انتظار جون گهڙيون ختم ٿيندي ڏسڻ انتهائي وڻندڙ لمحو هوندو آهي۔ لچڪدار ڊسپلي هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جنهن لاءِ اسان مان گهڻن کي ڪافي انتظار آهي۔ آخر ڪار ايل جي ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته هو سڀ کان پهريان 2013 جي آخر ۾ هي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندا ۽ پوءِ ٻين کي به ڏيندا۔ ايل جي وارن جو چوڻ آهي ته ٽٽڻ کان محفوظ هي لچڪدار ڊسپلي ٽيڪنالاجي موجوده وقت ۾ سڀ کان وڏي جدت آهي۔ جيڪا هن سال چوٿين ٽماهي ۾ مارڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي آندي ويندي۔ نه وساريو ته ايل جي ئي اها ڪمپني آهي جنهن دنيا جي پهرين ٿري ڊي اول ايل ڊي ايڇ ڊي ٽي وي متعارف ڪرائي هئي۔ اهو ئي سبب آهي جو سندن طرفان لچڪدار ٽيڪنالاجي جي تياري کي دنيا جون سموريون ڪمپنيون خاص طور سامسنگ انتهائي سنجيدگيء سان ڏسي رهيو آهي۔ ڪورين ٽائيمز جي ٿورن سان