پڪ گيٽ وارن جي ڦوٽوشائين سافٽويئر ذريعي توهان ٺهيل ٺڪيل ٽيمپليٽ استعمال ڪري پنهنجا ڦوٽو ايڊ ڪريو ۽ دوستن کي حيران ڪريو ۔ مثال طور توهان پنهنجو ڦوٽو ڪلاسڪ لوِ سٽائيل، پنڪ گرل سٽائيل يا وري بيبي ڪارٽون ٽيمپليٽ ۾ لڳايو ۔ ڀلا جيڪڏهن چاهيو ته دنيا جي مشهور ميگزين جي سرورق ۾ پنهنجي تصوير لڳايو ۽ اهو به بس هڪ ڪلڪ ۾ ۔ هتي ڪلڪ ڪري 700 خوبصورت ۽ مفت وارين ٽيپليٽ سميت ڊائونلوڊ ڪريو لڳي ٿو ادي وڏي وانگر توهان کي اڃان اطمينان نه ٿيو آهي ۽ سوچيو پيا ته تصوير ميگزين جي سرورق تي ته هئيسين پر تصوير ته اها ئي ساڳي ڪاري ۽ ڪني آهي ته پو هي وٺو اميج ايڊيٽنگ سافٽويئر جنهن کي ڊريم لائيٽ فوٽو ايڊيٽر چوندا آهن۔ هن جي ذريعي ڪيترائي افيڪٽ ڏئي 15 فلٽر مان گذاريو جنهن ۾ پڻ 10 ڏهه افيڪٽ شامل آهي جنهن سان توهان جي تصوير توهان پاڻ سڃاڻي نه سگهندو۔ جهڙوڪ هي تصوير واري مائي هتي ڪلڪ ڪري مڪمل سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ هي وٺو پورٽيبل (مهرباني ادا ڦلپوٽي جي جنهن بنائڻ سيکاريو)
جواب: جيڪڏهن ڦوٽوشاپ نه ٿا ڄاڻيو ته ڇا ٿي پيو۔ سائين بهترين ونڊ آهي۔۔۔ مون کي ڦوٽو شاپ جي فلٽرس ۾ ڪم ڪندي الاءِ ڇو موت ايندو آهي۔۔ بس هاڻي ٺهيل ٺڪيل شئي جو فائدو وٺي ڏسون۔۔ ۽ قدرتي مون وٽ اڄ ڪلهه ڪم به گهڻو اهيو ئي پيو اچي۔۔۔
جواب: جيڪڏهن ڦوٽوشاپ نه ٿا ڄاڻيو ته ڇا ٿي پيو۔ تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا وحيد سمون صاحب توهان جي پوسٽ هن دفعي به لاجواب آهي تمام خوبصورت شيئرنگ آهي اد اهڙي ڪوشش جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: جيڪڏهن ڦوٽوشاپ نه ٿا ڄاڻيو ته ڇا ٿي پيو۔ سائين عبدالوحيد توهان جي پوسٽ بهتر هوندي يقين سان پوء چئبو جڏهن تجربو ڪري تسلي ٿيندي