اٺن سالن وارو بلدياتي نظام ۽ ملير جي ماڻهن سان ماٽيلي ماءِ وارو سلوڪ

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويدجوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2010۔

  1. جاويدجوکيو

    جاويدجوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    ڪراچي
    اٺن سالن وارو بلدياتي نظام ۽ ملير جي ماڻهن سان ماٽيلي ماءِ وارو سلوڪ
    جاويد جوکيو
    [ڪراچي روشني جو شهر ۽ سنڌ جي دل ۽ پاڪستان جي ڪرنگهي هڏي طور تي سڃاتو ويندو آهي ڪراچي جيڪو ماضي ۾ پنجن ضلعن تي قائم هو جنهن ۾ ايسٽ، ويسٽ، ساوٿ، نارٿ۽ مليرهئاڪراچي جي پنجن ضلعن مان ملير ضلعو جيڪو پوئتي پيل ٻهراڙي جي علائقي تي مشتمل هو ملير ضلعي ۾ ڏهـ يونين ڪائونسلون هونديون هُيون جن ۾ 1 درساڻو2 گڏاپ، 3 ابراهيم حيدري4 گابو پٽ 5 ڪونڪر6 سونگل 7 موئيدان 8 منهگوپير 9 لانڊي 10 ٿاڻو جيڪي ملير جي ٻهراڙي تي ٻڌل هُيون ضلع ڪائونسل مليرجي بجٽ جيڪا آڪٽراءِ ٽيڪس ۽ ايڪسپورٽ ٽيڪس جي مد ۾ ساليانو هڪ ارب ٻاويهـ ڪروڙ روپيا هوندي هئي جيڪا ملير جي ٻهراڙي وارن علائقي جي عوام جي بنيادي ضرورتن تي خرچ ڪئي ويندي هئي جنهن مان عوام کي پاڻي جون اسڪيمون، سيورج لائن ، روڊ، سي سي اسٽريٽ، اسڪول بلڊينگ، صحت مرڪر،ريڊنگ روم، انڊرسٽريل هوم،ڳوٺن کي باونڊي وال، سميت ٻئي سموريون بنيادي ضرورتيون پوريون ڪيون وينديون هُيون،جڏهن کان پرويز پرويز مشرف پاران متعارف ڪرايل نئي بلدياتي نظام 2000 ع قائم ڪري ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري شهري ۽ ٻهراڙي جي فرق کي ختم ڪري پوري ڪراچي ۾ شهري حڪومت جوڙي ويئي آهي جنهن ۾ ڪراچي کي ارڙهن ٽائونن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي ، ڪراچي ۾ 172 يونين ڪائونسلون جوڙيون ويون آهن جيڪي ڪراچي شهري توڙي ٻهراڙي برابر جي حثيت ڏني وئي آهي ڪراچي ۾ جيڪي ارڙهن ٽائون جوڙيا ويا آهن تن مان مليرضلعي تي ٻـ ٽائونن جوڙيا ويا آهن گڏاپ ٽائون، بن قاسم ٽائون جيڪي پندرهن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهن گڏاپ ٽائون ۾ 8 يونين ڪائونسل ۽ بن قاسم ٽائون 7 يونين ڪائونسلن قائم ڪيون ويو آهن جيڪي ڪراچي جي شهري علائقي جتي سموريون بنيادي سهوليتون اڳين کان موجود آهن ساڳي حثيت ملير ضلعي جي بنيادي سهوليت کان محروم ٻهراڙي وارين يونين کي ساڳئي حثيت پڻ ڏني ويئي آهي،ڪراچي شهري حڪومت کي ساليانو اربين روپيا فنڊ جيڪو ڪراچي جي عوام جي بنيادي ضرورتن جي لاءِ ڏني ويندي آهي سنڌ گورنمنٽ پاران ملي ٿو، ملير ضلعي ٻهراڙي تي ٻڌل گڏاپ ٽائون، بن قاسم ٽائون کي ساليانو ڪجهـ ڪروڙ روپيا بجٽ ڏني ويندي آهي جنهن مان ساليانو اضافو ڪرڻ جي بجاءِ شهري حڪومت پاران ساليانوڪٽوتي ڪئي ويندي آهي. نئي بلدياتي نطام سان جيڪي ڪراچي ۾ 172 يونين ڪائونسلون جوڙيون ويون آهن انهن کي ساليانو ترقياتي بجٽ 94 لک روپيا شهري حڪومت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو انهن مان ملير جي ضلعي تي قائم گڏاپ ٽائون ۽ بن قاسم ٽائون تي قائم يونين ڪائونسلن مان گذريل اٺن سالن ۾ بجٽ ناهي ڏني ويئي ٻهراڙي جي پندرهن يونين کي ڇڏي ٻئي شهري علائقن واري يونين کي ساليانو بجٽ ڏني ويندي آهي ٻهراڙي واري يونين جي بجٽ بـ شهري علائقي تي خرچ ٿي رهي آهي گذريل اٺن سالن ۾ ڪراچي علائقي ٻهراڙي ۾ قائم سنڌي آبادي تي ٻڌل يونين ڪائونسلن سان گذريل اٺن سالن م جيڪو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيوويو آهي ملير جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو،جنهن جو ازالو شايد ٿي سگهي. آئون هتي صرف موجوده بلدياتي نظام کان اڳ ملير ضلح ڪائونسل جي ٻهراڙي تي ٻڌل يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو جو مثال اوهان جي اڳيان رکند س تـ موجوده بلدياتي نطام سان ملير جي درساڻو ڇنو يونين ڪائونسل جي عوام سان گذريل اٺن سالن ۾ ڪيتري نا انصافي ٿئي آهي ۽ شهري حڪومت پاران يوسي جي رهواسين کي ڪهڙيون بنيادي سهوليتون ڏنيو آهن .
    يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو ماضي ۾ ايشيا جي مالدار يونين ڪائونسل جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو کي آڪٽراءِ ٽيڪس ۽ ايڪسپورٽ ٽيڪس جي مڌ ۾ ساليانو80 اسي ڪروڙ روپيا ملندا هئا. انهي کان علاوه درساڻو ڇنو جي پنهنجي بجٽ لنڪ روڊ مان ساليانو ست ڪروڙ روپيا ملندا هئا لنڪ روڊ جيڪو اڳوڻي چيرمين مرحوم حاجي علي بخش جوکيو پاڪستان اسٽيل مل جي چيرمين سان معادي ٺهرايو ويو سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي کي پاڪستان اسٽيل مل پنهنجي بجٽ مان ٺهرايو جيڪو چيرمين صاحب اسٽيل مل کي پنج سال آڪٽراءِ ٽيڪس اسٽيل مل کي معاف ڪري روڊ يونين ڪائونسل جي پراپرٽي طور يونين کي حوالي ڪيو،جيڪا روڊ جي ٽول ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ ڪمائي اها بـ يوسي جي مقامي رهواسين جي بنيادي سهوليتن تي خرچ ڪئي ويندي هئي ، جنهن ۾ صحت، تعليم، روزگار، پاڻي جي اسڪيمن. روڊن، سيوريج لائنن ،پارڪن ، راندين جي ميدانن کان علاوه ٻين بنيادي سهوليتني تي خرچ ڪئي ويندي هئي.پرويز مشرف پاران نئي بلدياتي نطام جي قائم ڪرڻ سان يونين ڪائونسل جي سموري بجٽ جيڪا شهري حڪومت پنهنجي حوالي ڪري ڇڏي آهي جنهن مان يونين ڪائونسل کي ساليانو 94 لک روپيا جيڪا شهري حڪومت پاران ڏيڻ جو واعدو ڪيو ان تي بـ گذريل اٺن سالن م عمل ناهي ٿي سگهيو ۽ اها بجٽ بـ شهري علائقي تي خرچ ٿي رهي آهي موجوده بلدياتي نطام کان اڳ جيڪي عوام کي بنيادي سهوليتون مُهيا ڪيون وينديون هُيون ۽ جڏهن کان بلدياتي نظام جوڙيو ويو آهي جنهن مان صرف ٻهراڙي تي ٻڌل يونين ڪائونسل درساڻي ڇني جي رهندڙڻ کي ڪهڙا فائدا ٿيا آهن ۽ شهري حڪومت هن يونين ۾ رهندڙ سنڌي عوام کان ڇا کسيو آهي جنهن جو ڪجهـ احوال هيٺ ڏجي ٿو.
    يوسي درساڻي ڇنو جي بچيل اڪيلو آمدني جو ذريعو لنڪ روڊ بـ شهري حڪومت ڦري ورتو.
    درساڻو ڇنو ايشيا جي پهرين نمبر تي مالدار يونين ڪائونسل جي نالي تي سڃاتي ويندڙ ويندي هئي. جنهن جو بچيل اڪيلو آمدني جو ذريعو لنڪ روڊ جيڪواڳوڻي چيرمين مرحوم حاجي علي بخش جوکيو پاڪستان اسٽيل مل سان هڪ معادي تحت ٺهرايو ويو جنهن ۾ پاڪستان اسٽيل مل پنهنجي فنڊ مان تعمير ڪرايو هو لنڪ روڊ جي تعمير تي ٿيندڙ خرچ جي مد يونين ڪائونسل کي پنجن سالن تائين آڪٽراءِ ٽيڪس نـ ڏنو۽ هتان جي مقامي ماڻهن پنهنجو سروي زمينون بنا معاوصي طور تي چيرمين کي روڊ تعمير ڪرڻ لاءِ ڏنيون جنهن تي چيرمين مرحوم حاجي علي جوکيو يوسي جي سمورن رهندڙن کي ٽول تيڪس معاف ڪري ڇڏيو.لنڪ روڊ جيڪو ساليانو 7 ڪروڙ روپيا بجٽ جو ذريعو يونين ڪائونسل جي عوام لاءِ بچيو هو شهري حڪومت جي قائم ٿين کان بعد سال 2002 ع تي يوسي جي عوام کان ڦري پنهنجي حوالي ڪري ٺيڪي جي نيلامي ڪري پنهنجي من پسند ٺيڪيدار کي ڏئي ڇڏيو آهي لنڪ روڊ مان ملندڙ سموري بجٽ شهري علائقي تي خرچ ٿي رهي، شهري حڪومت پاران مقرر ڪيل ٺيڪيدار کي جيڪو ٺيڪو جنهن جو شيڊول 10 ويلر گاڏي کان ٽيڪس 30 روپيا مقرر ٿيل آهي جنهن تي ٺيڪيدار 120 روپيا ۽ 6 ويلر گاڏي کان 25 روپيا ٽيڪس کان60 روپيا وصول ڪري رهيو آهي مقامي يوسي جي رهندڙ ڳوٺاڻن کي ٽيڪس معاف هو انهن کان ٺيڪيدار پاران مقرر ڪيل هٿيار بندن عملو هٿيارن جي زوري مقامي ڳوٺاڻن کان ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪري رهيو آهي ۽ ڳوٺاڻن پاران ٽيڪس نـ ڏيڻ جي صورت ۾ ڳوٺاڻن کي هٿيارن جي زور تي مارڪٽ ڪري ٽيڪس وصول ڪري رهيو آهي ۽ ٺيڪيدار کي شهري حڪومت جي عملدار مليل آهن جن جي آشرواد سان ناجائز ٺيڪس ۽ مقامي ماڻهن کان ٽيڪس اوڳاڙي جاري آهي
    صحت جو مسئلو :
    يونين ڪائونسل پاران هر سال ڳوٺن لاءِ صحت مرڪز جي لاءِ بلڊنگ، دوائون پڻ ڏنيو وينديون هُيوم شهري حڪومت جي قائم ٿيڻ سان صحت مرڪزن ۾ ڪوبـ اصافو ناهي ٿي سگهيو مقامي ماڻهو ن جيڪي اڄ بـ صحت جي سهوليت کان محروم آهن بخشو ڳوٺ ڍولو ڳوٺ جنهن ۾ چمڙي،خارش جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي ڳوٺاڻن پئسو نـ هئڻ جي ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو علاج بـ نٿا ڪرائي سگهن جنهن ڪري اڄ بـ سورن ۾ سسڪيون ڀري زندگي جا ڏينهن گذاري رهيا آهن پوري يوسي ۾ جتي سوين ڳوٺن آهن اٽي صرف 3 بي ايچ يو سينٽر ضلح ڪائونسل پاران تعمير ڪرايا هئا جيڪي هلي رهيا آهن جن ۾ ڪوبـ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر عملو موجود ناهي صحت مرڪز بي ايچ يو سينٽرن گذريل اٺن سالن سينٽرن جي ڪابـ مرمت ناهي ڪئي وئي جڏهن شهري حڪومت کان اڳ يونين ڪاونسل ۽ ضلح ڪائونسل پاران سينٽرن ۾ ڊاڪٽر ٻيو عمي سان گڏ دوائون، سينٽرن جي ديک بحال لاءِ چوڪيدار بلڊنگ جي مرمت ، گهٽ ڪمرا هئڻ جي ڪري اصافي ڪمرا پڻ ڏنا ويندا هئا ۽ نوان سينٽر پڻ قائم ڪيا ويندا هئا گذريل اٺن سالن هڪ بـ بي ايچ يو سينٽر جي مرمت ناهي ڪئي جيڪي بي ايچ يو سينٽر هلي رهيا آهن انهن ۾ در محمد ڳوٺ، بخشـ ڳوٺ، دنبـ ڳوٺ جن ۾ ڪوبـ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر رکيل ناهي دوائون اڻلڀ آهن جيڪي ٿوريون گهڻيون دوائون ملنديون آهن اهو عملوگم ڪري ڇڏيندو آهي يا شهري حڪومت پاران مٿي ويهاريل آفيسر ن کي جيب خرچي ۾ استعمال ٿي وينديون آهي هڪ ايم سي ايچ سينٽر درساڻو ڇنو يونين ڪائونسل پاران تعمير ڪري سنڌ گورنمنٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي پڻ ساڳي صورتحال آهي سينٽر جيڪو مرمت نـ ٿيڻ جي ڪري زڀون حالي جو شڪار آهي اسپتال ۾ ايندڙ مريضن جي مٿان ڇاپڙ ڪرڻ جي ڪري ڪيترن ئي مريضن زخمي ٿي رهيا آهن سينٽر ۾ مريضن جي پيئڻ جي پاڻي لاءِ يوسي پاران کوه کوٽائي ڪري ڏنو هو کوه ۾ موٽر وغيره پڻ لڳائي ڏنا ويا هئا تـ سينٽر لاءِ پاڻي حاصل ڪري سگهجي پر گذريل عرصي ۾ مرمت نـ ٿيڻ جي ڪري کوه جا موٽر وغيره سڙي ويا آهن مريضن لاءِ پئيڻ جو پاڻي بازار مان ڪولهرن ۾ آڻي مريضن کي ڏنو ويندو آهي اڪثرسينٽر ۾ دوائن جي کوٽ هوندي آهي جنهن ڪري مريض هن سينٽر ڏانهن رک نٿا گهٽ ڪندا آهن پرائيوٽ ڊاڪٽرن کان دوائون وٺڻ تي مجبور هوندا آهن اڪثر گهڻون ڪري 4 سو سال پراڻا ٽوٽڪا گهر ۾ استعمال ڪري پنهنجو علاج ڪندا آهن جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺاڻي کي ڪا زياده تڪليف ٿي پئي تـ اهي گلشن حديد يا ميمڻ ڳوٺ جو رک ڪندا ميمڻ ڳوٺ يا گلشن مريض کي کڻي وڃڻ وڏو مسئلو هوندو آهي انهن علائقن ڏانهن ويندي ڏينهن ڏٺي روڊ تي اڪثر هٿيار بندن جي هٿان ڦريا ويندا آهن جنهن ڪري گهڻون ڪري اڪثر ان طرف وڃڻ کان لهرائيندا جيڪڏن دل تي پٿر رکي نڪرندا آهن تـ وري ڪرائي تي هلائيندڙ گاڏي وارا موقعي مان فائد وٺي ڊبل ڪرايو وصول ڪندا آهن ملير ضلعي ۾ اٺن سالن ۾ شهري حڪومت ۽ Ngoهينڊز پارن هڪ اسپتال جيڪا يوسي لانڊي جي علائقي ڄام ڪنڊو ۾ قائم ڪئي ويئي آهي جيڪا ڪجهه ڪلو ميٽر ڏور آهي جيڪڏهن اُتي ڪنهن مريض کي کڻي وڃبو آهي تـ اُتي بـ مريض جو علاج نٿو ڪيو وڃي انهي اسپتال مان ملير جي مقامي ماڻهن کي ڪابـ لاڀ حاصل ناهي ٿي سگهي گذريل اٺن سالن ۾بـ يونين ڪائونسل جا رهندڙ ڳوٺاڻان جيڪي اڄ بـ صحت جي سهوليت کان محروم آهن ڪابـ شهري حڪومت پاران يوسي جي ماڻهن لاءِ صحت مرڪز قائم ناهي ڪيو ۽ جيڪي هلي رهيا آهن اهي بـ صرف نالي صحت مرڪز آهن جنهن مان يوسي جي عوام کي ڪوبـ فائدو ناهي
    تعليم نـ هئڻ جي برابر :
    يوسي درساڻي ڇني ۾ڪابـ معياري تعليم لاءِ ڪوبـ اسڪول ناهي شهري حڪومت جي قائم ٿيڻ کان اڳ يوسي ٻـ اسڪول هائير سيڪنڊري جن ۾ گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول احمد دائود درساڻو ڇنو ۽ ٻيو هائير سيڪنڊري اسڪول دنبـ ڳوٺ جيڪي هلي رهيا هائير سيڪنڊري اسڪول احمد دائود 11 سو ٻار داخل آهن هي اسڪول جيڪو علائقي جو سب کان وڏو ۽ قديمي اسڪول آهي جنهن مان ڪيترائي شاگرد پڙهي وڏن وڏن عهدن تي پهتا آهن جنهن ۾ پ پ جو زڪوات عشر جو صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو اڳوڻون صوبائي وزير عبدالحڪيم بلوچ،اڳوڻون اي اي ڊي اي او غلام رسول جوکيو اڳوڻو چيرمين حاجي علي بخش جوکيو موجوده يوسي ناظم مجاهد جوکيو اڳوڻون ناظم امداد جوکيو، لالا اسلم جوکيو سميت سوين شاگرد جيڪي هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪري وڏي وڏي مقام تي پهتا آهن هن وقت اسڪولن ۾ ٻارن جو تعداد ڪمرن کان وڌيڪ آهي هڪ ڪلاس جي اندر ٻڪرين جي واڙي وانگر سلهاڙيل هوندا آهن اسڪول ۾ فرنيچر جيڪو ٽٽي ختم ٿي ويو آهي اسڪول ۾ ڪوبـ پاڻي جو بندوبست ناهي ڪابـ ليٽرين جي سهوليت مهيسر ناهي جيڪڏهن ڪنهن شاگرد يا استاد کي پيشاب جو خيال ٿي پئي تـ اهي اڌ ڪلو ميٽر پنڏ تي قائم موجود مين بازار جي مسجد جي لٽرين وڃي پيشان ڪري موٽي اچي پڙهائي ڪندا آهن جنهن سان پورو پيشاب جي لاءِ ڪلاڪ جو ٽائم ضايح ٿي ويندو آهي اسڪول ۾ ٽوٽل استاد 10 آهي جنهن ۾ ڪوبـ سائينس جو ٽيچر ناهي ۽ ان کان علاوه يارهين ٻارهين ڪلاس ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون 200 ڌاخل آهن جتي ڪوبـ استاد ناهي ٻار سڇو ڏينهن ڪلاس ۾ ويهي بغير پرهائي ڪرڻ جي واپس موٽي گهر هليا ويندا آهن ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ پاران اسڪول جي نئي بلڊنگ ڏني ويئي آهي جنهن جي ڪم کي سال گذري ويو آهي ٺيڪيدار اڌ ۾ ڪم ڇڏي گم ٿي ويو آهي ۽ جيڪو ٺيڪيدار پاران ڪم ڪيو ويو آهي انهن ۾ ناقص مٽريل جو استمال ڪيو ويو آهي جيڪو گهڻون وقت اسڪول جي بلڊنگ نـ هلي سگهندي انهي کان علاوه پوري يوسي ۾ ٻـ گرلز سيڪنڊري اسڪول آهن جن ۾ گورنمنٽ گرلز سيڪنڊري اسڪول دنبـ ڳوٺ ۽ گورنمنٽ گرلز سيڪنڊري اسڪول حاجاڻي رابعـ درساڻو ڇنو جنهن جي حالت ساڳئي آهي گرلز سيڪنڊري اسڪول حاجاڻي رابعـ ۾ ۾ٽوٽل ڪمره 8 آهن اسڪول ۾ 700 شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن انهن لاءِ صرف 6 استادياڻيون آهن جيڪي ست سو شاگردياڻين لاءِ نـ هئڻ جي برابر آهن اسڪول ۾ پرنسپل جي جاءِ خالي پيل آهي انهي تـ مقرر انچارج جيڪا ڪم ڪري رهي آهي اسڪول ۾ ڪوبـ پاڻي جو بندوبست ناهي پئيڻ جو پاڻي اسڪول لاءِ ڳوٺن مان آندو ويندو آهي بجلي اسڪول ۾ ناهي اسڪول جي جي بلڊنگ جي ڪابـ مرمت ناهي ٿي جنهن ڪري اسڪول جا چاپڙ پڻ ڪري رهيا آهن اسڪول فرنيچر پڻ ٽتي ويو آهي اسڪول جا ڌر دريون ٽٽي ويا آهن فرش اکڙي ويو آهي ڪلر لهي ويو آهي ليٽرين سميت ڪابـ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين لاءِ سهوليت مهيسر ناهي انهي کان علاوه جيڪي شاگرد شاگردياڻيون نوان ڏهـ درجا پاس ڪن تـ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڪوبـ گرل ڊگري ڪاليج يا بوائز ڊگري ڪاليج ناهي جنهن ڪري اڪثر شاگرد ميٽرڪ يا يارهين ٻارهون پڙهڻ کان وڌيڪ تعليم حاصل ناهي ڪري سگهندا نـ ئي ڪمپيوٽر سينٽر آهي جتي ٻار ڪمپيوٽر جي تعليم حاصل ڪري سگهن. اهي اڪثر گهر ويئي رهندا آهن ۽ جيڪي پرائمري اسڪول مختلف ڳوٺن ۾ آهن انهن جا انتهائي حال ڀورا آهن پرائمري اسڪولن ۾ تـ ماستر ئي ناهين ويندا ۽ جيڪڏهن ڪو ماستر ويندو آهي تـ اتي ٻار ناهين هوندا ۽ جتي ٻار هوندا آهن تـ اُتي استاد ناهين ويندا جيڪڏهن ڪنهن اسڪول ۾ استاد آهن ۽ شاگرد آهن تـ انهن ۾ فرنيچر، در دريون ٽٽل فرش اکڙيل ، اسڪولن ۾ نـ بجلي نـ پاڻي ، فرش اکڙيل ڃڻ پراڻان کنڊراٺ لڳندا آهن انهن گوسڙو استادن کان ڪوبـ پڇاڻون ناهي ماستر هر مهيني مقرر ڪيل ايريا جا سپر وائيزر کي مهيني جي ڀتي ڏيڻ سان پنهنجا ذاتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن.۽ ڪوبـ گذريل اٺن سالن ۾ شهري حڪومت يا سنڌ گورنمنٽ پاران معياري تعليم لاءِ ڪوبـ اسڪول يا ڪاليج ناهي جتي ڪا معياري تعليم ملي سگهي
    علائقي ۾ ترقياتي ڪم، بنيادي ضرورتون :
    يوسي درساڻي ڇني ۾ هر سال ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ترقياتي ڪم ڪيا ويندا هئا جن ۾ ڳوٺاڻن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جون اسڪيمون ، روڊا، سيوريج، لائنون ،سي سي اسٽريٽ،اسٽريٽ لائٽ، سميت ٻيا ڪيترائي ترقياتي ڪم يونين ڪائونسل ۽ ضلح ڪائونسل پاران ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا هئا پر موجوده بلدياتي نظامقائم ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين شهري حڪومت پاران ڪوبـ ڪم ناهي ڪرايو ويو ترقياتي ڪم جيڪي اڳ ڪيل جن جي ڪابـ مرمت ناهي ڪئي ويئي سموريون اسڪيمون ناڪاره ٿي ويون آهن جنهن ۾ درساڻو ڇنو جي ڏهن ڳوٺن تي ٻڌل واٽر سپلائي اسڪيم درساڻو ڇنو جنهن جي گذريل اٺن سالن کان ڪابـ مرمت ناهي ڪئي ويئي واٽر سپلائي جا موٽر جيڪي سڙي خراب ٿي ويا واٽر سپلائي اسڪيم تي ٻڌل اوور هيڊ ٽينڪ کي ڏار پئجي ويا آهن جنهن سان سمورو پاڻي ضايح ٿي رهيو آهي انڊر گراونڊ ٽينڪ جي صفائي نـ ٿيڻ جي ڪري ٽينڪي گندگي جو ڍير بڻجي ويئي آهي انهي کان علاوه ٻين سمورن ڳوٺن ۾ جيڪي اسڪيمون پاڻي جون موجود آهن اهي پڻ ناڪاره بڻجي ٿي ويون آهي ۽ ڪيترائي ڳوٺ آهن جيڪي اڄ بـ پاڻي جي اسڪيم کان محروم آهن يوسي جا تعمير ڪيل روڊ جيڪي سمورا اکڙي ويا آهن انهن جي گذريل اٺن سالن ۾ ڪابـ مرمت ناهي ڪئي ويئي نـ.ئي اٺن سالن ۾ شهري حڪومت پاران ڪو نئون روڊ تعمير ڪيو ويو آهي
    بي روزگاري :
    درساڻي ڇني يوسي ۽ضلح ڪائونسل جي وقت ۾ ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا مقامي ماڻهن کي ڏيئي انهن کي روزگار ڏنو ويندو هو مقامي ٺيڪدار علائقي جي مزدور کي انهن ٺيڪيداري ڪمن تي پڻ مقامي ماڻهن کي روزگار سان لڳايو ويندو هو انهي کان علاوه جيڪي پاڻي اسڪيمون ڳوٺن ۾ تعمير ڪيون وينديون هُيون انهن تي مقامي ماڻهن کي آپريٽر ، چوڪيدار طور نوڪري تي رکيو ويندو هو،سلائي ڪڙائي سينٽر ضلح ڪائونسل ڳوٺن ۾ ڏيندي هئي انهن تي عورتن کي روزگار ڏنو ويندو هو جيڪي پارڪ علائقي ۾ قائم ڪيا ويندا هئا انهن تي ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار سان لڳايو ويندو هو، انهي کان علاوه صحت سينٽر جيڪي قائم ڪيا ويندا هئا نهن تي پڻ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو ويندو جنهن سان بي روزگار جو ڪجهـ خاتمو ڪيو ويندو پر گذريل اٺن سال ۾ مٿي ڃايل ڪابـ اسڪيم ناهي ڏني نـ ڪنهن علائقي جي ماڻهن کي روزگار سان لڳايو يوسي جي رهندڙ ماڻهن جيڪي اڄ فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن انهن وٽ ڪوبـ روزگار جو وسيلو ناهي جتي روزگار ڪري زندگي گذاري سگهن .
    زراعت جي تباهي
    درساڻي ڇني يوسي جي علائقو سمورو زراعت تي ٻڌل هُو جتان روزانو ڪراچي جي شهري علائقي جي رهندڙ يا مقامي ماڻهن کي تازيون سبزيون جنهن ۾ ٽماٽا، بنڊي،مرچ،توري،ڪدو، واڳڻ، سميت ٻئي تازين سبزين سان گڏ فروٽ جنهن ۾ انبن، ڪيلن، پپيتن، زيتونن، شريفن ، چيقون سميت ٻيا ڪيترائي فروٽن جا باغ هوندا هُئا جنهن مان ساليانو ڪروڙين روپيا مقامي ماڻهن کي ملندا هئا.ڪراچي جي شهري علائقي کان علاوه پرڏيهـ پڻ ايڪپورٽ ڪيا ويندا هئا جنهن سان ساليانو گورنمنٽ کي ڪروڙين روپيا ملندا هئا انب جي باغن تي گورنمنٽ پاران ٽيڪس لڳايو ويو جنهن ڪري آبادگارن انبن جا باغ ختم ڪري ڇڏيا باقي جيڪي بچيل باغن ۾ گذريل ڇهن ستن سالن کان موذي مرض لڳي ويو آهي جنهن سان زراعت کي ختم ٿيڻ جو تمام وڏو خطرو آهي ۽ بجلي مهنگي هئڻ جي ڪري زراعت آخري پساه کڻي رهي آهي ۽ سنده حڪومت توڙي شهري حڪومت پاران آبادگارن کي ڪوبـ فائدو ناهي ملي سگهيو ۽ زراعت جيڪا ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندي پئي وڃي جيڪا شهري حڪومت پاران زراعت کي ختم ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو ويو آهي جيڪي سنڌي ماڻهون جون زمينون غير آباد ڪري انهن کي بي روزگار ڪري زمينون ڀوڳڻڻ مُٺ تي خريد ڪري اُتي سوسائيٽون جوڙيون وڃن جنهن جا شهري حڪومت پاران منصوبـ جوڙي پيا وڃن
    مختلف ادارن جي آڙ ۾ ديهـ چوهڙ ۾ مقامي ماڻهن جون ڦٻايون ويندڙ زمينون
    شهري حڪومت پاران ويزن 2020 نئون شهر اڏڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي جنهن مان يوسي جي ديهـ چوهڙ ۾ سٽي ايجوڪيشن قائم ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ مقامي ماڻهن کان زمينون کسي مختلف ادارن کي زمينون ڏنيو ويو آهن جنهن ۾ آغا خان فائونڊيشن، ضيا الدين اسپتال، قائد اعظم پبلڪ اسڪول، سر سيد يونيورسٽي، نيسلي ، ڪيڊڊ ڪاليج گڏاپ ٻين ڪيترن ئي ادارن کي زمينون ڏنيو ويون آهن جنهن جو تعميراتي ڪم هلندڙ آهي انهن زمينن تي مقامي ماڻهن جا کيٽ هوندا هئا اُتي برسات پوڻ سان کيٽ ڪري پيٽ گذرڪندا هئا زمينن تي سالن جو ڍلون پڻ رينيو کي ڏيندا هئا پر موجوده بلدياتي نظام سان مقامي سمورن ماڻهن جن جون زمينون هُيون انهن کان کسي ايجوڪشن سٽي قائم ڪئي پئي وڃي جيڪي ديهـ ۾ موجود قديمي ڳوٺ آهن انهن کي بلذوزن سان مسمار ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون جنهن جو تازو مثال ديهـ چوهڙ ۾ قائم 4 سو سال قديمي ڳوٺن ۾ ڄام مهر علي ڳوٺ، رضا محمد ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ڳوٺن کي مسمار ڪري اُتي ججز ڪالوني کي زمين ڏني پئي وڃي ۽ انهن کان علاوه يوسي جي ٻئين ديهن ۾ پڻ ادارن کي زمينون ڏنيون پيون وڃن ۽ نئون نئون سوسائيٽون اڏڻ لاءِ مقامي ماڻهن کان زمينون کسڻ جو سلسلو جاري آهي روزانو ڪيترائن ئي مقامي ماڻهن کان لنڊ مافيا جا بااثر ماڻهون زمينون کسي رهيا آهن جن جي سرپرستي شهري حڪومت ڪري رهي آهي .
    انهن مٿين مثالن مان سمجهي سگهجي ٿو تـ شهري حڪومت جي گذريل اٺن سالن سان جيڪي سلوڪ ڪيو ويو آهي جيڪا مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙهو هنيو ويو آهي انهن جو ازالو شايد ٿي سگهي پاڪستان پييلز پارٽي جيڪا سنڌي جي پارٽي آهي جنهن عوام سان پڻ واعدو ڪيو هو تـ جيڪا نوان ضلح قائم ڪيا ويا آهن حڪومت جي اچڻ سان ختم ڪيا ويندا موجوده بلدياتي نظام جو خاتمو ڪري پراڻون نظام بحال ڪيو ويندو جنهن لاءِ واعدي پاڙن جو وقت اچي ويو موجوده پروويز مشرف واري بلديات جو 31 ڊسمبر 2009 ع تي پنهنجو مدو پورو ڪري ورتو آهي بلديات جي آئيني اختيارات سنده حڪومت ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن هاڻي سنڌ گورنمنٽ کي گهرجي تـ هن ڪاري نظام مان سنڌي ماڻهن کي ڇوٽڪارو ڏياري جيڪي شهري حڪومت پاران سنڌي ماڻهن کي اٺن سالن ۾ جيڪي زخم ڏنا انهن تي مرهم لڳائڻ سخت ضرورت آهي جيڪو ملير جي عوام جي حقن تي ڌاڙهو هڻندڙن مان جان آجي ڪري شهري حڪومت کي ٽوڙي ڪراچي جا ساڳيان پنج ضلح بحال ڪري ملير جي عوام کي انصاف ڏياري بنيادي ضرورت ڏنيون وڃن [/right][/center]
    روزاني هلال پاڪستان
    2010_01 _18 [/center]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو