اگر توهان جو ونڊوز xp آهي ته پوء توهان هن سافٽويئر جي مدد سان پنهنجي ڪمپيوٽر سان سنڌي ڳالهي سگهو ٿا ؟ http://www.alamuae.com/up/uplong/WinXp_Patch2178721047232628.zip
جواب: اگر توهان سان توهان جو ڪمپيوٽرڳالهائي ته پوء ؟ منهنجا ادا مست اسان کان غلطي ٿي وئي آهي اسان اهو ڪونه سوچيو سي ته ڪو مست به سنڌ سلامت ۾ آهي ؟ هن سافٽويئر کي ڌبل ڪليڪ ڪرڻ سان هي سافٽويئر اٽو مٽڪ انستل ٿي ويندو پوء بعد ۾ ڏسو ته ڪمپيوتر توهان سان ڪين سنڌي ڳالهائي ٿو پر هڪ ڳالهـ ضروري رهجي وئي جيڪو توهان لکندو سو پڙهندو يعني جيڪو لکندو سو پڙهندو توهان جي هٿ ۾ آهي جيڪو لکو گاريون لکندو ته توهان کي ڪمپيوتر گاريو ڏيندو خيال سان لکجو ؟ ائي ڳالهـ سمجهه ۾ ادا مست يا .......... pasand
جواب: اگر توهان سان توهان جو ڪمپيوٽرڳالهائي ته پوء ؟ مگسي ڀاءُ ٻيلي اڳتي خيال ڪجو۔۔۔ مست کي مڙئي ڪمپيوٽر گهٽ ٿو اچي، هر ڳالهه جي تفصيل سان نه هجڻ جي ڪري پاڻ پوءِ ان مان هٿ ڪڍيو وڃون۔۔ مهرباني ڀاءُ۔۔۔
جواب: اگر توهان سان توهان جو ڪمپيوٽرڳالهائي ته پوء ؟ ادا زين ائين ته نه ٿو ٿي سگهي مان وٽ هي صحيح ڪم پيو ڪري ؟
جواب: اگر توهان سان توهان جو ڪمپيوٽرڳالهائي ته پوء ؟ ادا مون واري اينٽي وائرس به ڪجهه اهو ئي فرمايو۔۔۔ وائرس فائونڊ۔۔۔۔ هاڻ مان ان کي اڃان استعمال نه ڪيو آهي باقي ڊائونلوڊ ڪري رکي ڇڏيو آهي۔۔
جواب: اگر توهان سان توهان جو ڪمپيوٽرڳالهائي ته پوء ؟ ادا مان به اهو سافٽويئر پاڻ ته ڪو نه ٺاهيو آهي مان کي به انترنيٽ مان مليو آهي توهان ته مون کي مجرم پيا سمجهو ؟ توهان جي مرضي آهي انستال ڪيو يا نه ڪو توهان تي ڪو زور ڪون آهي هن انترنيٽ جي دنيا ۾ اهو پهريو وائرس نه آهي جو توهان ائين رننُ وانگر پيا گهبرايو ؟ جڏهن مون کي خبر پئي ته هي سافٽويئر سنڌي لکي ٿو ته مان ان جي عشق ۾ چريو ٿي ويم پنهنجي ڪمپيو تر ۾ انستال ڪري ڇڏيم پنهنجي ٻولي جي محبت ۾ اصل ۾ جڏهن به ڪنهن ويپ سائيت مان سافٽويئر انستال ڪبو آهي ته انهن ۾ 70% وائرس هوندا آهين مان غريب ڪو وائرس ٺاهڻ وارو ڪو خطرناڪ هڪر نه آهين مان غريب جو پٽ غريب آهين اصل ۾ مان غلط آهيان صحيح چوندا آهين ته هن زماني ۾ ڀلائي ڪر سمنڊ ۾ اڇلاء ادا اسان کي معافي ڏيندا ڏسنون ته توهان جو ايتريون جو خبرون ٿا ڪيو ته ( هن ۾ وائرس آهي هن ۾ وائرس آهي هن ۾ وائرس آهي) ڪيترو بچيو ٿا ايترو غرور ڪرڻ صحيح ڪونه آهي جيڪو غرور الله کي به پسند ڪون آهي اصل ۾ توهان جهڙن ماڻهن کي سڪون نه ايندو جيستائن ڪنهن ٻئ جو عيبُ نه ڪڍندو
جواب: اگر توهان سان توهان جو ڪمپيوٽرڳالهائي ته پوء ؟ مٺا مگسي ايڏي ڪاوڙ هروڀرو۔۔۔ يار هڪ ڳالهه آهي سا آهي۔۔ ان کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي۔۔ هن فائل ۾ وائرس آهي ته پوءِ اسان جا ڪيترا ئي دوست اهڙا آهن جيڪي پنهنجي آفيس ۽ ضروري ريڪارڊ جنهن ڪمپيوٽر تي ڪم ڪن ٿا اگر خدانخواسته ان کي وائرس لڳو ته پوءِ۔۔۔؟؟؟؟ ظاهر آهي هر ڪو پنهنجي ڀلو سوچيندو۔۔۔ مٺا ايئن ڪاوڙ نه ڪبي آهي ۽ پهرين حقيقتن کي به ڏسبو آهي۔۔۔
جواب: اگر توهان سان توهان جو ڪمپيوٽرڳالهائي ته پوء ؟ نوٽ: مان هن پروگرام جي انسٽال ڪرڻ يا غلط استعمال جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي نقصان جو ذميوار نه آهيان.. هن کي پنهنجي رسڪ تي ڊائونلوڊ ڪريو. pasand
جواب: اگر توهان سان توهان جو ڪمپيوٽرڳالهائي ته پوء ؟ بابا منهنجا سائين مان ته معافي ورتي آهي مون کان غلطي ٿي منهنجي ابي ڏاڏي توبة ڪي ته مان وري ڪو سنڌ سلامت ۾ ڪو پيروگرام مڪليان توهان ته معافي کان به پوء مان غريب کي پيا لوٻيو ؟؟؟؟ مان کي ڪهڙي خبر ته هتي سڀ وائرس کان پاڪ شخصيتون موجود آهن ويچارن ڪڏهن ڪو وائرس ڪو نه ڏٺو عمرين ۾ ايترو خوف اٿن ته پوء پرائين ڪمبيوٽرن تي ڇا لاء Download ڪن ٿا مون کي چون ٿا ته تو اسان جو ڪمبيوٽر خراب ڪيو ٿي اگر ڪنهن ٻي شخص انهن کي ڪو وائرس موڪليو ته پوء ؟؟؟ انهي ڪري انهن کي انتر نيٽ پرائين ڪمبيوٽرن تي نه هلائيڻ کپي اصل ۾ انترنيٽ جو ٻيو نالو وائرس آهي ڪيترو به چئي ته منهنجو ڪمبيوٽر وائرسن کان خالي آهي مان قسم ٿو کڻي ڳالهـ ڪيا ته اهو شخص ڪوڙو آهي اهڙو ڪو دنيا ۾ ڪمبيو ٽر ڪو نهي جو ان ۾ وائرس نه ايو هجي
جواب: اگر توهان سان توهان جو ڪمپيوٽرڳالهائي ته پوء ؟ ادا مگسي صاحب هن سافٽ ويئر ۾ واقعي ڪو وائرس آهي پر اوهان ناراض نه ٿيو ايئن ٿيندو رهندو آهي۔۔۔
جواب: اگر توهان سان توهان جو ڪمپيوٽرڳالهائي ته پوء ؟ ادا ارشد۔۔ ڀلي ڪري آيا سنڌ سلامت تي، اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔ مٺا اوهان جي تحريرن ۽ لکڻجي طريقي مان لڳي ٿو ته اوهان سنڌي ۽ ڪمپيوٽر جي باري ۾ سٺي ڄاڻرکو ٿا۔۔ اميد ته اوهان مان گهڻو ڪجهه سکڻلاءِ ملندو۔۔ توهان کي گذارش آهي ته هن لنڪ ۾ ڏنل سيڪشن "تعارف" جي اندر هڪ نئون موضوع شروع ڪري پنهنجو تعارف اسان جي دوستن کي ڪرائيندا ته وڏي مهرباني ٿيندي۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت