• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 21 جون تاريخ جي دريءَ مان

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
اڄوڪي ڏينهن 21 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

21 جون 1921ع فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر ڀڳوانداس چندواڻي (سکر / اجمير) جي پيدائش ٿي.
21 جون 1932ع شاعر لائق سيتائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 جون 1944ع شاعر سيف ٻنوي جو جنم ڏينهن آهي.
21 جون 1951ع گلوڪار ڪشن ڪمار ڀولاڻي (جئپور) جي پيدائش ٿي.
21 جون 1953ع شهيدِ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

21 جون 1037ع مشهور مسلمان سائنسدان، طبيب ۽ فلاسافر ابن سينا جو انتقال ٿيو.
21 جون 1935ع شاعر ۽ ليکڪ آخوند هدايت الله مشتاق هالائي جو انتقال ٿيو.
21 جون 1938ع مذهبي عالم مولوي عبدالحڪيم راجنپوري جو انتقال ٿيو.
21 جون 1947ع فريڊم فائيٽر حاجي عبدالرحيم شاهه (سجاول) جو انتقال ٿيو.
21 جون 1963ع فريڊم فائيٽر حاجي علي شير ڀرٽ جو انتقال ٿيو.
21 جون 1989ع ليکڪ غلام محمد سومرو (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو.
21 جون 2012ع سياستدان سيد اميد علي شاهه رضوي (ٽنڊو الهيار) جو لاڏاڻو ٿيو.
21 جون 2020ع ناميارو صحافي، رپورٽر، ليکڪ ۽ اڳوڻو شاگرد سياستدان علي محمد شاھ لڪياري لاڏاڻو ڪري ويو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام​
 
Back
Top