• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويو باهه سڙي گل محبت جو

2ng74v4.jpg
هُنَ ها نه ڪَئِي ڄَڻ موت مليو
ويو باهه سڙي گُل محبت جو

مون حسرت سان اظهار ڪيو
پنهنجي نينهن کي مون نروار ڪيو
هن منهن موڙي انڪــــار ڪيو
ويو باهه سڙي گل محبت جو

انڪار تنهنجو ڄڻ تير لڳو
ٿِي شَهِه رَڳَ تي شَمشِير لڳو
هُنَ ها نه ڪئي ڄڻ هيانءُ ڇِڳو
ويو باهه سڙي گل محبت جو

سَپنَن سان ڀَريلَ دِل زَخمي ٿِي
درويش کي دل جِي چوٽ لڳِي
هُنَ هڪ به دِلاسو ڪو نه ڏنو
ويو باهه سڙي گل محبت جو

عمران درويش سومرو

 
Back
Top