رحيم بخش
ايڊيٽر
سچل جي پڪار
ٻاروچا پئيوَ ٻاجهه ، ڇپر مُئي کي هيئن نه ڇڏجو.مــهر نـه لاهـيو مـون پـرين ، مــٿان هـن مــحــتـــاج ،
آهــــي هـــن عـــاجـــز جـــي ، تــــوتــي لالـــــــن لاج ،
ڳـــچــــيء پــــائــــي ڪــپــڙو ، اُت ڪــــريان ايلاز ،
هيء پـٺيء لـڳي تــنـهـنـجـي ، مـنجهئون ساري راج ،
گــهوريان گهوٽ اوهـان تان، ســڀ مــڏيون ۽ ساج ،
پورهيو ڪنديس پرت جو هٿين ڪنديس هــاج ،
اوهــانـجـي تـه اچـڻ لـئــي ، سـچـو وجهـي ٿو واجـهه .
ٻاروچا هيئن نه ڇڏيو ، هيء نيو نماڻي ساڻ.
سڌ تنهين کي سوز انهيء جي ، جنهين لڳو ٻاروچو ٻاڻ ،
ٻــانـهـي گــولــي تـوهــان جــي ، پــنـهـون پــاڻ ســــڃاڻ ،
پــــــريـــــن ڏســـــــــج پــــــاڻ ، آهــــــــيــــان آء اڄــــــــاڻ ،
بــخـــــش ســـچـــوء کــــي سـپـريــن سـنـدو نــيـنهن نياڻ .