رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڪي کلندي کلندي ٿڪجي پيا،
ڪي روئندي روئندي ٿڪجي پيا۔
ڪن وڃي لڌو ماڳ پرينءَ جو،
ڪي لَهندي لهَندي ٿڪجي پيا۔
ڪن جاڳي ڪيو رحمٰن کي راضي،
ڪي سُمهندي سُمهندي ٿڪجي پيا۔
ڪن جي گذري ساڙ حسد ۾ ،
ڪي ملندي ملندي ٿڪجي پيا۔
ڪي سڪن ٿا پاڻيءَ ڍڪ لاءِ،
ڪي پيئندي پيئندي ٿڪجي پيا۔
ڪن کي نه مليو مانيءَ ڳڀو ڪو،
ڪي کائيندي کائيندي ٿڪجي پيا۔
ڪن کي مليو دان درشن جو،
ڪي پنندي پنندي ٿڪجي پيا،
ڪن ڇڏيا ويڇا وساري،
ڪي وڙهندي وڙهندي ٿڪجي آيا،
ڪن کي اجائي سِيٽ آ ”صالح“ ،
ڪي جهڪندي جهڪندي ٿڪجي پيا،
استاد محمد صالح سومرو ”صالح“
نصيرآبادي