سائنس ۽ سنڌ منصور نثار سنڌ جيئن قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي تيئن ئي سنڌين جا ذهن به سوچ، سگهه، ڄاڻ، کوج، علم، سوالن، جوابن سان مالا مال آهن پر ان باوجود اسان انهي قابليت يا اهليت کي استعمال نه ٿا ڪريون يا وري انهي قابليت کي منظر عام تي آڻڻ لا ڪو خاص پليٽ فارم موجود ناهي تنهن ڪري سنڌ جا سنڌي سائنس ۾ ٿورو گهڻو ٻين جي ڀيٽ ۾ پوئتي پئجي ويا آهن، جنهن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اسان وٽ تعليمي ادارن ۽ معاشري ۾ سائنسي سرگرمين جي اڻاٺ به آهي انهي سان گڏ اسان پاڻ به سست ٿي ويا آهيون جنهن ڪري سائنس طرف ڌيان نٿا ڏيون. اسان جو نوجوان نسل فلمن، اداڪارن، ڪرڪيٽ، هاڪي، ريسلنگ، فٽ بال، وڊيو گيم ۽ ٻين معمولي شين جي ته وڏي ڄاڻ رکي ٿو ۽ انهي تي سوال به اٿاري ٿو پر سائنس جي حوالي سان ڪڏهن ڪو سوال نه ٿو اٿاري ڪڏهن ڪنهن اهو ناهي سوچيو ته هي جا گاڏي هلي پئي انهي جو ٽائر ڪئين پيو ڦري، بلب ڪئين ٿو ٻري، ڪمپيوٽر سهولت فراهم ڇو ٿو ڪري، اسان جو وجود ڪئين ٿيو آهي، اسان هتان کان هتي ڪيتري عرصي ۾ پهچي وينداسين ۽ پهچي وياسين ته اهو ڪئين سڀ ڪجهه ٿيو، پين لکي ڪئين ٿي، سي ڊي ۾ مواد ڪيئن اچي ٿو ۽ پو اهو ڏسجي ڪيئن ٿو، پاڻي جا ڪهڙا رنگ ٿيندا آهن، زمين، آسمان، چنڊ سج ۾ ڪيترو فاصلو آهي، موبائيل تي رابطو ڪئين پيو ٿئي، نه کائڻ پيئڻ سان ماڻهو مري ڇو ٿو وڃي، جانور ۽ انسانن ۾ ڪهڙو فرق آهي، ٻوٽن مان نڪرندڙ گئس اسان جو سهارو ڪئين ٿي سگهي ٿي اهڙا ڪيئي عام سوال آهن جيڪي روزانو جي بنياد تي اسان جي سامهون رهن ٿا پر اسان ڪڏهن انهن تي سوچڻ ۽ سمجهڻ کان سمجهائڻ وارو ڪم ناهيون ڪندا تنهن ڪري اسان سائنس ۾ ٻڙي برابر آهيون انهن سڀني سوالن جو سائنس پهريون نقطو آهي جنهن جو جواب ايجاد، دريافت جي صورت ۾ به ملندو آهي اسان ڳالهه ڪريون پيا سائنس ۽ سنڌ جي ته مون کي 100 سيڪڙو پڪ آهي ته اسان جي ڪيترن ئي نوجوانن کي جيڪي ڊگريون هولڊر به ڀلي ڇو نه هجن انهن کي سائنس جي ته پري پر انهي لفظ جي معنيٰ جي به خبر نه هوندي تنهن ڪري اسان سڀ کان پهريان سائنس کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته اها آهي ڪهڙي بلا، جو اسان جي توجهه انهي جي طرف نه پئي وڃي. سائنس: سائنس بنيادي طور هڪ منظم طريقيڪار تحت ڪنهن ڳالهه کي ڄاڻڻ يا ان جو علم حاصل ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. اهڙي طرح ان مطالعي جو طريقو ۽ ان جو نتيجو ٻئي بعد ۾ پيا ورجائي سگهندا هجن يا ان جي تصديق ڪري سگهندا هجن يا وري ائين کڻي چئجي ته اهو قابل تڪرار (Replicable) هجي ان کي علم ئي چئي سگهجي ٿو يا وري سولي سنڌي ۾ ڄاڻ چئبو آهي. وڪيپيڊيا موجب هن وقت تائين سائنس جو اهڙو ترجمو ڪرڻ (يا جيڪڏهن ڪو ڪيو ويو آهي ته ان کي عام ڪرڻ) جي باضابطا طور ڪوشش ناهي ڪئي وئي ته هن کي علم کان ڌار ڪري سگهجي ان لا مضمون ۾ علم ۽ سائنس متبادل طور استعمال ڪيو ويو آهي يا وري ائين چئجي ته مطالعو ڪري ڪنهن شي جي باري ۾ ڄاڻن (يا اهڙي ڪوشش ڪرڻ) علم ئي سائنس آهي. انگريزي ۾ سائنس جو لفظ لاطيني جي (Scientia) ۽ ان کان اڳ يوناني جي (Skhizein) کان آيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي الڳ ڪرڻ، چاڪ ڪرڻ، مخصوص غير فن علم جيڪو انسان سوچ ويچار، حساب ڪتاب ۽ مطالعي ذريعي حاصل ڪري ٿو ته ان لا سائنس جو لفظ جو جديد استعمال 17 هين صدي جي شروعات ۾ سامهون آيو. اڪثر ڪري هيٺين طرح حاصل ڪيل علم يا سائنس کي خالص علم يعني (Pure Science) چيو وڃي ٿو ته جيئن ان کي سائنسي اطلاقات جي علم يعني لاڳو ڪيل سائنس (Applied Science) کان ڌار سڃاڻپ ڪري سگهجي. انسان جو سائنسي مطالعي وارو سلسلو قديم زماني کان جاري آهي، جنهن جا تفصيل ڄاڻڻ لا سائنس جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ زماني سان گڏوگڏ ان ۾ اضافو ۽ بهتري ايندي آهي جنهن سائنس کي ان جي اڄ واري موجود شڪل عطا ڪئي آهي. هميشه هو نئين سائنسدان پراڻن سائنسدانن جي مشاهدن ۽ تجربن کي سامهون رکي هر نئين پيشنگوئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بحرحال سائنس قديم هجي يا جديد، بنيادي هجي يا اطلاقي هڪ اهم ترين عنصر جيڪو ان سائنس مطالعي ۾ شامل رهيو آهي. اهو اسلوب علم يا سائنسي طريقيڪار ئي آهي پر اها به غور ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ان سائنسي اسلوب ۾ به زماني سان گڏوگڏ ترقي ۽ ويجهڙائي پيدا ٿيندي رهي آهي ۽ اڄ ڪو به سائنسي مطالعو يا تجربو اسلوب سائنس تي پورو لهڻ بغير قابل توجهه ناهي سمجهيو ويندو. سائنس ۽ فن (Art) ۾ فرق ڪجهه هن طرح ڪري سگهجي ٿو فن ۾ اهي شعبا اچي وڃن ٿا جيڪي انسان پنهنجي قدرتي هنرمندي ۽ صلاحيت جي ذريعي ڪندو آهي ۽ سائنس ۾ اهي شعبا اچي وڃن ٿا جن ۾ سوچ ويچار تحقيق ۽ تجربا ڪري ڪنهن شي جي باري ۾ حقيقتون دريافت ڪيون وڃن، سائنس ۽ آرٽس وچ ۾ حد فاضل ناقابل عبور ناهي پر جڏهن آرٽ يا فن جو مطالعو منظم انداز ۾ هجي ته پو اها شروع ۾ تعريف مطابق آرٽ جي سائنس بڻجي وڃي ٿو. سائنس جا بنيادي حصا: سائنس جي ميدان کي عام طور ٻن بنيادي حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ اهو جنهن جو فطري مظاهرن جي باري ۾ هوندو آهي، جنهن کي فطري علم (Natural Science) چيو ويندو آهي ۽ ٻيو انساني سلوڪ (Human Behavior) جيڪو معاشري سان تعلق رکي ٿو ۽ معاشرتي علم (Social Science) چئبو آهي، سائنس جي ان ٻنهي شعبن کي (Empirical) تجربو چيو ويندو آهي ڇو ته ان ٻنهي ۾ جيڪا معلومات حاصل ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ انساني تجربا ۽ فطرت جي باري ۾ شاهدين جو هجڻ لازمي قرار ڏنو ويندو آهي. يعني ۾ اها معلومات اهڙي هجڻ گهرجي، جيڪا فوري نه هجي پر بعد ۾ ايندڙ سائنسدان يا عالم به ان جي تصديق ڪري سگهن ۽ ان کي پنهنجي مستقبل جي تجربن ۾ استعمال به ڪري سگهن جڏهن ته سائنس جي شاخن يا بنيادي حصن ۾ فطرت ۽ معاشري کان علاوه ٽيون گروهه به آهي جيڪو سائنس جي ان ٻنهي گروهن بابت اهميت ظاهر ڪري ٿو، جنهن کي فارمل سائنسي (Formal Science) قياسي علم چيو ويندو آهي، جنهن ۾ رياضي (Mathematics)، شمار ندي علم، نظريه اطلاعات ۽ (Statistics) جهڙا شعبا اچي وڃن ٿا. اسلوب سائنس: اسلوب علم (Scientific method) اصل سائنسي طريقيڪار کي ئي چيو ويندو آهي جنهن ۾ فطرت اسلوب علم جي اسرار ۽ رمز کي هڪ قابل تڪرار (Replicable) انداز ۾ سمجهيو ويندو آهي ۽ ان جو مطالعو ڪيو ويندو آهي پو ان مطالعي بعد حاصل ڪيل معلومات جي روشني ۾ پيشنگوئيون ڪيون وينديون آهن. جيڪي مستقبل جي راهه ۾ وڌيڪ تحقيق لا سهارو يا معاون ثابت ٿينديون آهن، اڪثر ڪري ڪنهن به هڪ سائنسي مطالعي دوران عقلي طور تي ڪو هڪ نتيجو اچڻ جو امڪان ٻئي جي نسبت وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو پر اهڙي موقعي تي اسلوب علم جي موجودگي جي باعث سائنسدان ان قدر باضمير ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿيندا آهن ته اهي ڪنهن به قسم جي ذهين لڳا يا جذبي کي نظرانداز ڪندي ان جي تجربي يا نتيجي کي متاثر ڪرڻ ناهن ڏيندا جيڪا اسلوب علم جي پيروي اهي ان جي ڪم کي قابل تڪرار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ذاتي لڳا ۽ ڪنهن به تعصب واري رجحان کي ختم ڪرڻ اسلوب علم جو هڪ پهلو آهي، گڏ اهو ته تجربي نمونا (Experimental Design) ۾ به رهنمائي فراهم ڪندو آهي ۽ هڪ آخري پيماني جي طور تي ان ۾ نظر همتا (Peer Review) جي موجودگي، تجربو، تجربي جي طريقيڪار، استعمال ڪيل اوزار ۽ ڪيميائي اثر يا شيون ۽ حاصل ڪيل نتيجن تائين هر پهلو کي قابل اعتبار ۽ تڪرار بڻائڻ ۾ نهايت اهم رکي ٿي. اسلوب سائنس ۾ هڪ اهم اوزار نمونا (Models) جي شڪل هوندي آهي جيڪا ڪنهن تصور يا منصوبي جي تصوير ڪشي يا وضاحت ڪندي آهي سائنسدان ان نموني جي تعمير، جاچ پڙتال ۽ صحت تي وڏي توجهه ڏيندا آهن، ڇو ته انهي جي مدد سان ئي اصل تجربو ممڪن هوندو آهي ۽ انهي جي مدد سان اهڙيون اڳڪٿيون ڪري سگهجن ٿيون جيڪي قابل تڪرار هجن جڏهن ته (Hypothesis) اسلوب سائنس ۾ هڪ اهڙي ڳالهه کي چيو ويندو آهي جنهن اڃا تائين تائيو جي ناقابل ترديد تجربي شاهديون به ميسر نه ٿيون هجن ۽ ٻي طرف ان جي غلط هجڻ جي باري ۾ به ڪا گذريل حتمي تحقيق نه موجود هجي اهڙي صورت ۾ مفروضا نموني جي تياري ۾ مدد ملندي آهي. نظريو(Theory) کي ائين بيان ڪري سگهون ٿا ته مفروضات ۽ بيانن (اڪثر عام طور تي مڃيل) جو اهڙو مجموعو هوندو آهي جن کي پاڻ ۾ منتقطقي انداز ۾ ڳنڍيو وڃي يا ڳنڍيو ويو هجي يا ڳنڍي سگهجي ان سان ٻيا مظاهرا فطرت جي وضاحت ۾ مدد ڏيندا آهن جيئن جوهري نظريو طبيعي قانون (Physical law) هڪ اهڙي اصول کي چيو ويندو آهي جيڪو گذريل مفروضات کانپو تجرباتي مرحيل مان گذريو هجي ۽ ان جي حق ۾ ناقابل ترديد تجربي، شاهد موجود هجڻ سان گڏ قابل تڪرار شاهد موجود هجن. جڏهن ته سائنسي اسلوب ۾ هڪ اهم پهلو تحريضي (Intuitive) ڪيفيت جو هجڻ آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته سائنس دنيا جي ڪنهن به مظهر جي باري ۾ ڪنهن ڳالهه طرف مائل ڪري ٿي ۽ ان کي تجربي سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر سائنس ڪڏهن به حتمي دعويٰ ناهي هوندي. ان ۾ (Falsification) تحريف جي گنجائش هوندي آهي جنهنڪري ڪو به تجربو ڪندڙ سائنسدان جي دريافت يا ڄاڻ کي ايندڙ سائنسدان وسيع ڪندو آهي يا ان تي وڌيڪ ڪم ڪري سگهندو آهي. رياضي ۽ سائنس: سائنس ۽ رياضي (Mathematics) پاڻ ۾ لازم و ملزوم آهن ۽ سائنس جو ڪو به اهڙو شعبو ناهي (جنهن جو تعلق طبعيات سان هجي يا علم ڪيميا، حياتيات يا وراثيات سان هجي) جيڪو رياضي جي مدد کان بغير هلي سگهندو هجي جنهن جو شروع ۾ ذڪر ڪيو آهي عام طور تي رياضي کي سائنس جي جنهن گروهه شامل ڪيو ويندو آهي. ان کي شڪيلي علم چيو ويندو آهي هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته ڪيترائي ذريعا رياضي کي بنيادي يا خالص سائنس ۾ به شمار ٿئي ٿو. رياضي جي هر شاخ تي سائنس جي ٻين شعبن ۾ ڪم ايندي آهي جن ۾ (Statistics)، (Callas us) سميت رياضي جون اهي شاخون به شامل آهن جن کي عام طور رياضي ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، مثال طور نظريه عدد (Numbers Theory) ۽ (Topology) وغيره، جنهن طرح هڪ طبيب هڪ سائنسدان به ٿي سگهي ٿو. بلڪل اهڙي طرح رياضي دان هوندو ئي هڪ سائنسدان آهي ڇو ته اهو ان سمورن اسلوب سائنس جي پيروي ڪندو آهي، جن جي مدد سان ئي سائنسي نمونا تجربن جا نمونا، سائنسي پيشنگوئيون ممڪن هونديون آهن. فلسفو ۽ سائنس: فلسفا سائنس اصل ۾ سائنس جي بنيادن، ان ۾ قئم مفروضات، ان جي تجربن جي حقيقت ۽ تجربن سان حاصل ڪيل نتيجن جي حقيقتن ۽ ان جي نتيجن يا سائنس جي اخلاقي ڪردار ۽ زندگي ۾ ان جي اطلاقات جهڙا موضوع بحث رکندا آهن، ان کي بنيادي طور تي 2 ذيلي شعبن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي. پهريون علميات يا معلومات شناسي جنهن کي انگريزي ۾ (Epistemology) چئبو آهي ۽ ٻيو مابعه الطبيعات جنهن کي انگريزي ۾ (Metaphysics) چيو ويندو آهي. ان ۾ علميات ته علم (سائنس) جي حقيقت جي ڳولا کي چيو ويندو آهي پر مابعه الطبيعات پو ان حقيقت جي فطرت جي تلاش ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. فلسفا سائنس اهو مقام آهي جتي سائنس ۽ ناسائنس وچ ۾ حدود مقرر ٿي وينديون آهن. فلسفا سائنس موجود سائنس هڪ اهڙي تجربي يا حقيقت جو نالو آهي جنهن شاهدن جي بنياد تي اسان جي حس کي تحرڪ ڏنو يعني ڪنهن به مظهر قدرت کي ان جي طبعي شاهد جي بنياد تي محسوس ڪيو. سنڌ ۾ سائنسي صورتحال: سنڌ ۾ سائنسي صورتحال ٻڙي نظر اچي رهي آهي، جنهن جو ڪارڻ مٿي ڄاڻايو آهي پر انهي حوالي سان اسان کي ڪو پليٽ فارم مهيا ٿيل آهي يا نه انهي تي ڪو به هڪ نظر وجهڻ لازمي آهي، جيئن ته اسان جون سائنسي سرگرميون اسڪول کان ئي شروع ٿينديون آهن. اسان اسڪول ۾ سائنس پڙهندا به آهيون ۽ تجربا به ڪندا آهيون پر انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ناهيون ڪندا يا وري انهي تي سوال اٿاري انهن تجربي تي ڪڏهن اڳتي ڪم ڪرڻ لا ڪنهن به قسم جي ڪوشش ناهيون ڪندا. سائنس سرگرمين جي لا پليٽ فارم لا اسان کي سنڌ ۾ اسڪولن شاگردن، استادن جو انگ ڄاڻڻ به لازمي آهي. تعليم کاتي جي ويب سائيٽ تي فراهم ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ سيڪنڊري مڊل اسڪولن جو انگ 4346 آهي، جن ۾ ڇوڪرن جا اسڪول 2069، ڇوڪرين جا اسڪول 1298 ۽ ڪو ايجوڪيشن 979 آهن جتي شاگرد 459415 ۽ شاگردياڻيون 317764 ٽوٽل 777179 پڙهن ٿا. استادن جو انگ 21586 ۽ استادياڻين جو انگ 15132 ٽوٽل انگ 367156 آهي، ڊگري ڪاليجون 117 ٽوٽل ڪاليجون 239، گرلز 96، بوائز 143 آهن ۽ اتي پڙهندڙ شاگردن جو انگ 164456 ۽ شاگردياڻيون 110729 آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ يونيورسٽين جو انگ 40 کان مٿي آهي، اهي انگ ڏسڻ کانپو خبر پوي ٿي ته هزارين اسڪول ۽ سوين ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون آهن جتي تقريبن سائنس ليب به هجن ٿيون. اها ڳالهه کڻي الڳ آهي ته سائنس وارا استاد اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. شايد تنهنڪري ئي هزارين لکين شاگردن مان به ڪو هڪ سائنسدان نٿو ٿي سگهي. ان کان علاوه اها ڳالهه به انتهائي فڪر جوڳي آهي ته اسان جي اسڪولن يا ڪاليجن ۾ جيڪي به سائنس ليب آهي اتي يا ته سامان ناهي هوندو يا وري سائنسي ليب ۾ رڳو ماسترن جون ڪچهريون ئي هلنديون رهنديون آهن. مطلب ته اهي سائنس ليب سائنسدان پيدا ڪرڻ لا ڪارائتيون ثابت ناهن ٿي سگهيون. ڇو ته انهن سائنس ليب ۾ جديد دور جي گهرجن مطابق نه ڪم ٿئي ٿو نه وري ڪنهن به قسم جو سامان موجود هجي ٿو ۽ شاگردن کي سائنسي وڌيڪ پڙهائي ويندي پر 25 مارڪن وارو پريڪٽيڪل هوندو آهي. اهو ته ڪڏهن ڪرايو ئي ناهي ويندو صرف هڪ اڌ تجربو شاگردن کي سال ۾ ڪرايو ويندو آهي، انهي مان پو ڪهڙو نتيجو ملندو؟ ۽ اڄ جڏهن اسان جا تعليمي ادارا سياست جي ور چڙهي چڪا آهن ته انهن سياسي پارٽين اندر به ٻيا گهڻا ليڪچر ۽ تربيتون ته ڪرايون وينديون آهن پر سائنس جي حوالي سان ليڊر ئي اڻ واقف هجڻ ڪري ڪارڪنن جو ڌيان به ان طرف ناهي ڪرايو ويندو. سياسي پارٽين کي گهرجي ته هڪ سائنسي ذيلي تنظيم به قائم ڪن، جنهن سان سنڌي سائنسدان پيدا ٿيندا ۽ انهي سان گڏوگڏ حڪومت کي تعليمي ادارن ۾ سائنسي نظام بهتر بڻائڻو پوندو ٻي صورت ۾ ڪو به سنڌي سائنسدان نه ٿي سگهندو اها ذميواري اسان جي والدين توڙي شاگردن تي به اچي ٿي ته اهي به سائنس جي حوالي سان سرگرم رهن ڇو ته سائنس سان ئي سنڌ وڌيڪ ترقي ڪري سگهي ٿي، ٻي صورت ۾ هميشه جيان قدرتي وسيلا دريافت ڪرڻ کان ويندي اهڙن روزگارن وارن ذريعن يعني تيل، گئس، ڪوئلي تي ڌاريا ئي ڪم ڪندا رهندا. سنڌ جي نوجوانن کي سائنسدان ٿيڻو پوندو ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي به انهي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سوشل ميڊيا تي سرگرم رهندڙ دوستن کي به سنڌ ۾ سائنسي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ هٿ ونڊرائڻو پوندو ٻي صورت ۾ سنڌي نوجوانن جو سائنسدان ٿيڻ ممڪن ناهي. Mansoornisar786@gmail.com روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ سائنس پيج تي ڇپيل...تاريخ جمع 21 جون 2013 اهو پيج ڏسڻ لا هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو http://sindhexpress.com.pk/epaper/i...wBiz_Culture009&Date=20130621&Pageno=9&View=1 or http://sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130045699&Issue=NP_HYD&Date=20130621