اڄوڪي ڏينهن 22 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 22 جون 1860ع شاعر سوامي گنگارام ڀاونداس (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1906ع شاعر، تاريخدان، سياستدان ۽ اڳوڻي ميئر ڪراچي جي الانا جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1924ع صحافي قائم الدين منگي (پنجو ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1925ع تعليمي ميدان ۾ ڪاوشون ڪندڙ نظام الدين ميمڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1926ع ليکڪ قلب علي ٽڪلو جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1932ع باليووڊ جي مشهور اداڪار امريش پوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1956ع سياستدان شاهه محمود قريشي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1957ع ليکڪ سڪندر سرواڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1964ع ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ رئوف پارس دايو (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1978ع ليکڪ ارباب پلهه جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1983ع شاعر ساحل سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 جون 1947ع هاري تحريڪ جي شهيد بختاور لاشاري جي شهادت جو ڏهاڙو آهي. 22 جون 1969ع شاعر، سماجي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر سيد علي اڪبر شاهه (ميهڙ) جو لاڏاڻو ٿيو. 22 جون 1982ع مذهبي اسڪالر مولوي الله بخش تنيو انتقال ڪري ويو. 22 جون 1992ع مشهور لوڪ فنڪار ڍول فقير جو انتقال ٿيو. 22 جون 2012ع اردو جي مشهور ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪالم نويس عبيد الله بيگ جو انتقال ٿيو. 22 جون 2020ع ناميارو تعليمدان IBA يونيورسٽي سکر جو وائيس چانسلر، اڳوڻو ڪمشنر ۽ سنڌ پرست ڪامرور نثار احمد صديقي لاڏاڻو ڪري ويو. 22 جون 2020ع نامياروعالمِ دين، مفڪر ۽ فلاسافر علامہ طالب جوھري ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. حواله: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ روزانه ڪاوش انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وڪيپيڊيا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ - ﻧﺎﺻﺮ ﻗﺎﺿﻲ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺳﺮﻳﻠﻮ ۽ ﻧﻤﺎﮢﻮ ڪﻼڪﺎﺭ ﻧﺎﺻﺮ ﻗﺎﺿﻲ ﺻﻮﻓﻴﺎﮢﻲ ﮔﺎﺋﻴڪﻲﺀَ ۾ ﻻڙ ﭘٽ ﺟﻮ ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﺑﻪ ﺁﻭﺍﺯ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﺎﺭﻳﺨﻮﻥ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﻣﻴﺴﺎﺭﻱ ﻧﻪ ﭤﻴﻮﻥ ﺳﮕﻬﻦ. ﺍﻧﺒﻦ ﺟﻲ ﺭﺱ ۽ ﭼڪﻦ ﺟﻲ ﻣﻴﭡﺎﺝ ﺟﻬڙﻭ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻮ ﺁﻭﺍﺯ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻳﺖ ۾ ﺍﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﻧﺮﺍﻟﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻲ ﺗﺮ. ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺍﻟﺴﺘﻲ ﺻﻮﻓﻲ ﺭﺍﮘﻲ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ۱۹۱۷ﻉ ﮄﺍﺭﻱ ٽﻨڊﻱ ﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ﺟﻲ ﻫڪ ﻭﺳﻨﺪﻱ ’ ﭘﺎٽﻮﻳﻦ ‘ ۾ ﻓﻘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺻﺨﻴﻠﻲﺀَ ﺟﻲ ﮔﮭﺮ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﺭﺗﻮ . (ڪﺠﮭﻪ ﻟﮑﺘﻦ ۾ﺳﻨﺪﺱ ﮘﻮﭞ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ’ ﻣﺎٽﻮﺋﻲ‘ ﭴﺎﮢﺎﻳﻞ ﺁﻫﻲ .) ﻣﭥﺲ ﮀﭡﻲﺀَ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ’ ﮂﻭﻟﮡ ‘ ﺭﮐﻴﻮ ﻭﻳﻮ. ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺍﻫڙﻱ ﻣﺎﺣﻮﻝ ۾ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﮐﻮﻟﻴﻮﻥ،ﺟﺘﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺍﻭﺍﺋﻠﻲ ﺻﻨﻒ ﻧڙ ﺑﻴﺖ ﺟﺎ ﺁﻻﭖ ﺍﮘﻮﺍٽ ﺋﻲ ﮔﻮﻧﺠﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺍﻟﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﭜﺎﺀُ ﺻﺎﻟﺢ ﻣﺤﻤﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﺅﺭ ۾ ﻧڙ ﺗﻲ ﺑﻴﺖ ﺁﻻﭘﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺳﻨﺪﺱ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻧﺼﺎﺑﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪﻱﺀَ ﮐﺎﻥ ﺑﻲ ﻧﻴﺎﺯ ﮔﺬﺭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﻫﻮ ﺍﺳڪﻮﻟﻦ ﺟﻲ ﺍﺳﻴﺮﻱﺀَ ﮐﺎﻥ ﺁﺟﻮ، ﺻﻮﻓﻲ ﺩﺭﮔﺎﻫﻦ ۽ ﺍﻭﺗﺎﺭﻥ ﺗﻲ ﺁﺯﺍﺩﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ، ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﺎڪﺎﺭﻱ ﺻﻮﻓﻲ ﺩﺭﻭﻳﺶ ﻣﻨﭡﺎﺭ ﻓﻘﻴﺮ ﺭﺍﭴڙ ﺳﺎﻥ ﭤﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺒﺐ ﭔﺎﻟڪﭙﮡ ۾ ﺋﻲ ﻣﭥﺲ ﻓﻘﻴﺮﻱ ﺭﻧﮓ ﭼڙﻫﮡ ﻟﮙﻮ . ﺻﻮﻓﻲ ﻣﻨﭡﺎﺭ ﻓﻘﻴﺮ ﺭﺍﭴڙ ﺟﻲ ﺁﺳﺘﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﺍﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻓﻘﻴﺮ ﺑﺨﺶ ﻋﻠﻲ ﺭﺍﮖ ﻭﻳﺮﺍﮖ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ۽ ﭔﮅﻱ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺭﺍﮖ ﮘﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺷﻮﻕ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻮ . ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺟڏﻫﻦ ﭔﺎﺭﺍﮢﻲ ﻭﻫﻲﺀَ ﮐﺎﻥ ﺟﻮﺍﻧﻲﺀَ ﻃﺮﻑ ﻭﮐﻮﻥ ﻭﮄﺍﻳﻮﻥ ۽ ﮐﻴﺲ ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺳﻮﭺ، ﺳﻤﺠﮭﻪ ۽ ﺳﺮﺕ ﺍﭼﮡ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻩ ﺳﮑﻴﺎ ﻭﭠﮡ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﻋﻤﻞ ﺳﻤﺠﮭﻴﻮ. ﺍﻧڪﺮﻱ ﻫﻦ ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﺳﮑﻴﺎ ﻻﺀِ ﺿﻠﻌﻲ ﺳﺎﻧﮕﮭڙ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ﻣﺮﻱ ﮐﺎﻫﻲﺀَ ۾ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺣﺎﺟﻲ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﮐﺎﻥ ﻳڪﺘﺎﺭﻱ ﻭﭴﺎﺋﮡ ﺟﻲ ﺳﮑﻴﺎ ﻭﺭﺗﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻩ ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺳﮑﻴﺎ ﻣﻨﭡﺎﺭ ﻓﻘﻴﺮ ﺭﺍﭴڙ ﺟﻲ ﻓﺮﺯﻧﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﻭﻟﻲ ﺑﺨﺶ ﮐﺎﻥ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ. ﻭﺍﺿﻊ ﺭﻫﻲ ﺗﻪ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ۽ ﻓﻘﻴﺮ ﻭﻟﻲ ﺑﺨﺶ ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﻫﺠﮡ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﺑﻪ ﻫﻢ ﻋﻤﺮ ۽ ﻫڪ ﭔﺌﻲ ﺟﺎ ﺳﺎﭤﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ. ﺍﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﮘﻮﭞ ﮀڏﻱ ﻣﺴﺘﻘﻞ ﻃﻮﺭ ٽﻨڊﻱ ﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ۾ ﺍﭼﻲ ﺳڪﻮﻧﺖ ﭘﺬﻳﺮ ﭤﻴﻮ، ﺟﺘﻲ ﻣﻌﺎﺷﻲ ﮔﺬﺭ ﺳﻔﺮ ﻻﺀِ ﻫڪ ﻫﻮٽﻞ ﭘﮡ ﮐﻮﻟﻴﺎﺋﻴﻦ. ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﻭﺭﻫﺎﮜﻲ ﮐﺎﻥ ﺳﺘﺖ ﭘﻮﺀِ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﺷﺪ ﻣﺨﺪﻭﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺯﻣﺎﻥ ﻃﺎﻟﺐ ﺍﻟﻤﻮﻟﻰ ﺟﻲ ﻣﻌﺮﻓﺖ ﺳﺎﻥ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺗﻲ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ﭤﻴﻮ، ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ڪﻼﻡ ’ ﺍﻫڙﻳﻮﻥ ﺣﺴﻦ ﻭﺍﺭﻳﻮﻥ ﺗﮑڙﻳﻮﻥ ﺗﺮﺍﺭﻳﻮﻥ‘ ﺭﻳڪﺎﺭڊ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺨﺶ ﺍﻧﺼﺎﺭﻱﺀَ ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ﮐﻲ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺗﻲ ﺭﻳڪﺎﺭڊ ڪﻴﻮ ۽ ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ﺭﻳڊﻳﺎﺋﻲ ﻟﻬﺮﻥ ﻭﺳﻴﻠﻲ، ﻫﻮﺍﺋﻦ ﺟﻲ ﺩﻭﺵ ﺗﻲ، ﭘﻮﺭﻱ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺍﺳٽﻴﺸﻨﺰ ﺳﻤﻴﺖ ﺁﻝ ﺍﻧڊﻳﺎ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺳﺮﻭﺱ ﺗﺎﻥ ﺑﻪ ﭘﻮﺭﻱ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﮔﻮﻧﺠﮡ ﻟﮙﻮ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ٽﻴﻠﻴﻮﻳﺰﻥ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺳﻴﻨٽﺮ ﺗﻲ ﮐﻴﺲ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﭜﻴﺮﻭ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﻋﺒﺪﺍﻟڪﺮﻳﻢ ﺑﻠﻮﭺ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ڪﺮﺍﻳﻮ . ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﺳﺮﻳﻠﻮ، ﺳﭕﺎﺟﮭﻮ، ﻣﭡڙﻭ ۽ ﻣﺤﺒﻮﺏ ﺻﻮﻓﻲ ﺭﺍﮘﻲ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲﺀَ ۾ ڪﺎﻓﻲﺀَ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴڪﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﮔﻮﺋﻲﺀَ ﺟﻲ ﻓﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺟﻼ ﺑﺨﺸﻲ . ﭘﺎﮠ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻔﺮﺩ ۽ ﺳﺮﻳﻠﻲ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﺳﺎﻥ ﻭﭺ ڪﺎﻓﻲﺀَ ۾ ﮐﻦ ﭘﻞ ﻻﺀِ ﺭﮄﻡ ﺑﻨﺪ ڪﺮﻱ، ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﺑﻴﺎﻥ ڪﺮﮠ ۾ ﻣﻬﺎﺭﺕ ﺭﮐﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻫڙﻱ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﮐﻲ ’ﺳﺪﺍ ﺭﻧﮕﻲ ‘ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﭘﮡ ﺳڏﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ. ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎﺋﻴﻦ، ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ، ﻣﺼﺮﻱ ﺷﺎﻫﻪ، ﻣﺤﻤﻮﺩ ﻓﻘﻴﺮ ﮐٽﻴﺎﻥ، ﻧﻮﺍﺏ ﻭﻟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۽ ﭔﻴﻦ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﺟﻮ ڪﻼﻡ ﮘﺎﻳﻮ، ﻫﻮ ﻣﺨﺪﻭﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺯﻣﺎﻥ ﻃﺎﻟﺐ ﺍﻟﻤﻮﻟﻰ ۽ ﻣﻨﭡﺎﺭ ﻓﻘﻴﺮ ﺭﺍﭴڙ ﺟﻮ ﻋﻘﻴﺪﺗﻤﻨﺪ ﻫﺠﮡ ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﻥ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺩﻝ ﻭ ﺟﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﮘﺎﻳﻞ ﻣﺸﻬﻮﺭ ڪﻼﻣﻦ ۾؛ .1 ’ ﻻﺋﻲ ﺗﻪ ﻧﻤﺎﮢﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﻧﻴﻨﻬﻦ‘ ، .2 ’ ﺳﻮﺭ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﺎڙﻱ، ﻫﻮ ﺟﻲ ﻫﻠﻴﺎ ﻭﻳﺎ ‘ ، .3 ’ﻋﻤﺮ ﻣﻮﻥ ﻧﻪ ﭤﺎ ﻭﺳﺮﻥ ﻭﻳڙﻫﻴﭽﻦ ﺟﺎ ﻭﺍڙﺍ ‘ ، .4 ’ ﻫڪڙﻱ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭼﻮﺍﻥ ﻣﻦ ڪﺎ ﻣﺤﺐ ﻣﭹﻲ‘ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﭤﻴﺎ . ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﮐﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﻓﻦ ﺟﻲ ﻋﻴﻮﺽ ۲۳ ﻣﺎﺭﭺ ۱۹۸۹ﻉ ﺗﻲ ﺣڪﻮﻣﺖ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺻﺪﺍﺭﺗﻲ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﺑﺮﺍﺋﻲ ﺣﺴﻦ ڪﺎﺭڪﺮﺩﮔﻲ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺍﮘﻮﮢﻲ ﺻﺪﺭ ﻏﻼﻡ ﺍﺳﺤﺎﻕ ﺧﺎﻥ ﺟﻲ ﻫﭥﺎﺭﺍﺋﻮﻥ ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ، ﺍﻥ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﮐﻴﺲ ﻟﻄﻴﻒ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ۽ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﮐﻮڙ ﺳﺎﺭﺍ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﭘﮡ ڏﻧﺎ ﻭﻳﺎ . ﮂﻭﻝ ۲۲ ﺟﻮﻥ ۱۹۹۲ﻉ ﻭﻓﺎﺕ ڪﺌﻲ. ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺰﺍﺭ ٽﻨڊﻱ ﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ۾ ﺁﻫﻲ. ﺳﻨﺪﺱ ﻓﺮﺯﻧﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ’ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﻓﺎﺋﻮﻧڊﻳﺸﻦ ‘ ﻧﺎﻟﻲ ﺍﺩﺍﺭﻭ ﻗﺎﺋﻢ ڪﺮﻱ ﺍﺷﺎﻋﺖ ﺟﻮ ڪﻢ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ ۽ ﻫﻮ ﭘﺎﮠ ﺑﻪ ﻭﺍﻟﺪ ﺟﺎ ڪﻴﺘﺮﺍ ڪﻼﻡ ﺳُﺮﻳﻠﻲ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ