ڀلائيءَ جو فرشتو!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ ڏينهن، ڪو همراه ڪنهن رستي سان وڃي رهيو هو ته کيس اوچتو هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو؛
    ”هڪدم بيهي رهه! مٿان سر اچي رهي آهي، جا توکي لڳندي ته اصل مٿو ڦاڙي وجهندئي“
    همراه بيهي رهيو ته ان ئي وقت هڪ سر اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو ....
    همراه لک شڪر ادا ڪيا ۽ اڳتي وڌيو ...
    اڳتي رستو پار ڪري رهيو هو ته وري ساڳيو آواز آيو؛
    ” هڪدم بيهي رهه! هڪ گاڏي اچي رهي آهي، ٽڪرائبين ته اصل موت واقع ٿي ويندئو“
    همراه اڃان بيٺو ئي مس ته هڪ گاڏي زرڙاٽ ڪندي لنگهي وئي ...
    همراه لک شڪرانا ادا ڪيا ۽ سوال ڪياِئين: اي سڄڻ دوست، غيبي آواز ڏيڻ وارا تون آهين ڪير؟
    آواز آيو ؛ ”ڀلائيءَ جو فرشتو“
    همراه کائنس وري سوال ڪيو ته ” اي ادا منهجا سڄڻ فرشتا، ڀلا اهو ته ٻڌاءِ ته جڏهن منهنجي شادي پئي ٿي ته تون ڪٿي هنئين ... ۽ مونکي بچائي ڇو نه سگهئين ؟؟؟؟“
     
  2. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڀلائيءَ جو فرشتو!

    lajwab-sharing
    shal judy hujeen
    sindhsalamatsaathsal
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀلائيءَ جو فرشتو!

    بروبر سائين بروبر۔۔۔۔ شاديءَ جا ستايل ايئن ئي چوندا۔۔۔۔۔wslam
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڀلائيءَ جو فرشتو!

    ها سائين قبلا جي شادي طبيعت موافق هجي ۽ پاڻ ۾ هم خيالي هم آهنگي هجي ته جيئري جنت نه ته ۔۔۔۔۔ الله جي امان۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڀلائيءَ جو فرشتو!

    اها ڳالهه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان کي ڪيئن خبر پئي ۔۔۔۔ مون ته پنهنجي ڊائري لڪائي رکي آهي۔۔۔۔
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڀلائيءَ جو فرشتو!

    hall chariHaqMojood

    سائين بي وس اٺن به بار ڇڏيا هئا سو لڳي ٿو ڀلائي واري فرشتي جو اتي وس نه هليو نه ته ضرور با خبر ڪري ها :Dhall chari
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڀلائيءَ جو فرشتو!

    :D:D:D

    charihall chari
    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو