اهي قومون خوش نصيب هونديون آهن جن وٽ تخلقيڪار ۽ ڪلاڪار گهڻا هوندا آهن پر رڳو اهي قومون ئي سوڀاريون ٿي سگهنديون آهن جيڪي انهن تخلقيڪارن ۽ ڪلاڪارن جو قدر ڪنديون آهن ۽ انهن جي اهميت کي سمجهي سگهنديون آهن. سنڌي قوم به انهن خوش نصيب قومن منجهان آهي جنهن وٽ تخيقڪار ۽ ڪلاڪار جھجھي مقدار ۾ موجود آهن. خلقيندڙ انسان کي تخليق ڪري پنهنجي عظمت ۽ پنهنجي ڪلا جو بهترين نمونو پيش ڪيو آهي.هو جيئن ته اسان کي پنهنجي رڳن کان ويجهو آهي انڪري ان پالڻهار جهڙيون تخليقي صلاحيتون انسان ۾ پڻ آهن. انسان به هڪ ڪلاڪار آهي جيڪو هميشه ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪجھ نه ڪجھ تخليق ڪندو رهي ٿو توڙي اهو ظاهري هجي يا خيالي. هڪ تخليقڪار پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ، صورت حال کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪلا جو سهارو وٺندو آهي ۽ هر ڀيري نوان خيال جوڙي پنهنجو پاڻ کي به حيران ڪري ڇڏيندو آهي. جيئن خلقيندڙ کي پنهنجي هر تخليق پياري آهي اهڙي طرح انسان کي به پنهنجي تخليق پياري آهي، هڪ تخليقڪار لاءِ هن جو تخليق ڪيل مواد هن جي اولاد مثل هوندو آهي ۽ هو ان سان بيحد محبت ڪري ٿو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌي قوم پنهنجي ڪلاڪارن جو قدر نه پئي ڪري. ڪجھ ڏينهن اڳ ڄامشوري ڦاٽڪ وٽان پنهنجي رهائش گاھ طرفويندي واٽ تي مين بازار وٽ منهنجي ملاقات مشهور مصور ساقي عالم ابڙو سان ٿي، مان هن سان ملي خوش به ٿيس ۽ حد کان وڌيڪ غمزده به ٿيس، هن جي حالت ڏسي مونکي ڏاڍو رحم آيو، بازار جي سامهو بس اسٽاپ جي ڀرسان حيدرآباد برياني نالي ننڍڙو دڪان آهي، مان ساقي عالم کي اتي وٺي پکي هيٺان ڪرسي تي وهاريو، هن سان پنهنجو تعارف ڪرايم ۽ هن کان به حال احوال ورتم، پل کن لاءِ هو خاموش رهيو پر وري پنهنجي ننڍڙي بيگ مان مارڪر پين ڪڍيائين، مون سان گڏ منهنجو ڪلاس فيلو به هو، ساقي ان کان نوٽ بڪ ورتو ۽ ان تي هن جي تصوير ٺاهيائين. مان اسڪيچ ڏسي حيران رهجي ويس. ساقي لاءِ مشهور آهي ته هو اڪثر رستن تي رلندو وتندو آهي ۽ هر روز نئين قسم جي پوشاڪ پائيندو آهي، ان ڏينهن به هن کي عربن اسٽائل جي پوشاڪ پهريل هئي. مان جڏهن هن کان پڇيو ته ههڙي قسم جي پوشاڪ ڇو پهري اٿو؟ چيائين ”اڄ جمعي جو ڏينهن آهي انڪري نماز پڙهندس“. هن کان جڏهن هن جي ڏٻري حال جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته هن جي نيڻن جا بند ٽٽي پيا ۽ هو روئڻ لڳو، کن پل جي خاموشي کان پوءِ هو وري پنهنجي ننڍڙي بيگ ۾ ڪجھ ڳولڻ لڳو. ها اها سندس پٽ جي تصوير هئي، ڪنهن شخص کان معلوم ٿيو ته هن جو هڪ پٽ هو ”سوڀارو“ جيڪو ڪنهن روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ هي پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي. مان اڪثر ڪري اکين سان ناهيان روئندو پر ان ڏينهن ساقي عالم ابڙو جي حالت ڏسي ۾ منهنجو سمورو وجود لڏي ويو. هي رولاڪ شخص جيڪو زماني لاءِ ته ذهني مريض آهي پر اندروني طرح سان هي شخص دردن جو درياھ آهي، اهو دردن جو درياھ جيڪو هميشه ڀرپور وهي ٿو ۽ بند ٽوڙيندو رهي ٿو. ساقي عالم جي اها ان صورت حال کي شيخ اياز جي هيٺين بند مان پروڙي سگهجي ٿو. اڄ ڀي ڏات مصور جي، رت ۾ ٻوڙي کائي نان. (شيخ اياز) هن وڃڻ کان اڳ ۾ منهنجي نوٽ به تي هڪڙو نظم لکيو هو، هن چيو ته اهو نظم ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ ڇاپرائجو، مون اهو نظم هيٺ پڙهندڙن جي خدمت ۾ رکيو آهي جيڪو مون پڙهندڙ جي امانت سمجهي پاڻ وٽ محفوظ رکيو. مان سنڌو آهيان، مهران جي موج آهيان، سنڌ جي ڪنهن ڪاموري، منهنجي ڪکن کي بند ٻڌي، منهنجو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو پٽ درياءُ شاھ، ڪنهن بيمار ٻيار جيان، سڪي ويو آهي، مان سنڌو آهيان، ڪارونجهر جي ڪور آهيان، رڇ ڦاٽي پيا، درياءُ شاھ سڪي ويو، مان مهراڻ جي موج آهيان، مان موهن جي دڙي جو ماڻهو آهيان، (ساقي عالم ابڙو) ساقي عالم سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ پورا ٽي ڏينهن مان چڱيءَ طرح آرام نه ڪري سگهيس، سوچيندو رهيس ته آخر اسان جي قوم ڪهڙي وقت جي انتظار ۾ آهي ۽ اهو وقت الائجي ڪڏهن ايندو جڏهن اسان جي قوم جي خوبصورت ڪلاڪارن کي مڃتا ملندي ۽ انهن کي قومي اثاثو سمجهيو ويندو. الائجي اهو وقت ڪڏهن ايندو جڏهن اسان جي سنڌي ڪلاڪارن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي ويندي. افسوس ته اسان جي سنڌ هر طرح سان بحرانن جو شڪار آهي ۽ ان سنڌ جو وڏي ۾ وڏو الميو اهو ته اڄ مصور جي ڏات روئي پئي! منصور ميراڻي ڇپيل: روزاني جيجل 18 جون 2013
محترم سائين منصور ميراڻي صاحب۔۔۔ هي قوم واقعي خوشبنصيب آهي جو اسان وٽ شاهه عبدالطيف جهڙو عظيم ڏاهو، فلاسافر، دانا، تخليقڪار، عالم، فاضل، شاعر، سيلاني، کوجي ٿي گذريو آهي پر هن قوم کان وڏو ڪو بد نصيب به ڪونهي، جتي جو کڻي اسان وٽ هيڏا دانا ، تخليقڪار، ڏاها موجود آهن جن جي ڏات واسيلي اسان سڌريل قومن ۾ پنهنجو نالو لکرائي سگهون ٿا اتي اسان وٽ ڄٽ، لوڀي، وحشي ، اڻ سڌريل، وياجي، نيت پليت ، وڏيرا، ڪامورا، پير ۽ ننڍي طبقي جا اڻ پڙهيل ماڻهو به موجود آهن، جيڪي رڳو کلڻ واڇون ٽيڙي چانهه جا ڪوپن جا ڪوپ پيئڻ ۽ سڄو ڏينهن ٻٽاڪون هڻندي گذارن ، جن هن سموري سماج کي بڇڙائي، بدڪاري، وياج خوري، بد ديانتي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هي معاشرو پنهنجو اصل مقام ۽ منزلت حاصل ڪرڻ جي سگهه وڃائي ويٺو آهي۔ ان ۾ ساقي عالم جهڙا ڪيترائي تخليقي سوچ جا مالڪ ۽ انيڪ ڪردار ائين ئي پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺا آهن، ۽ هي بي حس سماج وري انهن کي چريو يا پاڳل ئي سمجهي ڌتڪاري پنهنجي بڇڙائپ جو مظآهرو ڪندي ٿورو به نٿو شرمائي۔