اسان روئي روئي، کلايو ٿي جن کي،

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    اسان روئي روئي، کلايو ٿي جن کي،
    سرمد جو پرسوز آواز ۽ ترنم سان ڀريل غزل ٻڌندي اکڙيون آليون ته ٿينديون، بس محبت جا اثر آهن، ڪڏهن ڪوسا، ڪڏهن ٿڌڙا ته ڪڏهن روئاريندڙ ٿين ٿا.

    سرمد جو هي گيت ٻڌي سرمد سان گذاريل اهي گهڙيون ياد اچي ويون جڏهن پاڻ موٽر بائيڪ تي چڙهي ڪراچي يونيورسٽي کان نڪري مختلف روڊن تي گهمندا هياسون ۽ سرمد، منهنجي ڪلهي تي پنهنجي کاڏي رکي گيت جهونگاريندو هو ... سندس ياد اکيون آليون ڪري وجهندي آهي.
    ********​
    اسان روئي روئي، کلايو ٿي جن کي،
    اڪيلا جي ٿيندا، ته روئيندا ته هوندا،
    اسان جن کي چاهيو، اسان جن کي پوڄيو،
    ڏيئن سان سڄي رات، جلندا ته هوندا،
    جتان پاڻ وڇڙيا هياسين، اتان اڄ،
    ڪيئي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلندا ته هوندا،
    ڪلهي تي رکي ڪنڌ، جيڪي ستا ٿي،
    اهي ننڊ ۾ڇرڪ، لهندا ته هوندا،
    جتي گڏ ڀناسين ۽ رانديون رهيوسين،
    انهيءَ شهر تي، مينهن وسندا ته هوندا،
    اسان روئي روئي، کلايو ٿي جن کي،
    اڪيلا جي ٿيندا، ته روئيندا ته هوندا،
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سنڌ جي ٻيڄل جي ڀلا ڪھڙي ڳالھ ڪجي، ھن ڌرتي سان جنھن به پاڻ ملھايو آھي، ان کي ھن ڌرتي ڪڏھن ڪون وساريو آھي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو