجا ڏاهر سنڌ جي واڳ سنڀالي. راجا ڏاهر جي تخت نشيني کان ڪجهه وقت اڳ ڪربلا جو واقعو پيش اچي چڪو هو. بنو اميه عربستان سميت اسلامي ملڪن تي حڪومت ڪري رهيو هو. ايران سميت مختلف ملڪن ۾ کين بغاوت جو منهن به ڏسڻو پئجي رهيو هو. ان وقت بنو هاشم يعني پيغمبر اسلام جو خاندان بنو اميه حڪمرانن جي ظلم جو شڪار هو اهو تاريخ ۾ ڪنهن کان به ڳجهو ناهي. ان وقت بنو هاشم جا ڪيترائي همدرد سنڌ ۾ اچي پناهه لاءِ ويٺا.انهن ۾ محمد بن علافي به خاندان سميت راجا ڏاهر وٽ پناهه ورتي. ان کي راجا ڏاهر خاص پروٽوڪول ڏنو. اڳتي هلي نه صرف کيس خاص وزير مقرر ڪيو پر سڪي جي ٻئي پاسي سندس تصوير به لڳرائي. راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ جو ڏاکڻو حصو سندس ڀاءُ حوالي هو. ڪڇ جو ڳچ حصو، مڪران ۽ ملتان ان وقت سنڌ جي حصي ۾ هئا. راجا ڏاهر سنڌ جي وحدت کي يقيني بڻائي رکيو هو. ان وقت ديبل جو گورنر لوهاڻو ٻڌ هو. درٻار ۾ علافي جهڙو مسلمان به موجود هو جڏهن ته برهمڻ هندو وزير هو. اها ان وقت جي سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي تصوير آهي. ان وقت مذهبن، قبيلن، فرقن ۾ ورهايل دنيا ۾ سنڌ انهن ملڪن ۽ خطن ۾ هو جن ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو هڪ حڪومت جا انتظامي عملدار هئا. ان وقت عرب پاڻ گهرو ويڙهه ۾ ڦاٿل هئا. ان وقت عرب حڪمرانن کي محمد بن علافي گهربل هو. انهن سيلون ( سريلنڪا) کان ايندڙ سامان جي ڦر ڄاڻائي سنڌ تي حملو ڪيو. پر ان حملي جو پس منظر مال غنيمت جي نالي ۾ سنڌ جي ڦرلٽ ڪرڻ هو. سنڌ سکي ستابي هجڻ سبب ڏيهن ۾ مشهور هئي. وڏين شهنشاهيتن کي سدائين علائقا وڌائڻ ۽ وسيلن جي گهرج ٿيندي رهندي آهي. تنهن ڪري ان وقت عرب حاڪميت هڪ طرف اسپين ذريعي يورپ تائين پهتي ته ٻئي طرف سنڌ ذريعي سنڌي ( هندي سمنڊ) جي ڪناري تائين پهچڻ لاءِ حملا ڪرائي رهي هئي. ڇاڪاڻ ته حضرت عمر جي وقت کان مڪران تائين حملو ٿي چڪو هو ان وقت مڪران سنڌ ۾ هو. ان کان پوءِ به سنڌ تي 14 حملا ٿي چڪا هئا. ايران جهڙي طاقت به هڪ ٻن حملن ۾ فتح ٿي وئي پر سنڌ ان وقت به ڇهه ست وڏن ۽ ٻين ننڍن حملن کانپوءِ فتح ٿي هئي.چون ٿا ته سنڌ تي اسلام لاءِ حملو ڪيو ويو هو پر جيڪڏهن سنڌ تي اسلام لاءِ حملو ڪيو ويو هو ته سنڌ ۾ اسلام ته اڳ ۾ ئي پهچي چڪو هو. محمد بن علافي جو سڄو قبيلو به ته مسلمان هو ۽ ٻيا به موجود هئا ته پوءِ ڇو حملو ٿيو. سنڌ ۾ اسلام بابت سنڌ جي وڏي عالم ۽عالمن جو آفتاب سڏجندڙ علاما غلام مصطفيٰ قاسمي لکي ٿو.
”امام ابو حنيفا جو ڏاڏو اسلام کان اڳ واري سنڌ جي نقشي جي خيال کان سنڌي هو. شيرِ خدا حضرت علي ڪرم الله وجھھ جي هٿ تي اسلام آندائين“ اڳتي لکي ٿو.....
”جڏهن ته سنڌ ۾ اسلام وليد بن عبدالملڪ جي دور کان اڳ اچي چڪو هو. ۽ سنڌ جي فاتح غازي محمد بن قاسم جي سپھ سالاري هيٺ وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ پهرين صدي هجري جي آخر ۾ ٿي.“ (مقالات قاسمي، قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير، صفحو: 36 )
حملي جو ٻيو سبب ڌاڙيلن جي ڦر ٻڌائي پئي وڃي ته ڇا اڌ دنيا تي عربن کان ڦر ٿي جو حملا ڪيا ويا هئا.
سنڌ جي بندر ديبل تي حملي کان پوءِ جڏهن تخت گاهه اروڙ تي ابن قاسم جو لشڪر پهتو ته ان وقت محمد بن علافي درياءُ پار ڪرڻ کان اڳ عربن جي لشڪر کي روڪڻ جي صلاح ڏني پر راجا ڏاهر اهو چئي انڪار ڪيو ته اڳرائي نه ڪئي وڃي. علافي کي عربن جي حڪمت عملي ۽ اصول ٽوڙڻ وارين حرڪتن جو اندازو هو ان ڪري ان اڳواٽ لشڪر روڪڻ جي صلاح ڏني. سيد سليمان ندوي ” سنڌ جي فتح“ ۾ لکي ٿو ته پهرين رمضان کان 10 رمضان تائين راجا ڏاهر جي درٻار جو گهيرو رهيو.ان دوران چڪريون به ٿينديون رهيون. 10 رمضان تي وڏي ويڙهه کان پوءِ راجا ڏاهر جي شهادت کان پوءِ سنڌ تي قبضو ٿي ويو.
سنڌ تي ان قبضي کان پوءِ سدائين ساڳئي ڪلمي گو لشڪرن حملو ڪيو آهي.تغلق، ارغون، ترخان، مغل، نادر شاهه، مدد خان پٺاڻ توڙي شاهه شجاع مسلمان هئا ۽ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ به مسلمان هئا. پر پوءِ به حملا ٿيندا رهيا. سنڌ جي تاريخ ۾ راجا ڏاهر جو دور ورهين تائين ياد ڪيو ويو. اڄ راجا ڏاهر کي وڇڙئي 13 سئو سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر سنڌ جي حالتن کي ڏسي سنڌ جا ماڻهو اڄ اهڙو راڄ ۽ سماج چاهين ٿا جيڪو راجا ڏاهر جي دور ۾ هو.جنهن ۾ بنا ڪنهن مذهبي فرق ۾ سڀ گڏ هئا.