اسڪول وڃڻ ڏي مونکي ابا، مونکي جهالت کان آزاد ڪريو سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ۔ ڪجهه ڏينهن اڳ سائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ جي خوشيءَ ۾ کيس سندس اسڪول گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳوٺ عبدالرحيم ڪاتيار تعلقو بُلڙي شاهه ڪريم ضلعو ٽنڊو محمد خان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، ان آجياڻي واري تقريب ۾ ايف ايم 92 نوري آباد جي نمائندي محترم محمد بچل نندو پڻ شريڪ ٿيو، جنهن پنهنجي انتهائي دل کي ڇُهندڙ شاعري ” اسڪول وڃڻ ڏي مونکي ابا، مونکي جهالت کان آزاد ڪريو“ ٻُڌائي ساري تقريب جا وار ڪانڊاري ڇڏيا، سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي گُذارش آهي ته هي گيت هر انهيءَ ماءُ پيءَ کي ٻُڌايو وڃي، جيڪي اڃان تائين پنهنجي اولاد کي تعليم جهڙي زيور کان محروم رکيو ويٺا آهن، جيڪي پنهنجي گُلڙن جهڙن سنڌي ٻارن کي اسڪول وڃڻ جي اجازت نٿا ڏين۔۔۔۔۔۔۔ ٿي سگهي ٿو منهنجو ونڊ ڪيل هي گيت انهن والدين کي ٿورو گهڻو سُجاڳيءَ جو سنديسو ڏئي وجهي۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي پڻ وينتي آهي ته هو دل سان هن گيت کي مڪمل طور ڏسن ۽ ٻُڌن ۽ سنڌ سلامت جي هن پيشڪش کي پنهنجي ارد گرد رهندڙ دوستن تائين ضرور پهچائن ته جيئن سنڌ سلامت جيڪو عظيم مقصد کڻي پنهنجا قدم وڌايا آهن اهو مقصد پورو ٿي سگهي۔۔۔۔۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
جواب: اسڪول وڃڻ ڏي مونکي ابا، مونکي جهالت کان آزاد ڪريو سائين تمام پيارو پيغام آهي ۔ انشآء الله تعالي جيڪڏهن اهو پيغام ان پيء تائين پهچندو ته جيڪو اولاد کي تعليم جي حاصل ڪرڻ ۾ سستي ڪري ٿو سو بفضل خدا چست ٿي ويندو ۽ ان نصيت تي عمل ڪندي پنهنجي اولاد کي اسڪول کان نه روڪيندو۔
جواب: اسڪول وڃڻ ڏي مونکي ابا، مونکي جهالت کان آزاد ڪريو سائين رحيم بخش ڏاهري، توهان جي مُنهن ۾ گلاب ، کنڊون مصريون، اي ڪاش سموري سنڌ جا اهي والدين جيڪي پنهنجي اولاد جي پڙهائي کي گار سمجهي معصوم ٻارن جون حياتيون تباهه ۽ برباد ٿا ڪن انهن کي الله سائين سمجهه عطا ڪري، ۽ سنڌ جو مستقبل جيڪو اسان جي ننڍڙن ٻارڙن سان سلهاڙيل آهي اهو چوڏهين جي چنڊ وانگر پنهنجي آب و تاب سان جرڪندو رهي۔۔۔ آمين ثم آمين
جواب: اسڪول وڃڻ ڏي مونکي ابا، مونکي جهالت کان آزاد ڪريو سائين سنڌي ماروئڙن لاءِ ايترو وڌاء ته نه لکو والدين جو ٻارن کي نه پڙهائڻ جا ٻيا سبب نه ڪه گار سمجھن ٿا!! منهنجي خيال ۾ ٻيا ڪافي سبب آهن جن مان ڪجھ هي آهن 1 ۔ تعليم جو خرچ جو نه هجڻ 2۔ ڳوٺ ۾ اسڪول جو نه هجڻ 3 ۔ يا گهر ۾ ڪمائڻ وارو ڪو ڪون آهي 4 ۔ يا ڪافي انهي ڪري ته نوڪري ملندي سفارش وارن ۽ پيسن وارن کي اسان پنهنجي اولاد کي ڪو هنر يا ڌندو سيکاريون ! ٻيا به ڪافي سبب آهن پر افسوس اهو مٿي ذڪر ڪيل سبب اسان ته هر گز نه ٻڌو آهي
جواب: اسڪول وڃڻ ڏي مونکي ابا، مونکي جهالت کان آزاد ڪريو ادا عظيم ان ڳالهه ۾ ذري برابر شڪ ڪونه ٿو سمجهان ته توهان بلڪل اها ڳالهه ڪانه ٻُڌي هوندي ته علم کي ڪير گار سمجهندو هُجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر توهان کي ان ڳالهه ۾ به شڪ نه ڪرڻ گهرجي ته مون باقائده اهڙا والدين ڏٺا به آهن ۽ ٻُڌا به آهن جيڪي الله جي ڏني مان سڀ ڪجهه هوندي بلڪل علم کي گار سمجهندي اهو چوندا آهن اسين پنهنجي ٻارن کي ڇو پڙهايون، نه اسان جو پڙ ڏاڏو پڙهيو، نه اسان جو ڏاڏو پڙهيو، نه اسين پڙهياسين، ۽ نه وري اسان پنهنجي هن ڇوري کي پڙهائينداسين، اسان وٽ اسان جي مائٽن جي گنج ملڪيت پئي آهي، اسان پنهنجي ڇوري کي پڙهائي ڪا هن کان نيچ نوڪري ڪرائينداسين ؟۔۔۔ مٺا عظيم اسان جي هن معاشري ۾ اڃان تائين اهڙا ڪردار آهن، گورنمنٽ پوءِ چاهي اهي پيسا اقوام متحده جي ڏوڪڙن تي ئي هتي جي علم لاءِ رکيا آهن ته ميٽرڪ تائين سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندڙ هر ٻار جي تعليم مفت آهي، سندن ڪتاب مفت آهن، باقي غربت جواز بنائي علم نه حاصل ڪرڻ واري ڳالهه ٺهي ڪانه ٿي، مان پنهنجو مثال ڏيندس، منهنجو بابا سائين انتهائي غريب ٻيڙي مزدور هوندو هو، هڪ وقت جو ويلو کائينداسين ته ٻه ويلا ويٺا هوندا هُئاسين، ان هوندي به منهنجي بابا سائين پيٽ تي پٿر رکي، ارادو پختو ڪري اسان سڀني ڀائرن ڀيڻن کي پڙهايو، مان ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي، بينڪ ۾ ملازمت حاصل ڪئي، منهنجي ننڍي ڀاءُ پنهنجي صفا غربت جي هوندي سي ايس ايس سموري سنڌ ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو، ۽ هينئر هو اڙهين گريڊ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري بلوچستان آهي،اهڙا طرح علامه دائود پوٽو، ايترو ته غريب هوندو جو بوٽ پاليش ڪري پي ايڇ ڊي واري ڊگري حاصل ڪيائين ۽ هن سنڌ ڌرتي جي وڏي عالم جو لقب حاصل ڪيائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي توهان هڪڙو اهو جواز ڄاڻايو آهي ته نوڪري رشوت تي ملندي ان ڪري تعليم نه حاصل ڪرڻ، ائين بلڪل آهي ، پر مٺا دنيا جي تاريخ اها گواهي ڏي ٿي ته ميرٺ کي ڪٿي به جهٽلائي نٿو سگهجي، ارادا پختا هُجن ته منزل آسان ٿي ويندي آهي، باقي مختلف ڳوٺن ۾ اسڪولن جو نه هُجڻ اها توهان ڳالهه انتهائي زبردست لکي آهي، ان هوندي به ڪافي اهڙا مثال آهن ويچارا غريب ٻارڙا پنج پنج ڪلو ميٽرن جا مفاصلا طئه ڪري پنهنجا پير پٿون ڪري سرديون ۽ گرميون پاڻ تي وسائي ، لُنڊيون لتاڙي جتي اسڪول هوندو آهي اتي ضرور پهتا آهن،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا علم يا تعليم کي گار سمجهڻ جي ڳالهه هتي مون صرف تمثيل طور لکي آهي، بلڪل ائين جيئن اڃاتائين هتي اهڙا والدين آهن جيڪي نياڻين کي بار نه پر گار سمجهي انهن کي گهر ۾ ويهاري ڇڏين ٿا، ڪي ته اهڙا به والدين آهن جيڪي نياڻين پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي پيدا ٿيندي ئي گار سمجهي زنده دفن ڪري ڇڏيندا آهن۔۔۔۔۔۔علم ته انهن جي اڳيان گار ڇا پر گار کان ڪا وڏي ڳالهه هوندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: اسڪول وڃڻ ڏي مونکي ابا، مونکي جهالت کان آزاد ڪريو سائين ڳالهه ادا عظيم جي به غلط نه آهي ۔ منهنجو خيال آهي ته والدين جون مجبوريون به آهن جنهن ۾ سڀ کان وڏي مجبوري آهي غربت ۔ پڙهائي ۾ صرف فيس جي ڳالهه نه آهي هوندي پر ڪتابن ۽ بڪن جو خرچ به آهي جيڪو فيس کان ڪافي گهڻو آهي ۔ گهڻا ٻار ته نه غربت ڪري فيس ته ڪنهن طرح ڏئي ويندا آهن پر بڪن ۽ ڪتابن لاءِ سندن وٽ پيسو ن اهي ۔ ٻيو ته غريب ماڻهون جي ڪوشش هوندي آهي ته سڪول موڪلڻ سان هڪ ته ٻار گاهه پٺي ڪرڻ جي لائق به نه ٿو رهي ته شروع ۾ ئي والدين جو ٻانهن ٻيلي نه ٿو ٿئي ۔ ۽ گهر سموري جو ڪاروبار اڪيلي پي کي کڻڻو پوي ٿو ۔ استاد طور مون کي چوڻ ته نه کپي پر هاڻي جا استاد به ڳالهه ڳالهه تان ٻارن کي ماري پڙهڻ کان دل يئ کڻائي ٿا ڇڏين
جواب: اسڪول وڃڻ ڏي مونکي ابا، مونکي جهالت کان آزاد ڪريو ادا وحيد توهان سچ ٿا چئو ۔۔۔۔۔۔۔ توهان وڊيو تي ۽ شاعر بچل بيوس جي شاعريءَ تي پنهنجا ويچار ته ونڊيا ئي ڪونه؟۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: اسڪول وڃڻ ڏي مونکي ابا، مونکي جهالت کان آزاد ڪريو سائين هر ڪو پنهنجو فرض نڀائي ته خاطر خواهه نتيجا نڪرندا هر ڪنهن جي ڳالهه ۾ ٿورو ته وزن هوندو آهي ليڪن نظم ۾ هڪ اهڙي ٻار جي ڳالهه نظر اچي ٿي جيڪو پڙهڻ چاهي ٿو ليڪن والد ان کي بيجا روڪي ٿو ته ان عمل کان بيداري ضرروي آهي علم پرائڻ لاء ته قرآن حديث ۾ حڪم آيل آهي مشهور چوڻي به آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي ۽ اها حقيقت آهي . باقي ڪي والدين واقعي مجبور هوندا آهن ليڪن سڀ نه آهن . پر اوهان کي معلوم هوندو ته جيڪي مجبور نه آهن سي به پنهنجي اولاد جي تعليم ۾ لاپرواهي ڪندا آهن مثلا ميهني ۾ به پنهنجي پٽ جي رپورٽ ڪونه وٺندا آهن ته اسان جو ٻار اسڪول به وڃي ٿو يا ڪاٿي ٻاهر راند روند وغيره ۾ وقت گذاري موٽي ٿو اچي مقصد ته هر فرد پنهنجي ذميواريء کي احسن طريقي سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪري ته بهترين معاشري جي تشڪيل ٿيندي ٻار جي بهتر تعليم ۾ استاد ۽ والدين بهترين ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۔