• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صنوبر جي سائي ۾ ويهي رهون۔۔ اعجاز منگي

باغي عليم

سينيئر رڪن
اعجاز منگي
27 جون 1992۔ ڪاوش
ڪالهه اهو به اياز ئي لکيو هو
ڪيئي جادوء جهڙا جيء
پر ڪا اهڙي جهڙي هيء۔
اڄ ان ساڳي سٽ کي ساري
ياد اچي ٿو هن جو نالو
هوء جا پنڇيء جو پاڇو آ
جنهن جو ڪوئي حوالو ناهي
بس رڳو نالو آهي هوء
جنهن جي ڪا ائڊريس نه آهي
هوء جا قيدي گلدستو آ
جنهن جي چائنٺ تائين پهچڻ
لاء نه ڪوئي رستو آهي
ڇا لئه پاڻ لڪائي ٿي هوء
تنهائيء ۾ ڳائي ٿي هوء
ڇا هوء ائني فئرنڪ آهي
هن تي گسٽاپي ڪتا
ڏينهن رات ٿا ڀوئنڪن
۽ هوء پنهنجي ڪمري ۾
برش ڪندي پنهنجي وارن کي
افسانا تخليق ڪري ٿي
ڄڻ هن جي خود ذات به ڪوئي
افسانن جو مجموعو آ
جنهن جو ڪو عنوان نه آهي
ڪهڙي نيٺ دري آهي؟؟
جنهن ۾ ميڻ بتيء وانگر
هوء ٻري ٿي
روز ڳري ٿي
ڪير صنوبر سيد آهي
روز پڇن ٿا يار سمورا
۽ منهنجا ويچار سمورا
هن جا پيرا جانچن ٿا
پر هڪ ڏاهي چور جيان
هن جو ڪوئي پيرو ناهي
ڇا هوء ڪوئي سپنو آهي؟
ڪهڙيون اکڙيون ماڳ انهيء جو
ڪاريون راتيون ڀاڳ انهيء جو؟
هوء جا چنڊ جي آهي سهيلي
جنهن کي هنج جهڙي هاٺي تي
بادل جي لوئي آ پاتل
۽ هوء تارن سان ڳالهائي
روز ڪويتا لکندي آهي
ڇا هوء ڪائي مينا آهي
جيڪا چانديء جي پڃري ۾
پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٿي
روز پلاٽ نئون ٺاهي ٿي
پنهنجي نئين ڪهاڻي خاطر
هوء ته هوا جو روپ لڳي ٿي
جنهن جي ڪا تصوير نه آهي
جڏهن لڏن ٿا پن وڻن جا
هر ڪو سمجهي ٿو ته
صنوبر سيد پنهنجي
نئين ڪويتا آندي آهي
ڇا هوء لينن کي ڄاڻي ٿي؟
جنهن جي چڻنگ سڄي رشيا ۾
هڪڙي مشعل ٻاري هئي
يا هوء سچل جي سنگتياڻي
اڄ به درازا جيء ڌرتيء تي
گهنگهرو پائي ڳائي ٿي
گوندر جنين گهاريو منهن
تنين مشعل
۽ جي نه ته پوء ڀلا ڪيئن؟
هوء ڪري دعوا
مشعل ٻرندي رهندي
پر مان ڪليداس نه آهيان
جو سمجهان
هوء آ روپ اروشي جو
جيڪا سمنڊ ۾ سرجي هئي
ادبي ٻوليء جي پردي ۾
ڇا هوء ڪا فرياد ڪري ٿي؟
داد گهري ٿي
سڀني دردن کي پالڻ جو
تنهائين ۾ جالڻ جو
هوء جا پور نماسي وانگر
سمنڊ مٿان اميد لکي ٿي
ديد لکي ٿي
ديد جا ڳوڙهن ۾ آلي آ
يا هوء ڪائي بکارڻ آهي
جيڪا جهولي ڦهلائي ٿي
۽ ڳوڙهن سان ڳالهائي ٿي
سج نه ٿو ان کي پرچائي
مينهن نه ٿو ان کي
ڳل لاهي
ڪڏهن ته پنهنجي افساني ۾
هوء ڪاڇي جي ڪونج لڳي ٿي
مون کي پنهنجي من جي
هڪڙي مونجهه لڳي ٿي
ڪڏهن ڪويتا جي ڪڙتي ۾
هوء بسنتي باک لڳي ٿي
جنهن جي ماٿي مٿ وهائو
بنديا وانگي چمڪي ٿو
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خيال ۾ مونکي
هوء سمورو سچ لڳي ٿي
سردي جي راتين ۾ ٻاريل مچ لڳي ٿي
ڪڏهن ته بلڪل هوء ايئن لڳي ٿي
ڄڻ ته سڄيء هوء ڪوڙي آهي
گورين گورين ٻانهن ۾
ڄڻ ته گلابي چوڙي آهي
جيڪا آ بيتاب ته
ڪوئي ٻانهن مروڙي
ان کي ٽوڙي
ڪش هڻي سگريٽ منجهان
آئون ٿو سوچيان ايئن ته ناهي
جو هوء ڪوئي دوکو آهي
پوء به ايڏو سهڻو آهي
ڄڻ ڪنهن ڪولهڻ جي نڪ ۾
چانديء جو ڪو، ڪوڪو آهي
ڪٿي مان ڳوليان هن جي صورت
آڌيء جي اوجاڳن ۾
پنهنجي ننڊ ڀريل خوابن ۾
يا اونهاري جي شامن ۾
رابيلن جي ٽارين ۾
يا ڪنهن پوپٽ جي نيڻن ۾
يا ڪنهن ٻار جي ٻوليء ۾
يا پنڇين جي ٽوليء ۾
ايئن ته ناهي
هوء هجي
ڪو خواب خدا جو؟
جيڪو ازل ابد جي وچ ۾
هڪڙي سڏ جيان گونجي ٿو
ڇا هوء جهڙ جي جهالر مان
تاري وانگر هيٺ
ڏسي بس مرڪي ٿي
خيال اسان جا
هن جي پيرن جي پايل جي
ڇم ڇم پويان ڊوڙن ٿا
هرڻيء جهڙو هانء اسان جو
ڪيڏو هن لئه واجهائي ٿو
هوء جا سونيا ڀٽ جي اڳتان
رڃ ڀريو هڪ منظر آهي
ليلي ا خالد جهڙي آ هوء
ڇا هن سنڌ تي کهنڀي وانگر
پنهنجي تن تي پاتو آهي
هن آخر ڇا ڄاتو آهي
جو هوء سنڌ جي سورن کي
پنهنجي پيار ڀري مرهم سان
سهلائي ٿي
هن جي ڏات اسان لئه ڄڻ ته
شفق ڀري ٻوليء ۾ ڪوئي
ڳجهو نياپو آهي
جنهن کي پڙهندي دل چاهي ٿي
ته صنوبر سيد کي سڏ ڪري هيئن چئجي
آء هلي آء
آء صنوبر جي ٻانهن ۾
ڀڪوڙيل مهتاب ڏسون
کليل اکين سان جيون جو
هڪ خواب ڏسون
جنهن جي مک تي
مجرم دور جو
ڪو نه هجي ڪو پاڇو۔۔
 
Back
Top