نثارناز
سينيئر رڪن
” لوڪ گيت ڪانگلڙو“
پيارا سنڌ واسيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو، هن دفعي مرحوم مهان شاعر تاجل بيوس جو هي لوڪ گيت ”ڪانگلڙو“ توهان سڀني سان ونڊ ڪري رهيو آهيان.. سائين تاجل بيوس جي لکڻي موجب” ڏسجي ٿو ته سنڌ جي ڀاڱن ، سري ..... وچولي.... لاڙ..... ۽ ڪوهستان جي ڀيٽ ۾ ٿر ”لوڪ گيتن“ ۾ وڌيڪ مالا مال آهي، جتي زندگيءَ جي هر ڪرت جو ڪو نه ڪو، گيت سرجيو ويو آهي...... ”همرچو“ پورهيتن جو گيت آهي ”وَلاڙو“ مال پهرائڻ جو....... ”پڻهاري“ پاڻي ڀريندڙ عورتن ۽ ”ڍاٽيئڙو“ ڌنارن ، پنوهارن جو گيت آهي.......... ”لمڪيان ڙي لو“ ڏٿ چُونڊيندڙ زالن جو ته وري ”ڪانگلڙو“ خوشيءَ جي موقعن تي ڳائجندڙ گيت آهي ۽ اهڙي طرح ”بادليئو“ ..... ”ورسارو“........ ۽” لُلُر ياڙي لو“...... وسڪاري جا گيت آهن.......... ٿر تي سڄيءَ سنڌ کي فخر آهي، جتي لوڪ گيت روايتن جا املهه خزانا آهن.... سنڌجي هن ڀاڱي تي سهڻي لطيف کي فخر هو، جنهن سُر ”سارنگ“...... ”ڏهر“ کان وٺي ”مارئي“ داستان کي شاعريءَ ۾ آڻي ٿر ۽ ٿر جي ڪردار ”مارئي“ کي ڪلا وسيلي امر ڪري ويوآهي. لوڪ گيت هڪ ناياب ورثو آهي.!............“ (تاجل بيوس)
ڪانگلڙو
تاجل بيوس
ڪانگلڙو، ڪانگلڙو،
ڪارونجهر جو ڪانگلڙو،
آتڻ منهنجي آيوآ......
کوڙ ر ملائي خوشبويون،
مصرين جي پاڻيءَ ۾ مون،
مٺڙو روٽ پچايو آ....
آتڻ منهنجي آيو آ.....
ڳانيون ڳچيءَ ۾ پائي ،
پير ۾ ڇلڙا پائي،
پرين ڪانگ اُڏايو آ....
آتڻ منهنجي آيو آ.....
ڪارنجهر جي ڪانگلڙي،
خاطُوءَ منهنجي کنيا تلڙي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻول ٻُڌايو آ.......
آتڻ منهنجي آيو آ.....
وڏ ڦڙئي جون واڌايون،
ڪانگل آهن ڪن لايون،
”بيوس“ سانگ سجايو آ......
آتن منهنجي آيو آ........
تاجل بيوس
ڪانگلڙو، ڪانگلڙو،
ڪارونجهر جو ڪانگلڙو،
آتڻ منهنجي آيوآ......
کوڙ ر ملائي خوشبويون،
مصرين جي پاڻيءَ ۾ مون،
مٺڙو روٽ پچايو آ....
آتڻ منهنجي آيو آ.....
ڳانيون ڳچيءَ ۾ پائي ،
پير ۾ ڇلڙا پائي،
پرين ڪانگ اُڏايو آ....
آتڻ منهنجي آيو آ.....
ڪارنجهر جي ڪانگلڙي،
خاطُوءَ منهنجي کنيا تلڙي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻول ٻُڌايو آ.......
آتڻ منهنجي آيو آ.....
وڏ ڦڙئي جون واڌايون،
ڪانگل آهن ڪن لايون،
”بيوس“ سانگ سجايو آ......
آتن منهنجي آيو آ........
”ڪانگلڙو“
اهي گيت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب سنڌ جي بئراجِي زمين واري حصي ۾ ٿر جي وچ واري ”مهراڻي“ جي خطي ۾ رائج آهي،ڪانگل کان احوال پُڇڻ، ۽ ڪانگ اُڏائڻ جي روايت سڄيءَ سنڌ ۾ آهي.....” اُڏ ڪانگا ! ، ڏي ٽپڪي، ڏيانءِ مٺي ٽِڪي“ جو واهپو، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين رهيو آهي ۽ اڃا به آهي...... ”ڪانگلڙو“ عورتن جو گيت آهي....”شل ڪو ڪانگ لنوين ۽ سڄڻ گهر اچن!..... ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتابي صورت ۾ اسانکي اهڙا ته لوڪ گيت ڏنا آهن جو سنڌي زبان ۽ سنڌي ٻولي صدين جي سفر کان پوءِ به زنده رهندي.. اهي گيت ۽ لطيف سائين جو رسالو سنڌڻ ماءُ جي ٻوليءَ کي ڪڏهن به گُم ٿيڻ نه ڏيندا...........
نوٽ: مٿيون لوڪ گيت ”ڪانگلڙو“ ۽ انهي لوڪ گيت جي باري ۾ حقيقتون مرحوم مهان شاعر محترم تاجل بيوس جي ڪتاب ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ جي ٿورن سان ورتا ويا آهن، توهان دوستن کي اهو ٻُڌائيندو هلان 856 صُفحن وارو هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت سنڌ، وارن تاجل بيوس اڪيڊمي ڪراچي سنڌ جي تعاون سان 1997ع دنيا جي سمورن سنڌين جي سامهون آندو ان وقت ان ڪتاب جي قيمت رعايتي مُلهه سان 300 روپيا هُئي، ۽ مان پنهنجي پگهار مان اهو ڪتاب خريد ڪيو هو، جڏهن پنهنجي پگهار مان 300 روپيا گهٽ ڪري مون پنهنجي مولائڻ ماسات مٺي ذات (شريڪ حيات ) کي ڏنا هُئا ته مونکي ياد پيو اچي هن انهيءَ ڳالهه تان خوب جهيڙو ڪيو هو مون سان!........ بهرحال ڪتاب هڪ اهڙو انمول خزانو آهي، جنهن جو ڪو ملهه ناهي هوندو، مان تمام سنڌي دوستن کي وينتي ٿو ڪريان ته دوستو سنڌي ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪري ضرور وٺڻ گهرجن ته جيئن توهان جي علم، توهان جي ادب، توهان جي فڪر ۽ اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي مان ۽ مرتبي ۾ اڃا به اضافو ٿئي. اهڙي طرح مرحوم تاجل بيوس جو هي ڪتاب به سنڌي قوم لاءِ هڪ خزانو آهي.........(نثارناز)