دنيا توهان لاءِ جنت ۔۔۔۔۔ دنيا توهان لاءِ دوزخ۔۔۔۔

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    دنيا توهان لاءِ جنت هوندي جيڪر توهان وٽ ۔۔۔۔۔۔۔
    آمريڪين جهڙي پگهار هجي۔۔۔
    اٽلي وارن جهڙي جسامت هجي۔۔۔
    برطانيه وارن جهڙو گهر هجي۔۔۔
    جاپاني ٽيڪنالاجي هجي۔۔۔۔
    چائنيز کاڌو هجي۔۔۔۔
    آفريڪن اوزار هجن۔۔۔۔
    سئيزرلينڊ وارن جهڙو سڪو هجي۔۔۔
    ۽ سنڌياڻي توهان جي زال هجي۔۔۔


    دنيا توهان لاءِ دوزخ هوندي جيڪر توهان وٽ ۔۔۔۔۔۔۔
    آمريڪن زال هجي۔۔۔
    اٽلي وارن جهڙي ٽيڪنالاجي هجي۔۔۔
    برطانيه وارن جهڙو جسامت هجي۔۔۔
    جاپاني گهر هجي۔۔۔۔
    چائنيز اوزار هجن۔۔۔۔
    آفريڪي سڪو هجي۔۔۔۔
    سئيزرلينڊ جو کاڌو هجي۔۔۔
    ۽ سنڌ جي پگهارهجي۔۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا توهان لاءِ جنت ۔۔۔۔۔ دنيا توهان لاءِ دوزخ۔۔۔۔

    دنيا ۾ جنت وارن ماڻهن مان سڀني ڳالهين تي سنڌ ۾ هڪ ئي ماڻهون پورو لهي ٿو، اهو آهي سائين محترم زرداري صاحب ۔۔۔باقي اسان ته جهڙا آهيون تهڙا ناهيون ۔۔۔ فقيري لڏو آهي ۔۔۔ سائين علي علي اسانجو گرو آهي ۽ ساٿي پنهنجو آهي ڦلپوٽو فقير ۔۔۔ مستن واري جسامت آهي ۔۔۔ ٽيڪنالاجي ڪا به ناهي ۔۔۔ هٿ جي پورهئي تي گذارو آهي ۔۔۔ نوڪري هجي ته پگهار جو سوچبو۔۔۔آفريڪا وارا به اڄڪلهه ڊالرن ۾ ٿا کيڏن ۔۔۔ باقي بحري جهاز اغوا ڪري گهڻو ڪجهه حاصل ڪنٿا ۔۔۔

    ٿلهي ليکي اسان لئه نه جنت آهي نه دوزخ بس وچ ۾ ڪٿي خلا ۾ ئي اٽڪيل آهيون ۔۔ دعا ڪجو ته جان ڇٽي ۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: دنيا توهان لاءِ جنت ۔۔۔۔۔ دنيا توهان لاءِ دوزخ۔۔۔۔

    سائين منهنجا اسان پاڪستاني بس ويچارا مهنگائيءَ ۾ پيٽ پالڻ ۾ پورا آهيون اوهين وري ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪريو۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: دنيا توهان لاءِ جنت ۔۔۔۔۔ دنيا توهان لاءِ دوزخ۔۔۔۔

    :D:D:D

    سائين توهان جي ڳالهين ۾ وزن آهي

    sadayeen gud
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو