سحر گل مونکي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪالم لکڻ ۾ ايتري ڏکيائي، جذباتيت ۽ داخلي ڪمزوري محسوس ٿي رهي آهي، مونکي خبر نه آهي ته جنهن ماڻهوءَ جي وڪالت ۾ ۽ ان جي زندگيءَ بچائڻ لاءِ هي ڪالم لکان پئي، ان سان هن مهل ڇا وهي واپري رهيو هوندو (يا ٿي چڪو هوندو؟)، ڪير ڄاڻي ته جنهن دل جي اٿاهه جذبي ۽ نيڪ خواهش تحت هي لفظ لکجن پيا، اهي پنهنجو ماڳُ ماڻيندا به يا نه، پر شاهه لطيف جي عام چوڻي بڻيل بيت جي سٽ آهي ته،”واڪا ڪرڻ مون وس، .....“، اهي هڙئي ڌرتي واسي، وَسَ وارا جيڪي ان ڏِس ۾ ڪجهه ڪري سگهڻ جي سگهه رکن ٿا، انهن کي هيءُ ڪالم هٿ-ٻڌي وينتي آهي ته هيٺ بيان ڪيل ڪيس چڱيءَ ريت سمجهي گُهربل واهر لاءِ ڪي جوڳا اُپاءَ وٺن ۽ هيءَ حياتي بچائين، ڇو ته صرف واڪا حياتيون بچائين ها ته انساني حقن جا علمبردار ۽ نمائندا دنيا کي امُن ۽ آشتيءَ جي ڌرتي بڻائي چڪا هجن ها. اڄ جي ڪالمَ پٺيان خاص محرڪَ جو مختصر تفصيل هيءُ آهي: هڪ نِجي قومي اداري جي تحقيقَ جي سلسلي ۾ اسين سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف ڏوهن، انهن جي قسمن جا انگ اکر گڏ ڪري رهيا آهيون، ان عمل سان واڳيل اسان جا کوڙ سارا مقصد آهن، انهن منجهان اهم ترين مقصد هي ٻه آهن: هڪ اهو ته هن تحقيقَ جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ ڏوهن تي هڪ ثبوتن سان سلهاڙيل تجزياتي رپورٽ تيار ڪجي، ٻيو اهو ته ڏوهن جي قِسمن، لاڙن ۽ سببن جي نوعيت جو تجزيو ڪري ڇيدُ ڪڍجي ته انهن ڏوهن ۾ هر سال ڪهڙي تبديلي اچي پئي، انهن پٺيان محرڪ ڪهڙا آهن، رپورٽ ٿيل سببن ۽ اصل سببن ۾ ڪهڙو فرق آهي، اهي ڏوهه هر سال گهٽجن پيا، يا وڌن پيا، يا لڳ ڀڳ ساڳئي انگ جو جٽاءُ آهي... ان وسيع تحقيق جي مختلف پاسن ۾ ڪراچيءَ جا سياسي قتل، ڦُرون، ڌاڙا ۽ اغوا وغيره شامل آهن. ان وسيع رپورٽ جو هڪ باب ڪارِنهن جي الزام هيٺ ٿيندڙ ڪيسن تي به آهي. اسان ڪارو ڪاريءَ جي حوالي کان ڏوهن جي سببن ۽ قسمن تي سنڌ جي سمورن ضلعن جي پوليس آفيسرن جا انٽرويو پئي ورتا، تڏهن ئي هن ڏک ڀري ڪهاڻيءَ جو پتو پيو. شهيد بينظير آباد جي پوليس جي سينئر آفيسر ڪارِنهن تحت مارجندڙ نينگرين بابت انٽرويو ڏيندي هڪ ڪيس بابت تفصيل ٻڌائي ڌيان ڇڪايو، ۽ چيو ته جي ممڪن هجي ته هن نياڻيءَ لاءِ ڪجهه ڪجي. هن ٻُڌايو ته: ”هڪ جمالي ڪُٽنب جي پڙهيل لکيل نياڻي، جنهن کي پيءُ زوريءَ ان مڙس وٽ واپس موڪلڻ چاهي ٿو، جنهن کيس طلاقَ ڏئي ڇڏي آهي، نياڻي انڪار ڪيو، ته کيس ڪاري ڪري مارڻ جي ڌمڪي ڏني ٿي وڃي، ڪنهن وسيلي سان ضلعي پوليس آفيسر کي خبر پوي ٿي، هو پنهنجي اٽالي سان سلهاڙجي اُتي پهچي ٿو، نينگري هٿ ٿئي ٿي، پس و پيش کيس دارالامان حوالي ڪيو وڃي ٿو. مائٽَ ڇوڪري هٿ ڪرڻ پٺيان آهن، نينگري بينظير آباد جي هڪ ڪاليج جي شاگردياڻي به آهي، پيءُ سندس امتحانن جي بهاني کيس ڪورٽ جي مدد سان دارالامان مان ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پوليس آفيسر کي ان جي ڄاڻ پوي ٿي، هو جج کي باخبر ڪري ٿو ته جيئن ته موڪلن جي ڪري ڪاليج بند آهي، ۽ امتحانن جو سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي، ان ڪري اهو نينگريءَ کي ٻاهر ڪڍرائي مارڻ جو هڪ بهانو به ٿي سگهي ٿو. جج به ان امڪان کي سوچي نينگريءَ کي پيءُ حوالي نٿو ڪري، پوءِ اچانڪ نينگريءَ کي شهيد بينظير آباد دارالامان مان حيدرآباد دارالامان منتقل ڪيو وڃي ٿو. ٻُڌي خبر موجب، ويهين جون 2013ع تي، حيدرآباد دارالامان مان پيءُ ڇوڪريءَ کي ڪورٽ جي مدد سان ڪڍرائي وڃي ٿو. ان دوران حيدرآباد وومين ائڪشن فورم جي ٽيم ۽ شهيد بينظير آباد پوليس ڊپارٽمينٽ سان رابطو رهي ٿو. دارالامان سان رابطو ڪري نينگريءَ سان ملڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي، ته جيئن کيس حفاظت جو يقين ڏيارجي، پر ان کان اڳ جو پنهنجو اثر ۽ واسطا هلائي دارالامان ۾ نينگريءَ سان ملاقات ممڪن ڪري سگهجي ها، پيءُ نينگريءَ کي ڪورٽ جي مدد سان ڪڍرائي وڃي ٿو. هاڻي ان ڏس ۾ ان واقعي سان سڌي ۽ اڻ سڌي طور واڳيل اسين سڀ ماڻهو انومان پيا ڪڍون، جي پيءُ نينگريءَ تي قياس کائي کيس سندس مرضيءَ مڃڻ لاءِ وٺي ويو آهي ته خير ٿيو، ۽ جي سندس مرضي نه مڃيندي کيس اڳوڻي مڙس حوالي ڪري ٿو، ته اهو به انڌير آهي، پر ڀئو اهو آهي، جيئن سدائين ٿيندو به آهي، ۽ جيئن تازو اخبار ۾ به هڪ خبر آهي ته اُٻاوڙي ڀرسان رانوتي شهر ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيندڙ ڇوڪريءَ کي پوليس وقتائتو پهچي بچائي ته ٿي، پر پوليس نينگريءَ کي حفاظت ۾ وٺڻ بدران وري انهن ئي مائٽن حوالي ڪري ٿي ڇڏي، ۽ حوالي ڪرڻ جي ٻن ڪلاڪن اندر هوءَ مارجي وڃي ٿي. هاڻي گهوٽڪي پوليس ٻڌائي ته وٽن ان سفاڪ غير ذميواريءَ جو ڪهڙو جواب آهي؟ ائين ئي هيءَ نينگري به ڪورٽ ”پنهنجن“ حوالي ڪئي آهي. شهيد بينظير آباد پوليس جي ضرور ان معاملي تي هاڻي ڳُوڙهي نظر هوندي، پر ڇوڪريءَ جي حياتي بچائڻ لاءِ کين ان گهر تي جاچ رکڻي پوندي. عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ اسين تحقيق سان واڳيل فرد ان ڏس ۾ لکڻ ۽ رابطي ڪاريءَ ۾ رُڌل آهيون، ڏسجي ته اسان جا اهي مخلص ارادا، دُعاگو هٿ ۽ جوڳا قدم سڪرنڊ جي هڪ ڳوٺ جي ان نياڻيءَ جي کُٽندي نظر ايندڙ زندگيءَ کي وڌائي سگهن ٿا يا نه؟ ٽن راتين کان اڌ سمهندي اڌ جاڳندي، انيڪ انومانن سان، ڪنهن مهل پراميد ته ڪنهن مهل نراشا ۾ ٻڏل، خاص طور تي نينگريءَ جي پيءُ حوالي ٿيڻ کان پوءِ... ڪنهن مهل خيال اچي ٿو ته ڪٿي وڃڻ شرط سِگهو ئي پيءَ نينگريءَ کي ماري نه ڇڏيو هجي... اهو سوچيندي ئي دل کي جُهٻو ٿو اچي، پر وري ڪنهن مهل اها اُميد به تري ٿي اچي ته متان پيءُ کي پنهنجي ڌيءَ راڻيءَ تي ڪَهَلَ آئي هجي، ۽ هن کيس ڳِراٽڙي پائي ساڻس سچو واعدو ڪيو هجي ته هاڻي هو کيس ان طلاق ڏيندڙ وٽ واپس نه موڪليندو، ۽ نه رڳو سندس حفاظت جو وچن ڪندو پر سندس لاءِ اڳتي پڙهڻ جا گس به کوليندو! اهو ئي ته هجڻ گُهرجي دنيا جي هر پيءُ جو پنهنجي ڌيءَ سان وچن! منهنجي هن وقت تائين جي تعليمي ۽ عملي تحقيق دوران، مون کي جنهن ڪم ۾ شدت سان الميو محسوس ٿيو آهي، اهو نارين جو غيرت جي نالي تي مارجڻ آهي، پوءِ ڀلي اها مِنگَورا (سوات) جي ”گرين چوڪ“ تي طالبان هٿان فن جي شعبي سان واڳيل هجڻ جي ڏوهه ۾ مارجندڙ شبانه هجي يا سنڌ جي ڪنهن ڏُوراهين ڳوٺ جي خاموش تماشبين گهر يا گهٽيءَ ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ مارجندڙ ناري هجي، ڪهاڻي ساڳي آهي، ۽ درد جي ڪهاڻي آهي. مٿان وري پنهنجو پيءُ، پنهنجو ڀاءُ اهڙا ساهه ڪڍڻ وارا وَيرِي ٿين، ان سان ته هنيانءُ ئي ڏنگجي ٿو. هڪ تهذيب يافته معاشري ۾ ته اسان کي اها ئي خبر آهي ته قدرتَ کان پوءِ ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ڪنهن کي سزا جو اختيار آهي ته اهو قانون جي عدالت جو آهي، جيڪا شاهدين ۽ ثبوتن جي بنياد تي انسان کي سزا ڏئي سگهي ٿي، پر ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ کي سزا ڏيڻ، يا ان جي نصيب ۾ ڀيانڪ موت لکڻ جو احساس ئي وحشت ڏئي ٿو. ان وحشي رسم تي گهڻ – رُخي غور جي گهرجَ آهي. ڪارنهن جي الزام هيٺ مارجندڙ ڪيسن ۾ ڪيتري حد تائين پسند جي شاديءَ جا ڪيس آهن؟ ان سوال جو جواب حيرت انگيز طور تي پوليس آفيسرن ۽ انساني حقن جي نمائندن جو ساڳيو آهي. هڪ آفيسر چيو ته اصلي ڪارنهن جا ڪيس مشڪل سان پنجويهن کان ٽيهه سيڪڙو هجن ٿا. سندس چوڻ هو ته ستر کان پنجهتر سيڪڙو ڪيسن جا سبب زميني ڦڏا، ٻين معاملن تي ويرَ ۽ مردن جون پاڻ ۾ ذاتي انائون آهن. هڪ آفيسر ته اهو به ٻڌايو ته نوشهري جي هڪ ڪيس ۾ مخالف ذات/قبيلي جي نوجوان جو قتل ڪري ان جي الزام کان بچڻ لاءِ گهر ڌڻين پنهنجي 65 سالن جي گهر ڌياڻي گوليون هڻي ماري، قتل جو الزام مخالفن تي هنيو ته جيئن پاڻ نوجوان جي قتل جي ڪيس ۾ جهلجڻ کان به بچن ته مخالفن کي پنهنجي مائيءَ مارڻ جي الزام ۾ به ٻڌرائين. ان سڄي رت-هاڻي ڪهاڻيءَ جو هڪ ٻيو پاسو به آهي، ته قبائلي سردارن ۽ جاگيردارن جا پنهنجين نينگرين کي ڪارنهن ۾ مارڻ جا ڪيس بنهه نه هجن يا نه هئڻ برابر هجن، پر هو ڪارنهن جي نالي ۾ ٿيندڙ قتُلن جا حمايتي ۽ قاتلن جا واهرُو ضرور هجن ٿا، ۽ ڪارنهن جي الزام هيٺ آيل ناريءَ کي مارڻ تي سندن خاص زور هجي ٿو. وڏيرو جيئن ته فيصلي ۾ پڳدار هجي ٿو ۽ کيس پڳداريءَ جا پئسا ملن ٿا، ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪي قتل ٿيا آهن ته نِبيري ۾ به ڏنڊ مان سندس حصو هجي ٿو. مطلب ته جنهن سال ڪارنهن جا ڪيس جام ٿين، ته سمجهجي ته، ان سال وڏيرو خوب مال ميڙي ۽ جاوا ڪري ٿو. مٿان فيصلي جي پڳ رکڻ ڪري سندس هڪ-هٽي به قائم رهي ٿي. سندس اوطاق طاقت ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي علامت بڻجي ٿي. دادو ضلعي جي هڪ سينئر آفيسر جو چوڻ هو ته قبائلي جهيڙا جنهن به ضلعي ۾ گهڻا هجن، اُتي ڪارنهن جي الزام هيٺ نارين جي قتلن جو انگ عام جام ملندو. هتي اهو ٻڌائڻ لازمي ٿي سمجهان ته فقط مخصوص ڪيسن ۾ نارين سان گڏ مرد به ڪارنهن جي الزام ۾ مارجن ٿا، پر سندن انگ نسبتن بنهه ٿورو آهي. مثال گهوٽڪيءَ ۾ (هن سال) هن وقت تائين ڪارنهن جي الزا۾ 36 ناريون ماريون ويون آهن ۽ 6 مرد ماريا ويا آهن. هيٺ هڪ مختصر نظر 2012ع ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيندڙ نارين جي رپورٽ ٿيل ڪيسن تي: شڪار پور 44، ڪشمور 37، جيڪب آباد 25، خيرپور 20، گهوٽڪي 19، لاڙڪاڻو 18، سکر 25، شهيد بينظير آباد 10، سانگهڙ 6، حيدرآباد 5، دادو 4، ميرپورخاص، نوشهرو فيروز، ٺٽو، ڪراچي ۾ 3، بدين ۽ مٽيارين ۾ 2، ۽ ٿرپارڪر ۾ 1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڏکڻ سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ اهڙا قتل اچرج ڏين ٿا. پر اُتر پاسي قتل ٿيل نارين جو تعداد ڏَسي ٿو ته ان پاسي ڪهڙي نه باهه ٻري پئي آهي. مثال جيڪب آباد ۾ گذريل سال 25 ناريون ڪارنهن جي الزام ۾ ماريون ويون، پر ان ئي ضلعي ۾ هن سال رڳو جون تائين 23 قتل ٿي چڪيون آهن! گهوٽڪيءَ ۾ 2012ع ۾ 27 ناريون ڪارنهن هيٺ ماريون ويون، جڏهن ته 2013ع ۾ جون تائين 32 ماريون ويون آهن. اڃان اڌ سال مس گذريو آهي. ان ۾ ته ڪو به شڪ نه آهي ته اها بدترين ”رسم“ سماج بدر ٿيڻ ۾ تمام گهڻو وقت وٺندي، ۽ جي ان ڏِس ۾ڪي ترت ۽ ڏور رس اُپاءَ وٺي سگهجن ٿا ته اُهي هي ٿي سگهن ٿا: (1) سڀ کان اڳ انساني حقن جا هڙئي علمبردار هر ضلعي جي شهري اتحاد سان ملي ڪري تر جي انهن وڏيرن ۽ سرنديءَ وارن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪن، جيڪي ڪارنهن جي رسم جي خلاف آهن، ته جيئن هو به سول سوسائٽي سان ملي ڪري هر ضلعي ۾ ان رسم خلاف هڪ آواز ٿي اُٿي بيهن. مان اهو واضح ڪندي هلان ته وڏيرن جي مثبت ڪردار کان سواءِ ان قهر کي ٻُنجو ڏيڻ لڳ ڀڳ اڻ ٿيڻي آهي. (2) هڪ اهم ڪردار پوليس جو آهي ته اها انهن ڪيسن ۾ رياست طرفان فريادي بڻجي، جتي ناريءَ جا ويري پنهنجا ڀائر ۽ پيءُ هجن ٿا، ۽ سندن قتل خلاف ڪير به ڪيس داخل نٿو ڪري، ان جو ڪو جوڳو نظام جوڙي ان تي عمل درآمد ڪجي. (3) عدالتن جو ڪم اهو آهي ته جن قاتلن تي ڪارنهن جو قتل ثابت ٿي وڃي ٿو، انهن کي عبرتناڪ سزا ڏين، سزاءِ موت خلاف ڀلي ڪهڙي به بين الاقوامي سطح جي، سڌريل ۽ تهذيب يافته راءِ هجي، پر اهڙن قاتلن لاءِ سزاءِ موت لازمي آهي. هڪ پوليس آفيسر جو ته اهو به چوڻ آهي ته جن ضلعن ۾ اهڙيون سزائون آيون آهن، اتي انهن قتلن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي آئي آهي. (4) ميڊيا واحد ذريعو آهي انهن قتلن جي وڪالت جو، جنهن کي صحافتي ٻوليءَ، جاچ واري صحافت ۽ ڪيس کي پيش ڪرڻ جي نوعيت ۾ وڏيون تبديليون آڻڻيون پونديون، ان ڪري 21 هين صديءَ ۾ ميڊيا رڳو هڪ ڄاڻ ڏيندڙ اداري طور ڪم ڪرڻ بدران پنهنجو واضح ڪردار طئه ڪري ته اها ڪيئن ڪارنهن هيٺ قتل ٿيندڙ نارين جي ڌر بڻبي. انهن نڌڻڪيون ٿي مارجندڙ نارين لاءِ جڏهن سڀ ملي ڪري ڌر بڻباسين، تڏهن ئي قاتلن جي ڏاڍ کي پڄي سگهنداسين. مان سوچيان ٿي ته هيءَ اها ئي سنڌ آهي، جنهن جي صوفي ورثي، سهپ ۽ رواداريءَ جا اسين مثال ڏيندي نه ٿڪجندا آهيون؟ مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر اسين سنڌ کي سهپ واري ڌرتي ڇا تي سڏيندا آهيون؟ جي ڌرتيءَ ڄايون هتي محفوظ نه آهن، ته اها ڌرتي سهپ ۽ رواداريءَ واري ڪنهن لاءِ آهي؟ اسان مڙني سنڌ واسين کي سوچڻ گهرجي ته ڌرتيءَ جي سَنڌَن ۾ پيهي ويل ان ناسور جو خاتمو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟